آروم رو واعدو
4
ھمَي جڏي ايشوَر آروم ڏيوَڻ رو واعدو ڪيئو ھَي، تو آپون نَي ٻيئاجڻ کپَي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ٿون ۾ ڪو رئي جاوَي۔ ‏2 ڪيونڪہ جھڙَي نمُونَي آروم ڏيوَڻ آݪِي خُوشِي رِي خبر آپون نَي ݾُڻائِي اُوئيج نمُونَي اُوئون نَي ڀِي ݾُڻائِي ھتِي، پڻ اُوئي خُوشِي رِي خبر آݪَي نياپَي ݾون اُوئون نَي ڪو ڀِي فائدو ڪونھي ھويو ڪيونڪہ اُوئون وِشواس ݾون ڪونھي ݾُڻيو۔ ‏3 ھمَي آپي جڪو وِشواسي ھون آپون نَي اوج آروم ملَي ھَي جھڙَي نمُونَي ايشوَر ڪھيو ھتو ڪہ،
”مھَي ريݾ ۾ ݾونݾ ليئو ڪہ،
’او اُوئي مُلڪ ۾ جائي ڪونھي ݾگھَي
جيٿ ھُون اُوئون نَي آروم ڏيئون تو۔‘“
جڏي ايشوَر جگت نَي ٺاوڻ رو ڪوم پُورو ڪيئو، تو پَڇي اُوئي آروم نَي ڀِي تيار ڪيئو ھتو، ‏4 ڪيونڪہ شاستر ۾ ݾاتوين ڏِن رَي بارَي ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”ايشوَر ݾجائِي ڪوم پُورا ڪري ݾاتوين ڏِن آروم ڪيئو۔“
‏5 اَي اوج آروم ھَي جڪَي رِي بات ھووَي پڙِي ڪہ،
”او اُوئي مُلڪ ۾ جائي ڪونھي ݾگھَي
جيٿ ھُون اُوئون نَي آروم ڏيئون تو۔“
‏6 اِيئي رَي ڪري جڪون ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر پيل ݾُڻِي اُوئون نَي آپرِي نافرمونِي رَي ڪري او آروم ڪونھي مِليو۔ پڻ اَي آروم مِنکون رَي ݾارُو اَڃون توڻي موجُود ھَي۔ ‏7 اِيئي رَي ڪري تموم گھڻَي ٽيم ݾون پَڇي ايشوَر ڀڙي ھيڪ خاص ڏِن چُونڊيو جڪَي نَي دائُود رَي شاستر ۾ ”آج“ ڪھيوڙو ھَي، جھڙَي نمُونَي شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جي آج ٿي ايشوَر رو آواز ݾُڻو،
تو آپرا من ڪاٺا نِي ڪريا۔“
‏8 جي يشُوع اُوئون نَي ڪنعان مُلڪ ۾ لائي آروم ڏينو ھووَنت، تو ايشوَر ڪَي ٻيجَي ڏِن رِي بات ڪونھي ڪرون تو۔ ‏9 اِيئي رَي ڪري ايشوَر رَي مِنکون رَي ݾارُو اھڙو آروم رو ڏِن اَڃون باقي ھَي جڪو پويتر ڏِن جھڙو ھَي۔ ‏10 ڪيونڪہ جڪَي نَي ايشوَر رو واعدو ڪيئوڙو آروم مِليو اُوئي نَي آپرو ڪوم پُورو ڪري آروم مِليو جھڙَي نمُونَي ايشوَر آروم ڪيئو۔ ‏11 اِيئي رَي ڪري آئو تو آپي اُوئي آروم ۾ جاوڻ رِي ڪوشش ڪرون، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ آپون ۾ ڪو ٻاپ ڏاڏون رَي نمُونَي تي بَئي نافرمونِي ڪرَي ھانَ اُوئي نَي او آروم نِي ملَي۔
‏12 ايشوَر رو شُٻڌ جيتو، اَثر ڪرڻ آݪو ھانَ ڪَي ڀِي ٻي ڌارِي تلوار ݾون وڌيڪ تِکو ھَي جڪو جان نَي آتما ݾون ھانَ ݾَنڌون نَي رگون ݾون ڌار ڪرَي ھَي۔ او من را خيال ھانَ اِرادا جوڻَي ھَي۔ ‏13 ايشوَر ݾون ڪو ڀِي شئي لِڪيوڙِي ڪونھي پڻ ھر ھيڪ شئي اُوئي رِي نظر ۾ بِنا پڙدَي کُليوڙِي ھَي ھانَ اوج آپون ݾون حِساب ليشَي۔
ايشوَر رَي پُوجاريون رو موٽو ݾردار
‏14 آپڻو ݾجون ݾون موٽو ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار، ايشوَر رو ڏيڪرو يسُوع ھَي جڪو آڪاش تي جائي ايشوَر ڪڍي ٻيٺو۔ آئو تو آپي اُوئي نَي مِنکون رَي رُوبرو منون ھانَ آپرَي وِشواس تي پڪا رون۔ ‏15 او ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار اھڙو ڪونھي جڪو آپڻَي ڪمزوريون ۾ آپڻو مددگار نِي ھووَي پڻ او آپون آݪِي ڪار ھر ھيڪ بات ۾ آزمايو گيو، تو ڀِي او بي ڏوھي رھيو۔ ‏16 اِيئي رَي ڪري آئو تو آپي ايشوَر رَي ڪِرپا آݪَي تخت آگھي دليرِي ݾون ھالون ڪہ او آپون تي دايا ھانَ ڪِرپا ڪري ضرُورت رَي ٽيم آپڻو مددگار ھووَي۔