ڀگتي رَي بارَي ۾ ھدايت
2
ھُون ݾجون ݾون پيل ھر ھيڪ نَي اَي ھدايت ڪرون ھون ڪہ سِفارشون، پراٿنائون، درخواستون ھانَ شُڪر گُذارَي ڪرو۔ 2 خاص ڪري بادشاھون ھانَ ݾجَي اَگووڻون رَي ݾارُو ڀِي پراٿنا ڪرو ڪہ آپي ھر نمُونَي رِي نيڪِي، عِزت، آروم ھانَ ݾُک آݪِي زندگِي گُذارون۔ 3 اَي بات ݾُٺِي ھَي ھانَ آپڻَي مُگتي داتا ايشوَر نَي ڀِي پسند ھَي۔ 4 اُوئي رِي مرضِي ھَي ڪہ ھر ھيڪ نَي مُگتي ملَي ھانَ او ݾاچ نَي اوݪکَي 5 ڪيونڪہ ايشوَر ھيڪج ھَي، ايشوَر ھانَ مِنکون رِي صُلح ڪراوڻ آݪو ڀِي ھيڪج ھَي يعني مَسيح يسُوع جڪو اِنسون ھَي، 6 جڪَي ݾجون نَي مُگتي ڏيوَڻ رَي ݾارُو آپرو آپنَي بدلَي ۾ ڏينو ڪہ اُوئي رو اَي ٻَليدون گواھِي ھووَي جڪو صحيح ٽيم تي ڏينوڙِي ھَي۔ 7 اِيئي رَي ڪري مھنَي ٻيجَي قومون رَي ݾارُو اِيئي گواھِي رو سنت ھانَ اُستاد چُونڊيو ڪہ اُوئون نَي وِشواس ھانَ ݾاچ رَي باتون ݾيکائُون۔ ھُون ڪُوڙ ڪونھي ٻولتو پڻ ݾاچ ٻولون پڙيو۔8 مھارِي مرضِي ھَي ڪہ ٿي جڏي ڀِي ڀگتي رَي ݾارُو ڀيڙا ھوئو ھو، تو اھڙا آڏمي ھاٿ کڻي پراٿنا ڪرَي جڪو ريݾ راکڻ آݪا ھانَ جھيڙالُو نِي ھووَي پڻ او ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ آݪا ھووَي۔
9 اِيئي نمُونَي لُگائَي نِي باݪ گُوٿَي، نِي ݾونَ، نِي موتي ھانَ نِي قيمتي گاڀا پيرڻ تي ڌھيون ڏَي پڻ حيا آݪا گاڀا پيري، عِزت ھانَ پرھيزگارِي ۾ آپرو آپنَي ݾينگھارَي۔ 10 او آپرو آپنَي نيڪ ڪومون ۾ ݾينگھارَي جھڙَي نمُونَي ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ آݪَي لُگائَي ڪرَي ھَي۔ 11 لُگايون نَي خاموشِي ھانَ پُورَي ڪيوَڻ ۾ رئي ݾيکڻ کپَي۔ 12 ھُون موڪل ڪونھي ڏيتو ڪہ لُگائَي آڏميون نَي ݾيکاوَي جون اُوئون تي حُڪم ھلاوَي پڻ او خاموش رَي۔ 13 ڪيونڪہ پيل آدم ٺاھيجو ھانَ اُوئي ݾون پَڇي حوا۔ 14 آدم شيطون ݾون دوکو ڪونھي کاڌو پڻ لُگائِي دوکو کاڌو ھانَ ايشوَر رو حُڪم توڙي پاپ ڪيئو۔ 15 اِيئي رَي ڪري لُگائَي بيشڪ بيئان ڪرَي ھانَ ٻاݪ جِڻَي، تو ڀِي اُوئون نَي مُگتي ملشَي پڻ شرط اَي ھَي ڪہ او وِشواس ݾون، پريم راکي ھانَ پويتر رئي نيڪ زندگِي گُذارَي۔