ٿيسلينڪيُون رَي نون پيلڪو خط
جَئي پرڀُو رِي
1
اَي خط پولُوس، سِلوانُس ھانَ تيمٿيس رَي طرفون ٿيسلينڪي شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي رَي نون ھَي، جڪو ايشوَر پِتا ھانَ پرڀُو يسُوع مَسيح تي وِشواس راکَي ھَي، ٿون تي ايشوَر رِي ڪِرپا ھووَي ھانَ او ٿونَي ݾاجا ݾُورا راکَي۔وِشواسي مَنڊلِي رَي ݾارُو ايشوَر رو شُڪر
2 ٿون ݾجون رَي ݾارُو مھي ھميشا ايشوَر رو شُڪر ڪرون ھون ھانَ ٿونَي آپرَي پراٿنائون ۾ ياد راکون ھون۔ 3 مھي آپرَي آڪاشِي پِتا ايشوَر آگھي ھر ٽيم ٿونَي ياد ڪرون ھون ڪيونڪہ ٿي صبر ݾون پرڀُو يسُوع مَسيح تي اُميد راکي وِشواس ݾون ڪوم ڪرو ھو ھانَ آپرَي پريم رَي ڪري محنت ݾون ڀلائي ڪرو ھو۔ 4 اي وِشواسيون ھانَ ايشوَر رَي پيارون، مھونَي خبر ھَي ڪہ ايشوَر ٿونَي چُونڊيا ھَي۔ 5 اِيئي رَي ڪري مھون ٿونَي نِي رُگو باتون ݾون خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي پڻ قُدرت، پويتر آتما ھانَ پُورَي وِشواس ݾون ݾُڻائِي ھَي۔ ٿونَي خبر ھَي ڪہ جڏي مھي ٿون ڀيڙا ھتا، تو مھون ٿونرَي ڪري ڪيڪر زندگِي گُذارِي ھتِي۔ 6 ٿونَي ڏُک مِليا، پڻ تو ڀِي ٿون مھورو پرچار اُوئي خُوشِي ݾون قبُول ڪيئو جڪو پويتر آتما ݾون ملَي ھَي۔ اِيئي نمُونَي ٿي مھون آݪِي ڪار ھانَ پرڀُو جھڙا ھوئي گيا 7 ھانَ ٿي مَڪدُونيا ھانَ اَخيا صُوبَي رَي ݾجَي وِشواسيون رَي ݾارُو نمُونو ھويا۔ 8 ٿونرَي وسيلَي مِلڻ آݪو پرڀُو رَي بارَي ۾ نياپو، نِي رُگو مَڪدُونيا ھانَ اَخيا صُوبَي ۾ پکڙيو پڻ ٿونرو ايشوَر تي وِشواس ھر جگھا اھڙو مشھُور ھويو ڪہ مھونَي ڪئين ڪيوَڻ رِي ضرُورت ڪونھي، 9 ڪيونڪہ مِنک مھورَي بارَي ۾ آپ ݾُڻاوَي ھَي ڪہ جڏي مھي ٿون ڪڍي آيا، تو ٿون مھونَي خُوشِي ݾون قبُول ڪيئا ھانَ ڪيڪر مُورتيون نَي ڇوڙي ايشوَر ڏيݾا آيا ڪہ جيتَي ھانَ ݾاچَي ايشوَر رِي ڀگتي ڪرو 10 ھانَ ايشوَر رَي ڏيڪرَي يعني پرڀُو يسُوع رو آڪاش ݾون آوڻ رو اِنتظار ڪرتا رو، جڪَي نَي ايشوَر مُوئوڙون ݾون ڀڙي جيتو ڪيئو ھانَ اوج آپون نَي آوڻ آݪِي سزا ݾون بچاوَي ھَي۔