3
اِيئي رَي ڪري جڏي مھي ٿون ݾون گھڻِي دير اݪگا رئي ڪونھي ݾگھيا، تو مھون اَٿيني شھر ۾ ھيکلا ريوَڻ رو فيصلو ڪيئو۔ 2 مھون تيمٿيس نَي ٿون ڪڍي ميليو جڪو مھورو ڀائي ھانَ مَسيح رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرڻ ۾ ايشوَر رو شيواداري ھَي۔ مھورو مقصد ھتو ڪہ او ٿونرو وِشواس پڪو ڪرَي ھانَ ٿونرِي ھِمت بڌاوَي۔ 3 مھورِي مرضِي ڪونھي ھتِي ڪہ اِيئون ڏُکون رَي ڪري ڪو مِنک بي ھِمٿو ھووَي ڪيونڪہ ٿونَي آپ خبر ھَي ڪہ اَي ڏُک ضرُور آشَي۔ 4 جڏي مھي ٿون ڪڍي ھتا، تو ٿونَي ڪيتا ڪہ مھونَي ڏُک ملشَي ھانَ ٿونَي خبر ھَي ڪہ اِيئوج ھويو۔ 5 اِيئي رَي ڪري جڏي ھُون رئي ڪونھي ݾگھيو، تو تيمٿيس نَي ٿونرَي وِشواس رو حال پُوڇڻ رَي ݾارُو ٿون ڪڍي ميليو۔ مھنَي اَي ٻِي ھتو ڪہ متان شيطون ٿونَي برگلايا ھووَي ھانَ مھورِي محنت اجائِي گئِي ھووَي۔6 پڻ ھمَي تيمٿيس مھون ڪڍي پاڇو آيو ھَي ھانَ اُوئي مھونَي ٿونرَي وِشواس ھانَ پريم رَي بارَي ۾ ݾُٺِي خبر ݾُڻائِي ھَي۔ اُوئي ݾُڻايو ڪہ ٿي ھميشا من ݾون مھونَي ياد ڪرو ھو ھانَ ٿونَي مھون ݾون مِلڻ رِي ݾِڪ ھَي جھڙَي نمُونَي مھونَي ڀِي ھَي۔ 7 اِيئي رَي ڪري اي وِشواسيون، مھونَي ھر ڏُک ۾ ھانَ مُصيبت ۾ ٿونرَي وِشواس رَي ڪري ٿونرَي بارَي ۾ مھونَي تسلِي ملِي۔ 8 ھمَي مھي ݾُک رو ݾاݾ لي ݾگھون ھون ڪيونڪہ ٿي پرڀُو يسُوع تي پڪو وِشواس راکو ھو۔ 9 مھونَي جڪو خُوشِي ٿونرَي ڪري مھورَي ايشوَر آگھي ملِي ھَي، اُوئي رَي ݾارُو مھي ايشوَر رو تموم گھڻو شُڪر ڪرون ھون۔ 10 مھي ڏِن رات پراٿنا ڪرتا رون ھون ڪہ ٿون ݾون مِلون ھانَ ٿونرَي وِشواس رِي گھٽتائِي پُورِي ڪرون۔
11 ھمَي آپڻو آڪاشِي پِتا ايشوَر آپ ھانَ آپڻو پرڀُو يسُوع ڪو اھڙو موقعيو ڏَي جڪَي ݾون مھي ٿون ڪڍي آئي ݾگھون۔ 12 پرڀُو يسُوع ڪرَي ڪہ جون ٿون ݾون مھورو پريم ھَي اُوئيج نمُونَي ٿونرو پريم ڀِي آپت ۾ ھانَ ٻيجون ݾون اَڃون ڀِي وڌيڪ ھوتو رَي 13 ھانَ او ٿونرا من اھڙا مضبُوط ڪرَي ڪہ جڏي آپڻو پرڀُو يسُوع آپرَي ݾجَي نيڪ مِنکون ڀيڙو آوَي، تو ٿي مھورَي آڪاشِي پِتا ايشوَر آگھي پويتر ھانَ بي عيب رو۔