4
اي مالڪون، ٿي آپرَي نوڪرون ݾون ݾُٺو ھانَ نيڪ سلُوڪ ڪرو ڪيونڪہ ٿونَي خبر ھَي ڪہ ٿونرو ھيڪج مالڪ ھَي جڪو ݾُرگ تي ھَي۔پراٿنا رَي ݾارُو ھدايت
2 ھر ٽيم پراٿنا ڪرتا رو ھانَ جڏي پراٿنا ڪرو، تو ھوشيار رو ھانَ شُڪر ڪرتا رو۔
3 مھورَي ݾارُو ڀِي پراٿنا ڪرتا رو ڪہ ايشوَر مھونَي پرچار ڪرڻ رو موقعيو ڏَي ڪہ مھي مَسيح رو او ڀيد ݾُڻائي ݾگھون جڪَي رَي ڪري ھُون قيد ھون۔ 4 پراٿنا ڪرو ڪہ ھُون اَي پرچار ݾُٺَي نمُونَي ڪري ݾگھون جڪَي رِي مِنکون نَي ݾمجھ ڀِي آوَي۔
5 جڪو وِشواسي ڪونھي اُوئون ݾون ݾمجھداري ݾون بو ھانَ پرچار ڪرڻ رَي ھر ٽيم رو فائدو ليتا رو۔ 6 ٿي اُوئون ݾون ھر ٽيم ݾُٺَي ھانَ فائدَي آݪَي باتون ڪرو، جڏي ڪو ٿون ݾون مَسيح رَي بارَي ۾ ڪئين پُوڇَي، تو اُوئي نَي مُناسب بݪتِي ڏي ݾگھو۔
آخري باتون
7 آپڻو پيارو ڀائي تُخِڪُس جڪو پرڀُو رِي شيوا رَي ڪوم ۾ وفادارِي ݾون مھَي ڀيڙو ھَي، او ٿونَي مھارَي بارَي ۾ ݾجو ڪئين ݾُڻاشَي۔ 8 ھُون اِيئي نَي ٿون ڪڍي اِيئي رَي ڪري ميلون پڙيو ڪہ ٿونَي اِيئي رَي بارَي ۾ خبر پڙَي ھانَ او ٿونَي حوصلو ڏَي۔ 9 ھُون اُوئي ڀيڙو پيارَي ڀائي اُنيسمُس نَي ڀِي ميلون پڙيو جڪو ٿونرِي وِشواسي مَنڊلِي رو ھَي ھانَ وفادارِي ݾون شيوا رو ڪوم ڪرَي پڙيو۔ او ٻيئي ٿونَي مھورو حال ݾُڻاشَي۔
10 ارسترخُس جڪو مھَي ڀيڙو قيد ھَي، ٿونَي جَئي پرڀُو را ڪَي ھَي۔ مرقس ڀِي ٿونَي جَئي پرڀُو را ڪَي ھَي جڪو برنباس رو عزيز ھَي۔ [مرقس رَي بارَي ۾ ٿونَي ݾُڻايو ھتو ڪہ جي او ٿون ڪڍي آوَي، تو اُوئي نَي ڀلون آيا جِي آيا ڪھيا۔] 11 يسُوع جڪَي نَي يُوستُس ڀِي ڪَي ھَي۔ او ٿونَي جَئي پرڀُو را ڪَي ھَي۔ مَسيح تي وِشواس راکڻ آݪَي يھُوديون ۾ رُگو اَي تين مِنک ھَي جڪو مھَي ڀيڙا مِلي ايشوَر رِي بادشاھي رَي ݾارُو شيوا رو ڪوم ڪرَي ھَي ھانَ اَي مھنَي تموم گھڻو حوصلو ڏَي ھَي۔
12 اِپفراس جڪو ٿونرِي وِشواسي مَنڊلِي رو ھَي ھانَ مَسيح يسُوع رو شيواداري ھَي، او ٿونَي جَئي پرڀُو را ڪَي ھَي۔ او ٿونرَي ݾارُو پراٿنا ڪرتو رَي ھَي ڪہ ٿي وِشواس ۾ پڪا ھوتا جائو ھانَ ھر ھيڪ بات ۾ ايشوَر رِي مرضِي تي بَئي ݾگھو۔ 13 ھُون اِيئي بات رو گواھ ھون ڪہ او ٿونرَي ݾارُو، لوديڪيا ھانَ ھيراپُلس شھر رَي وِشواسيون رَي ݾارُو پراٿنا ڪرتو رَي ھَي۔ 14 پيارو ڊاڪٽر لُوقا ھانَ ديماس ٿونَي جَئي پرڀُو را ڪَي ھَي۔
15 لوديڪيا شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي ھانَ اُوئي وِشواسي مَنڊلِي نَي جڪو نُمفاس رَي گھري ڀيڙِي ھووَي ھَي، مھارا جَئي پرڀُو را ڪھيا۔ 16 جڏي ٿي اَي خط آپرِي وِشواسي مَنڊلِي ۾ پڙھي ڇوڙو، تو پَڇي اَي لوديڪيا رِي وِشواسي مَنڊلِي ۾ ڀِي پڙھيو جاوَي۔ اِيئي نمُونَي لوديڪيا رِي مَنڊلِي نَي لِکيوڙو خط ڀِي ٿونرِي وِشواسي مَنڊلِي ۾ پڙھيو جاوَي۔ 17 ارخپُس نَي ڪھيا ڪہ شيوا رو جڪو ڪوم پرڀُو اُوئي نَي ڏينو ھَي اُوئي نَي پُورو ڪرَي۔
18 ھُون پولُوس آپرَي ھاٿ ݾون ٿونَي جَئي پرڀُو را لِکون پڙيو۔ ياد راکو ڪہ ھُون مَسيح رَي پرچار رَي ڪري قيد ۾ ھون۔
ايشوَر رِي ڪِرپا ٿون تي ھوتِي رَي۔