ڪُوڙا گُرو
4
پويتر آتما چِٽو ݾُڻاوَي ھَي ڪہ آخري ڏِنون ۾ ڪئينڪہ مِنک گُھمراھ ڪرڻ آݪَي آتمائون ھانَ شيطونِي ݾيکايوڙَي باتون تي ڌھيون لگائي وِشواس ݾون ڦِري جاشَي۔ 2 اھڙَي باتون اُوئون ڪُوڙَي مِنکون رَي دوکَي رَي ڪري ھوشَي جڪون رَي من تي شيطون اُونَي لوھ را ڏونڀ ڏي اَي ظاھر ڪيئو ھَي ڪہ او اُوئي را آپرا ھَي۔ 3 اھڙا مِنک بيئان ڪرڻ ݾون پالَي ھَي ھانَ اُوئي کاوڻ آݪَي شيون ݾون پالَي ھَي جڪون نَي ايشوَر اِيئي رَي ڪري ٺاھئَي ڪہ وِشواسي ھانَ ݾاچ نَي اوݪکڻ آݪا شُڪر ڪري کاوَي۔ 4 ايشوَر جڪو ڀِي ٺاھيو ھَي او ݾُٺو ھَي ھانَ اُوئي رو اِنڪار نِي ڪرڻ کپَي، پڻ ضرُوري ھَي ڪہ اُوئي نَي ايشوَر رو شُڪر ڪري کاوَي 5 ڪيونڪہ او ايشوَر رَي شُٻڌ ھانَ مِنکون رِي پراٿنا ݾون پويتر ھوئي جاوَي ھَي۔مَسيح يسُوع رو ݾُٺو شيواداري
6 جي تُو وِشواسيون نَي اَي باتون ياد ڏيراوتو رئِي، تو مَسيح يسُوع رو ݾُٺو شيواداري ھوئِي ھانَ وِشواس ھانَ ݾُٺَي باتون ݾيکي آگھي بڌتو جائِي، جڪون تي تُو پيل ݾون بيتو آيو ھَي۔ 7 پڻ اجائَي ھانَ ڪُوڙَي باتون تي ڌھيون نِي ڏي پڻ ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ رِي ڪوشش ڪر۔ 8 ݾَرير نَي ݾنڀالڻ رو فائدو گھٽ ھَي پڻ ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ ۾ ݾجَي باتون رو فائدو ھَي ڪيونڪہ ھڻون رِي ھانَ آوڻ آݪِي زندگِي رو واعدو ڀِي اِيئي رَي ݾارُو ڪيئوڙو ھَي۔ 9 اَي بات ݾاچِي ھَي ھانَ اَي پُورَي نمُونَي قبُول ڪرڻ کپَي۔ 10 اِيئي رَي ڪري آپي ڪوشش ھانَ تموم گھڻِي محنت ڪرتا رون ھون ڪيونڪہ آپڻِي اُميد اُوئي جيتَي ايشوَر تي ھَي جڪو ݾجَي مِنکون رو ھانَ خاص ڪري وِشواسيون رو مُگتي داتا ھَي۔
11 تُو مِنکون نَي اَي باتون ݾيکا ھانَ اُوئون تي بيوَڻ رو حُڪم ڏي۔ 12 ڪو ڀِي ٿارِي جوانِي رَي ڪري ٿنَي بي عِزتو نِي ڪرَي پڻ تُو پرچار ڪرڻ، چال چلن، پريم، وِشواس ھانَ پويتر ھوئڻ ۾ وِشواسيون رَي ݾارُو نمُونو ھو۔ 13 جترِي توڻي ھُون نِي آئُون، اُترِي توڻي تُو مِنکون نَي شاستر پڙھي ݾُڻائي، ھدايت ڪرتو رَي ھانَ ݾيکاوتو رَي۔ 14 جڪو نعمت ٿنَي وِشواسي مَنڊلِي رَي اَگووڻون رَي ھاٿ راکڻ ݾون ايشوَر رَي طرفون مِلي ھَي، او پونتري نِي۔ 15 اِيئون باتون تي ڌھيون ڏي ھانَ اِيئون تي بيتو رَي ڪہ ݾجَي مِنکون ۾ ٿارِي ترقي ڏيکيجَي۔ 16 آپنَي ھانَ او باتون پَرکتو رَي جڪو ٿَي ݾيکئَي ھَي ھانَ اُوئون باتون تي پڪو رَي ڪيونڪہ اِيئون ڪرڻ ݾون ٿنَي ھانَ ݾُڻڻ آݪون نَي مُگتي ملشَي۔