وِشواسيون رَي ذميوارَي
5
ڪَي موٽِي عُمر آݪَي نَي ڇينڀ نِي، پڻ ٻاپ ݾمجھي ھدايت ڪر ھانَ نوجوانون نَي ڀائي ݾمجھي ھدايت ڪر۔ 2 موٽِي عُمر آݪَي لُگايون نَي ما ݾمجھي ھدايت ڪر ھانَ نوجوان ڇوڪريون نَي پويتر ݾوچ ݾون ٻائِي ݾمجھي ھدايت ڪر۔3 اُوئي رونڏٻير رو خيال راک جڪَي رو واقعي ڪو ڀِي سھارو ڪونھي ھَي۔ 4 جي ڪَي رونڏٻير رو ڏيڪرو، ڏيڪرَي جون اُوئون را اولاد ھووَي، تو ݾجون ݾون پيل اُوئون رو فرض ھَي ڪہ او اُوئي رونڏٻير رِي ݾنڀال ڪرَي ھانَ اِيئون ڪري آپرَي ما ٻاپ رو حق پُورو ڪرَي ڪيونڪہ اِيئون ڪرڻ ݾون ايشوَر خُوش ھووَي ھَي۔ 5 اھڙِي رونڏٻير جڪو واقعي ھيکلِي ھَي ھانَ اُوئي رو ڪو ڀِي سھارو ڪونھي جڪو اُوئي رِي ݾنڀال ڪرَي، او ايشوَر تي اُميد راکَي ھَي ھانَ او ڏِن رات ايشوَر ݾون عرض ھانَ پراٿنائون ڪرتِي رَي ھَي۔ 6 پڻ جڪو رونڏٻير عياشِي ݾون بَي ھَي، او جيتَي جِي مُوئوڙِي ھَي۔ 7 تُو مِنکون نَي اِيئون باتون رو حُڪم ڏي ڪہ اُوئون تي ڪو ڀِي الزوم نِي لاگَي۔ 8 جي ڪُڻ آپرون ھانَ خاص ڪري آپرَي گھر رِي ݾنڀال ڪونھي ڪري ݾگھتو، تو او آپرَي وِشواس ݾون ڦِريوڙو ھَي۔ اھڙو مِنک غير وِشواسيون ݾون ڀِي وڌيڪ بُڇڙو ھَي۔
9 اُوئيج رونڏٻير رو نون لِسٽ ۾ لِکيا جڪَي رِي عُمر سٺ ݾال ݾون وڌيڪ ھووَي ھانَ جڪو آپرَي ڌڻِي ݾون وفادار ھتِي۔ 10 مِنک اُوئي رَي نيڪ ڪومون رِي بکوڻ ڪرتا ھووَي، مِثال ٻاݪون رِي ݾنڀال، پرديسي رِي ميموڻِي، ايشوَر رَي نيڪ مِنکون را پگ ڌوئڻ، مُصيبت ۾ ڦاٿوڙَي مِنکون رِي مدد ڪرڻ ھانَ نيڪ ڪومون رِي ڪوشش ڪرڻ۔ 11 پڻ جڪَي رونڏٻير رِي عُمر سٺ ݾال ݾون گھٽ ھَي اُوئون را نون نِي لِکيا ڪيونڪہ اُوئون ۾ ڪئين بيئان نِي ڪرڻ رو واعدو پونتري مَسيح رِي شيوا ڪرڻ ڇوڙي ڏَي ھَي ھانَ آپرَي جِسموني خواھشون پُورَي ڪرڻ رَي ݾارُو بيئان ڪرڻ رو ݾوچَي ھَي۔ 12 اِيئي نمُونَي او ايشوَر رَي ڏوھاري ھووَي ھَي ڪيونڪہ اُوئون آپرو واعدو توڙيو ھَي۔ 13 اِيئي ݾون ٽاݪ گھر گھر جائي اجايو ٽيم کوٽِي ڪرڻ اُوئون رِي عادت ھوئي جاوَي ھَي۔ نِي رُگو اَي پڻ اجائَي باتون ڪرتَي رَي ھَي ھانَ ٻيجون رَي ڪوم ۾ ٽونگ اَڙائي اھڙَي باتون ڪرَي ھَي جڪو نِي ڪرڻ کپَي۔ 14 اِيئي رَي ڪري مھارِي مرضِي ھَي ڪہ نوجوان رونڏٻيرون ڀڙي بيئان ڪرَي، ٻاݪ جِڻَي ھانَ آپرو گھر ݾنڀالَي، اِيئي نمُونَي او ڪَي ڀِي مِنک نَي گِلا ڪرڻ رو موقعيو نِي ڏَي۔ 15 ھُون اَي اِيئي رَي ڪري ڪونھ پڙيو ڪہ اِيئي ݾون پيل ڪئينڪہ رونڏٻيرون گُھمراھ ھوئي شيطون لاري بيوَڻ آݪَي ھوئَي ھَي۔ 16 جي ڪَي وِشواسي لُگائِي رَي خاندان ۾ رونڏٻير ھووَي، تو اوج اُوئي رِي مدد ڪرَي۔ مَنڊلِي تي اُوئي رو بوجھ نِي ھوئڻ کپَي ڪہ مَنڊلِي اُوئون رونڏٻيرون رِي مدد ڪري ݾگھَي جڪون رو ڪو ڀِي سھارو ڪونھي۔
17 جڪو اَگووڻ ݾُٺَي نمُونَي وِشواسي مَنڊلِي رِي ݾنڀال ڪرَي ھَي خاص ڪري او جڪو پرچار ڪرڻ ھانَ ݾيکاوڻ رو ڪوم محنت ݾون ڪرَي ھَي اُوئون نَي عِزت ڏي ٻيڻِي مزُورِي ڏيئو۔ 18 ڪيونڪہ شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جڏي ڍگو ھَلر ۾ ھَي، تو اُوئي رو مونڏو نِي ٻونڌو۔“
ھانَ اَي ڀِي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”مزُور آپرِي مزُورِي رو حقدار ھَي۔“
19 جي ڪَي اَگووڻ تي الزوم لاگَي، تو جترِي توڻي ٻي جون تين گواھ نِي ھووَي، تو اُوئي رِي نِي ݾُڻ۔ 20 پَڇي جي ڪو ڏوھ ثابت ھووَي، تو اُوئي نَي ݾجَي وِشواسيون رَي رُوبرو ڇِڻڀ ڏي ھدايت ڪر ڪہ ٻيجا ڀِي ٻيئاجَي۔
21 ھُون ٿنَي ايشوَر، مَسيح يسُوع ھانَ چُونڊيوڙَي فريشتون رَي رُوبرو حُڪم ڏيئون ھون ڪہ تُو ڪيرِي ڀِي طرفداري نِي ڪري ھانَ پيل ݾون فيصلو ڪرڻ بِنا، اِيئون باتون تي بَئي۔ 22 ڪَي ڀِي مِنک نَي ايشوَر رو شيوادار راکڻ رَي ݾارُو ڇيڪو اُوئي تي ھاٿ نِي راکي۔ ٻيجون رَي پاپون ۾ شامل نِي ھوئي ھانَ آپرو آپنَي ھر الزوم ݾون بچائي راکي۔
23 تُو گھڻو ڪري بيمار رَي ھَي ھانَ ٿارو پيٽ ڀِي خراب رَي ھَي اِيئي رَي ڪري تُو رُگو پوڻي نِي پيتو ڪر پڻ ڀيڙو ڀيڙو ٿوڙيو انگُورون رو رس ڀِي پيتو ڪر۔