3
اِيئي رَي ڪري جي ٿي مَسيح ڀيڙا جيتا ھويا ھو، تو اُوئون شيون رِي تلاش ڪرو جڪو ݾُرگ ۾ ھَي ھانَ جيٿ مَسيح ايشوَر رَي ݾاجَي ھاٿ عِزت ھانَ اِختياري ݾون ٻيٺو ھَي۔ 2 ٿي ݾُرگ رَي شيون رَي بارَي ۾ ݾوچو، نِي ڪہ اُوئون شيون رَي بارَي ۾ جڪو دُنيا ۾ ھَي۔ 3 ڪيونڪہ ٿونرِي پِروڻِي زندگِي ختم ھوئِي رِي ھانَ ٿونرِي حقيقي زندگِي ايشوَر ۾ مَسيح رَي وسيلَي ھَي۔ 4 ھمَي مَسيح ٿونرِي زندگِي ھَي اِيئي رَي ڪري جڏي او ڀڙي آشَي، تو ٿي اُوئي رِي مھما ۾ ڀيڙا ھوشو۔نُوئِي زندگِي
5 اِيئي رَي ڪري ٿي آپرَي پِروڻَي عادتون ڇوڙو يعني زنا، پليتائِي، عياشِي، بُڇڙَي خواھشون ھانَ لالچ۔ لالچ، مُورتِي پُوجا رَي برابر ھَي۔ 6 اھڙَي پاپيون تي ايشوَر رو ڪھر ھووَي ھَي۔ 7 پيل ٿون ۾ اھڙَي خواھشون ھتَي ھانَ ٿي ڀِي اِيئوج بيتا۔
8 پڻ ھمَي ٿي اَي ݾجائِي ڇوڙو يعني ريݾ، ڪھر، دُشمنِي، گِلا ھانَ گاݪون ڏيوَڻ۔ 9 ھيڪَي ٻيجَي ݾون ڪُوڙ نِي ٻولو ڪيونڪہ ٿون آپرَي پِروڻَي عادتون اُوئون رَي ڪومون ݾُوڌو ڇوڙي ڏينَي ھَي۔ 10 ھمَي آپون نَي نُوئَي عادتون مِلئَي ھَي ھانَ اَي عادتون آپون نَي پيدا ڪرڻ آݪَي ايشوَر رَي خُوبيون تي نُوئَي ھوتَي جاوَي پڙئَي ڪہ آپي ايشوَر رِي اوݪکوڻ ۾ بڌتا جائُون۔ 11 اِيئي نُوئِي زندگِي ۾ اِيئي بات رو ڪو ڀِي فرق ڪونھي پڙتو ڪہ ڪو يھُودي ھووَي جون ٻيجِي قوم رو، کَتنو ڪيئوڙا ھووَي جون بِنا کَتنَي آݪا، جھنگلِي ھووَي جون ظُلمي، غُلوم ھووَي جون آزاد۔ رُگو مَسيح ݾجو ڪئين ھانَ او ݾجون ۾ ھَي۔
12 ايشوَر ٿون ݾون پريم ڪرَي ھَي ھانَ اُوئي ٿونَي آپرا نيڪ مِنک ھوئڻ رَي ݾارُو چُونڊيا ھَي اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿي دايا، مھربونِي، نِموڻائِي ھانَ صبر ݾون بيتا رو۔ 13 ٿي ھيڪَي ٻيجِي رِي برداش ڪرو ھانَ جي ڪينَي ڪَي ݾون شڪايت ھووَي، تو اُوئي نَي معاف ڪرو ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع ڀِي ٿونرا پاپ معاف ڪيئا ھَي۔ 14 ݾجون ݾون وڌيڪ اَي ڪرو ڪہ آپت ۾ پريم راکو ڪيونڪہ اِيئي ۾ ݾجائِي ڀيڙا ھوئي رَي ھَي۔ 15 مَسيح ٿونَي من ۾ تسلِي ڏَي ڪيونڪہ ايشوَر ٿونَي ھيڪَي ٻيجَي ڀيڙا صُلح ݾون ريوَڻ رَي ݾارُو اَڻايا ھَي ھانَ ٿي ھميشا ايشوَر رو شُڪر ڪرتا رو۔ 16 مَسيح رو شُٻڌ ٿونرَي من ۾ پُورَي نمُونَي رَي۔ ايشوَر رِي ڏينوڙِي ݾمجھ ݾون ھيڪَي ٻيجَي نَي ݾيکاوتا ھانَ ݾمجھاوتا رو ھانَ آپت ۾ زبُور، ڀجن ھانَ آتمڪ گيت گائي من ݾون ايشوَر پِتا رِي بکوڻ ڪرتا رو۔ 17 ٿي جڪو ڪئين ڪو جون ڪرو، او ݾجو پرڀُو يسُوع رَي نون ݾون ڪرو ھانَ اُوئي رَي وسيلَي ايشوَر پِتا رو شُڪر ڪرتا رو۔
نُوئَي نمُونَي زندگِي گُذارڻ
18 اي لُگايون، جون ٿي پرڀُو يسُوع رو ڪيوَڻ منو ھو اِيئوج ٿي آپرَي ڌڻِي رَي ڪيوَڻ ۾ رو۔
19 اي ڌڻيون، آپرِي لُگائِي ݾون پريم راکو ھانَ اُوئون ݾون ناراض نِي ھوئو۔
20 اي ٻاݪون، ٿي آپرَي ما ٻاپ رو ھر ھيڪ حُڪم منو ڪيونڪہ اِيئون ڪرڻ ݾون پرميشوَر خُوش ھووَي ھَي۔
21 اي اولاد آݪون، ٿي آپرَي ٻاݪون ݾون اھڙو سلُوڪ نِي ڪرو ڪہ اُوئون نَي ريݾ آوَي ھانَ او بي دِل ھووَي۔
22 اي نوڪرون، ٿي ھر ھيڪ بات ۾ آپرَي دُنياوِي مالڪ را وفادار رو۔ ٿي مِنکون نَي خُوش ڪرڻ آݪَي مِنک آݪِي ڪار بتاوڻ رَي ݾارُو نا، پڻ پُورَي دِل ݾون ايشوَر رَي ٻِي ݾون شيوا ڪرو۔ 23 جڪو ڀِي ڪوم ڪرو دِل ݾون ڪرو ھانَ اَي ݾمجھي ڪرو ڪہ پرميشوَر رَي ݾارُو ڪرون ھون، نِي ڪہ مِنکون رَي ݾارُو۔ 24 ٿونَي خبر ھَي ڪہ پرميشوَر اِيئي شيوا رَي بدلَي ٿونَي وِراثت ڏيشَي۔ ٿي جڪَي مالڪ را شيواداري ھو، او مَسيح ھَي۔ 25 پڻ جي ڪُڻ ڏوھ ڪرشَي، تو اُوئي نَي اِيئي رَي بدلَي سزا ملشَي ڪيونڪہ ايشوَر ڪيرو ڀِي پاݾو ڪونھي ليتو۔