ٿيسلينڪي شھر ۾ پولُوس رو پرچار
2
اي وِشواسيون، ٿونَي تو خبر ھَي ڪہ مھورو ٿون ڪڍي آوڻ تموم گھڻو فائدَي آݪو ھويو۔ 2 ٿونَي خبر ھَي ڪہ فِلپي شھر ۾ مھونَي ڏُک مِليا ھانَ مھورِي بي عِزتي ھوئِي ھانَ مِنک مھورَي خلاف ھويا، پڻ تو ڀِي ايشوَر مھونَي ھِمت ڏينِي ڪہ مھي ٿون ۾ ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرون 3 ڪيونڪہ مھون ٿونَي خراب نيت، ڀٽڪاوڻ، دوکو ڏيوَڻ رَي ݾارُو ھدايت ڪونھي ڪِي۔ 4 پڻ ايشوَر مھونَي قبُول ڪري آپرِي خُوشِي رِي خبر مھورَي حوالي ڪِي ھانَ مھون اوج پرچار ڪيئو۔ مھي مِنکون نَي خُوش ڪرڻ رَي ݾارُو ڪونھي ڪرتا پڻ ايشوَر نَي جڪو آپڻا من آزماوَي ھَي۔ 5 ٿونَي خبر ھَي ڪہ مھون ڪڏي ڀِي پرچار رَي ڪوم ۾ خُوشامد ڪونھي ڪِي ھانَ نَڪو آپرَي من ۾ لالچ راکِي۔ ايشوَر اِيئي باتون رو گواھ ھَي۔ 6 مھون نَڪو مِنکون ݾون، نَڪو ٿون ݾون ھانَ نَڪو ڪَي ٻيجَي ݾون آپرِي عِزت ڪرائِي۔ مھي مَسيح را خاص چيلا ھوئڻ رَي ڪري ٿون تي آپرو ڀار راکي ݾگھتا 7 پڻ جھڙَي نمُونَي ما آپرا ٻاݪ پاڙَي ھَي اُوئيج نمُونَي مھي ٿون ۾ نِموڻا ھوئي رھيا۔ 8 مھي ٿون ݾون اِترو پريم ڪرتا ڪہ مھون نِي رُگو ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي پڻ ٿونرَي ݾارُو آپرِي جان ڏيوَڻ رَي ݾارُو ڀِي تيار ھتا ڪيونڪہ ٿي مھورا وڌيڪ پيارا ھتا۔ 9 اي وِشواسيون، ٿونَي مھورِي او سخت محنت ياد ھوشَي جڏي مھي ڏِن رات مزُورِي ڪرتا ڪہ ٿون ڀيڙا رئي ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائُون پڻ ڪَي تي ڀار ڪونھي ھويا۔ 10 ٿي ھانَ ايشوَر اِيئي باتون را گواھ ھو ڪہ مھي نيڪ، ݾاچا ھانَ بي عيب ھوئي ٿون وِشواسيون ڀيڙا رھيا۔ 11 ٿونَي خبر ھَي ڪہ جھڙو سلُوڪ ٻاپ آپرَي ٻاݪون ݾون ڪرَي ھَي اِيئوج مھون ٿون ݾون ڪيئو ھانَ ٿون ۾ ھر ھيڪ نَي ھدايت ڪرتا، ھِمت ڏيتا ھانَ ݾمجھاوتا رھيا 12 ڪہ ٿي آپرِي زندگِي ۾ اِيئون بو جڪو ايشوَر نَي پسند آوَي ڪيونڪہ اوج ٿونَي آپرِي مھما آݪِي بادشاھي ۾ ڀيڙا ڪرڻ رَي ݾارُو اَڻاوَي ھَي۔ 13 اِيئي رَي ڪري مھي ڀِي ھميشا ايشوَر رو شُڪر ڪرون ھون ڪہ جڏي ٿون مھون ݾون ايشوَر رو پرچار ݾُڻيو، تو او اِنسون رِي بات نا، پڻ جون او حقيقت ۾ ھَي ايشوَر رِي بات ݾمجھي قبُول ڪِي۔ اوج پرچار ٿون وِشواسيون ۾ ڪوم ڀِي ڪرَي ھَي۔ 14 اي وِشواسيون، ٿي ايشوَر رَي اُوئون وِشواسي مَنڊليون آݪِي ڪار ھويا ھو جڪو يھُوديا صُوبَي ۾ مَسيح يسُوع تي وِشواس راکَي ھَي ڪيونڪہ ٿونَي آپرِي قوم ݾون اوج ڏُک مِليا جڪو اُوئون نَي يھُوديون ݾون مِليا ھتا۔ 15 يھُوديون، پرڀُو يسُوع نَي ھانَ نبيون نَي ڀِي ماري ڇوڙيا ھانَ مھونَي ڏُک ڏي ڪاڍي ڇوڙيا۔ اُوئون ايشوَر نَي ناراض ڪيئو ھانَ ݾجَي مِنکون رَي خلاف ھويا۔ 16 او مھونَي ٻيجَي قومون ۾ پرچار ڪرڻ ݾون پالتا اِيئي رَي ڪري ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ٻيجَي قومون نَي ڀِي مُگتي ملَي۔ اِيئي نمُونَي يھُوديون را پاپ تموم گھڻا ھوئڻ لاگا ھانَ اُوئون تي ايشوَر رو ڪھر آيو۔پولُوس رِي ٿيسلينڪي جاوڻ رِي مرضِي
17 اي وِشواسيون، جڏي مھي ٿون ݾون ٿوڙَي ٽيم رَي ݾارُو دِل ݾون نا، پڻ جِسموني نمُونَي ڌار ھويا، تو مھونَي ٿونرِي تموم گھڻِي ݾِڪ لاگِي ھانَ ٿون ݾون ڀڙي مِلڻ رِي تموم گھڻِي ڪوشش ڪِي۔ 18 اِيئي رَي ڪري مھون يعني مھَي پولُوس ٿون ڪڍي آوڻ رِي گھڙِي گھڙِي ڪوشش ڪِي پڻ شيطون مھونَي پالتو رھيو۔ 19 اُوئي ڏِن مھورِي اُميد، خُوشِي ھانَ مونَ ٿيج ھوشو جڪَي ڏِن پرڀُو يسُوع آشَي ھانَ آپي ݾجائِي اُوئي آگھي حاضر ھوشون۔ 20 اِيئي بات ۾ ڪو ڀِي شَڪ ڪونھي ڪہ ٿي مھورو مونَ ھانَ خُوشِي ھو۔