5
ھر ھيڪ ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار اِيئي رَي ڪري چُونڊيو جاوَي ھَي ڪہ او مِنکون رَي ݾارُو ايشوَر رو شيواداري ھووَي ھانَ او ڀيٽائون ھانَ پاپون را ٻَليدون ڪرَي۔ 2 او پُوجاريون رو ݾردار بي ݾمجھ ھانَ ڀٽڪيوڙَي مِنکون ݾون نِوڙت ݾون بَئي ݾگھَي ھَي ڪيونڪہ او آپ ڀِي ٻيجون آݪِي ڪار ڪمزور ھووَي ھَي۔ 3 اِيئي رَي ڪري اُوئي تي فرض ھَي ڪہ جھڙَي نمُونَي او مِنکون رَي پاپون رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرَي ھَي اُوئيج نمُونَي او آپرَي پاپون رَي ݾارُو ڀِي ڪرَي۔ 4 ڪو ڀِي مِنک آپرِي مرضِي ݾون ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھوئي ڪونھي ݾگھتو جترِي توڻي ايشوَر اُوئي نَي ھارُون آݪِي ڪار ھيلو ڪري نِي راکَي۔ 5 اُوئيج نمُونَي مَسيح ڀِي آپرِي مرضِي ݾون ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ڪونھي ھويو پڻ ايشوَر اُوئي نَي اَي عِزت ڏينِي ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”تُو مھارو ڏيڪرو ھَي،
آج ݾون ھُون ٿارو پِتا ھون۔“
6 شاستر ۾ ڪَي ٻيجِي جگھا تي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ،
”تُو مَلڪ صدق آݪِي ڪار
ھميشا رَي ݾارُو ايشوَر رو پُوجاري ھَي۔“
7 جڏي پرڀُو يسُوع آپرِي جِسموني زندگِي ۾ اِيئي جگت ۾ ھتو، تو اُوئي زور ݾون روئي ھانَ پُڪاري ايشوَر ݾون پراٿنا ھانَ عرض ڪيئا۔ اُوئي نَي خبر ھتِي ڪہ ايشوَر اُوئي نَي موت ݾون بچائي ݾگھَي ھَي، تو ڀِي او آپرِي مرضِي تي ڪونھي بُوئو پڻ پراٿنا ڪِي ڪہ ايشوَر رِي مرضِي پُورِي ھووَي۔ نِموڻائِي ھانَ ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ رَي ڪري اُوئي رِي پراٿنا ݾُڻيجِي۔ 8 او ايشوَر رو ڏيڪرو ھتو، تو ڀِي اُوئي ڏُک ھانَ تڪليف برداش ڪري ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ ݾيکيو۔ 9 اِيئي نمُونَي او ڪامل ھويو ھانَ آپرَي ھر ھيڪ منڻ آݪَي نَي ھميشا رِي مُگتي ڏَي ھَي 10 ھانَ اُوئي نَي ايشوَر رَي طرفون مَلڪ صدق آݪِي ڪار ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ڪھيو۔
وِشواس تي پڪا ريوَڻ رِي ھدايت
11 مھونَي اِيئي رَي بارَي ۾ ٿونَي اَڃون گھڻو ڪئين ڪيوَڻو ھَي پڻ ٿونَي ݾمجھاوڻ ڏُکيا ھَي ڪيونڪہ ٿي ݾُڻڻ ۾ سُست ھويا را۔ 12 ھڻون توڻي ٿونَي اُستاد ھوئڻ کپَي، پڻ ٿي اَڃون اِيئي بات را مُحتاج ھو ڪہ ڪو ٻيجو ٿونَي ايشوَر رَي ݾُڻايوڙَي شرُوعاتِي باتون ڀڙي ݾيکاوَي۔ ٿي سخت کاڌو کاوڻ رَي بدلَي اَڃون توڻي ڏُوڌ پيئڻ رو ݾوچو ھو۔ 13 جڪو ڏُوڌ پيئَي ھَي او اَڃون توڻي نِنيو ٻاݪ ھَي ھانَ ݾچائي رَي باتون ݾمجھي ڪونھي ݾگھتو۔ 14 سخت کاڌو بالگون رَي ݾارُو ھووَي ھَي جڪو تجربَي ݾون اَي ݾمجھڻ رَي لائق ھويا ھَي ڪہ ڪِي صحيح ھَي ھانَ ڪِي غلط۔