6
اِيئي رَي ڪري آئو تو آپي بالگون آݪِي ڪار مَسيح رَي شرُوعاتِي باتون ݾون آگھي بڌتا ھالون۔ ھمَي آپون نَي موت ڏيݾا لي جاوڻ آݪَي ڪومون ݾون توبھون ڪرڻ، ايشوَر تي وِشواس راکڻ، ‏2 پويتر سِنون، پراٿنا رَي ݾارُو ھاٿ راکڻ، مُوئوڙون رو جيتا ھوئڻ ھانَ ھميشا رِي عدالت رَي بارَي ۾ شرُوعاتِي باتون ڀڙي ݾيکاوڻ رِي ضرُورت ڪونھي۔ ‏3 جي ايشوَر رِي مرضِي ھوئِي، تو آپي اِيئون باتون ݾون آگھي بڌتا جاشون۔
‏4 جڪون مِنکون را من ھيڪ گُھمرو ݾچائي ݾون چمڪيا ھَي ھانَ جڪون نَي آڪاشِي برڪتون ھانَ پويتر آتما مِليو ھَي ‏5 ھانَ جڪون نَي ايشوَر رِي ڀلائي رَي باتون رِي ھانَ آوڻ آݪَي زمونَي ۾ ھوئڻ آݪَي موٽَي ڪومون رَي بارَي ۾ خبر پڙِي ھَي، ‏6 جي او وِشواس ڇوڙي ڦِري جاوَي، تو اُوئون نَي ڀڙي توبھون ڪراوڻ نامُمڪن ھَي ڪيونڪہ اِيئي نمُونَي او ايشوَر رَي ڏيڪرَي نَي ڀڙي ݾُولِي تي چاڙھي سريعام بي عِزتو ڪرَي ھَي۔
‏7 اُوئي زمين تي ايشوَر رِي برڪت ھووَي ھَي جڪو گھڙِي گھڙِي مي رو پوڻي پيئَي ھَي ھانَ ھاݪِي رَي ݾارُو فائدَي آݪِي پوک اُگاوَي ھَي، ‏8 پڻ جي او زمين ڪانڊيرا ھانَ ڪونٽون آݪا بَڻيا اُگاوَي، تو او ڪَي ڀِي ڪوم رِي ڪونھي ھانَ ڇيڪِي اُوئي تي لعنت ھووَي ھَي ھانَ او ٻاݪِي جاوَي ھَي۔
‏9 اي پيارَي ڀايون، مھي ڀلي اھڙَي باتون ڪرون، تو ڀِي مھونَي ٿونرَي ݾارُو اُوئون برڪتون رو پُورو ڀروسو ھَي جڪَي رو واسطو مُگتي ݾون ھَي۔ ‏10 ايشوَر بي اِنصاف ڪونھي ڪہ او ٿونرا ڪوم ھانَ او پريم پونترَي جڪو ٿون اُوئي رَي نون رَي ڪري اِيئي نمُونَي بتايو ڪہ وِشواسيون رِي شيوا ڪِي ھانَ اَڃون توڻي ڪرتا رو ھو۔ ‏11 مھورِي مرضِي ھَي ڪہ ٿون ۾ ھر ھيڪ مِنک پڇاڙِي توڻي اِيئي نمُونَي ڪوشش ڪرتو رَي ڪہ جڪَي باتون رِي ٿي اُميد راکو ھو، او پُورِي ھووَي۔ ‏12 اِيئي رَي ڪري ٿي سُست نِي ھوئو، پڻ اُوئون جھڙا ھوئو جڪو وِشواس ھانَ صبر رَي ڪري ايشوَر رَي واعدون را بارݾ ھووَي ھَي۔
ايشوَر رو پڪو واعدو
‏13 جڏي ايشوَر اڀراھيم ݾون واعدو ڪيئو، تو اُوئي آپرو ݾونݾ ليئو ڪيونڪہ ايشوَر ݾون ڪو ڀِي موٽو ڪونھي۔ ‏14 ايشوَر ڪھيو ڪہ،
”ھُون ٿنَي برڪت ماٿَي برڪت ڏئين ھانَ ٿارا اولاد تموم گھڻا بڌائين۔“
‏15 اڀراھيم صبر ڪيئو ھانَ اُوئي نَي واعدو ڪيئوڙِي برڪت ملِي۔ ‏16 مِنک تو آپ ݾون موٽَي رو ݾونݾ لَي ھَي ھانَ اُوئون رَي ھر ھيڪ بات رو آخري فيصلو ݾونݾ تي ھووَي ھَي۔ ‏17 اُوئيج نمُونَي ايشوَر ڀِي اِيئي رَي ڪري ݾونݾ ليئو ڪہ جڪون نَي واعدو ڪيئوڙَي برڪتون مِلئَي اُوئون تي اَڃون ڀِي چِٽو ظاھر ڪرَي ڪہ اُوئي رو اِرادو بدلتو ڪونھي۔ ‏18 اِيئي رَي ڪري ايشوَر رو واعدو ھانَ ݾونݾ ٻيئي بدليجتا ڪونھي ھانَ اُوئون رَي بارَي ۾ اَي ھوئي ڪونھي ݾگھتو ڪہ ايشوَر ڪُوڙ ٻولَي۔ ايشوَر اِيئون اِيئي رَي ڪري ڪيئو ڪہ آپي جڪو پناھ رَي ݾارُو اُوئي ڏيݾا ناٺا ھون، پُورَي ڀروسَي ݾون اُوئي اُميد تي پڪا رون جڪو آپون نَي ڏينوڙِي ھَي۔ ‏19 اَي اُميد آپڻِي جان رَي ݾارُو اھڙَي ٻيڙَي رَي لنگر آݪِي ڪار ھَي جڪو مضبُوط ھانَ پڪو ھَي۔ اَي اُميد آپون نَي پڙدَي لاري ݾجون ݾون پويتر جگھا ڏيݾا لي جاوَي ھَي، ‏20 جيٿ يسُوع ھميشا رَي ݾارُو مَلڪ صدق آݪِي ڪار ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھويو ھانَ آپڻَي ݾارُو آپون ݾون پيل گيو۔