ما ٻاپ ھانَ اولاد
6
اي ٻاݪون، پرميشوَر ۾ آپرَي ما ٻاپ رو حُڪم منو ڪيونڪہ اَي ڀلِي بات ھَي۔ ‏2 اَي پيلڪو حُڪم ھَي جڪَي ڀيڙو واعدو ڀِي ھَي ڪہ،
”تُو آپرَي ما ٻاپ رِي عِزت ڪر،
‏3 ڪہ ٿارو ڀلو ھووَي ھانَ زمين تي ٿارِي عُمر موٽِي ھووَي۔“
‏4 اي اولاد آݪون، ٿي آپرَي ٻاݪون ݾون اھڙو سلُوڪ نِي ڪرو ڪہ اُوئون نَي ريݾ آوَي پڻ اُوئون نَي پرڀُو يسُوع رَي نمُونَي تي ݾمجھائي ھانَ تربيت ڪري پاݪو۔
مالڪ ھانَ غُلوم
‏5 اي غُلومون، جھڙَي نمُونَي ٿي مَسيح را وفادار ھو اُوئيج نمُونَي آپرَي دُنياوِي مالڪ را ڀِي وفادار رو ھانَ اُوئون ݾون ݾاچَي من ݾون ٻيئاجتا ھانَ ڏڪتا رو۔ ‏6 مِنکون نَي خُوش ڪرڻ رَي ݾارُو ظاھري شيوا رو ڪوم نِي ڪرو پڻ مَسيح رَي شيوادار آݪِي ڪار پُورَي من ݾون ايشوَر رِي مرضِي پُورِي ڪرو۔ ‏7 خُوشِي ݾون شيوا رو ڪوم ڪرو، اَي ݾمجھي ڪرو ڪہ مھي پرڀُو يسُوع را غُلوم ھون نِي ڪہ اِنسون را۔ ‏8 ڪيونڪہ ٿونَي خبر ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع ھر ھيڪ ݾُٺَي شيواداري نَي اَجر ڏيشَي بيشڪ او آزاد ھووَي جون غُلوم۔
‏9 اي مالڪون، ٿي ڀِي آپرَي غُلومون نَي دڙڪا ڏيوَڻ ڇوڙو پڻ اُوئون ݾون ݾُٺو سلُوڪ ڪرو۔ ٿونَي خبر ھَي ڪہ اُوئون رو ھانَ ٿونرو مالڪ جڪو ݾُرگ ۾ ھَي او ڪيرو ڀِي پاݾو ڪونھي ليتو۔
ايشوَر را ھٿيار
‏10 آخري بات اَي ھَي ڪہ ٿي پرميشوَر ۾ ھانَ اُوئي رِي قُدرت رَي زور ۾ مضبُوط ھوتا جائو۔ ‏11 ايشوَر رو ڏينوڙو جنگِي لِباس پيرو ھانَ ݾجائِي ھٿيار کڻو ڪہ ٿي شيطون رَي ݾجَي منصُوبون رو مُقابلو ڪري ݾگھو۔ ‏12 ڪيونڪہ آپڻِي جنگ اِنسون ݾون نا، پڻ حڪُومت آݪون، اِختيار آݪون، انڌارَي آݪَي دُنياوِي حاڪمون ھانَ آسموني دُنياوِي شيطونِي فوج ݾون ھَي۔ ‏13 اِيئي رَي ڪري ايشوَر رو ڏينوڙو جنگِي لِباس پيرو ھانَ ݾجائِي ھٿيار کڻو ڪہ بُرَي ٽيم ۾ شيطون رو مُقابلو ڪري ݾگھو ھانَ اَي ݾجو ڪئين ڪرڻ ݾون پَڇي مضبُوط رئي ݾگھو۔
‏14 ݾچائي رو ڪݪيون آݪو ݾندرو ٻونڌو ھانَ نيڪِي آݪو سينا بند پيرو ‏15 ھانَ صُلح رِي خُوشِي رِي خبر را جُتا پيري تيار رو ‏16 ھانَ اِيئون ݾجون ڀيڙو وِشواس رِي ڍال کڻو جڪَي ݾون شيطون را ݾجائِي ٻَݪتا تير ٻُجھائي ݾگھو۔ ‏17 مُگتي رو لوھ آݪو ٽوپ پيرو ھانَ پويتر آتما رِي تلوار جڪو ايشوَر رو شُٻڌ ھَي آپ ڀيڙو راکو۔
‏18 ھر ٽيم آتما ۾ پراٿنا ھانَ مِنٿ ڪرتا رو۔ اِيئي نمُونَي ݾُجاگ رو ھانَ وِشواسيون رَي ݾارُو پراٿنا ڪرتا رو ‏19 ھانَ مھارَي ݾارُو ڀِي پراٿنا ڪرو ڪہ جڏي مھنَي ٻولڻ رو موقعيو ملَي، تو خُوشِي رِي خبر رو پرچار دليرِي ݾون ڪرتو رون۔ ‏20 ھُون اِيئج خُوشِي رِي خبر رَي ڪري ݾونڪڙون ݾون ٻاڌوڙو مَسيح رو شيواداري ھون۔ پراٿنا ڪرو ڪہ ھُون اھڙِي دليرِي ݾون پرچار ڪرون جھڙَي نمُونَي مھنَي ڪرڻ کپَي۔
آخري باتون
‏21 تُخِڪُس جڪو مھورو پيارو ڀائي ھانَ پرڀُو ۾ وفادار شيواداري ھَي، او ٿونَي مھارَي بارَي ۾ ݾجَي باتون ݾُڻاشَي ڪہ ٿونَي خبر پڙَي ڪہ ھُون ڪھڙَي حال ۾ ھون۔ ‏22 اِيئي رَي ڪري مھَي اُوئي نَي ٿون ڪڍي ميليو ڪہ ٿونَي مھورَي بارَي ۾ خبر پڙَي ھانَ ٿونرَي من نَي تسلِي ملَي۔
‏23 ايشوَر پِتا ھانَ پرڀُو يسُوع مَسيح رَي طرفون ݾجَي ڀايون ۾ صُلح ھووَي ھانَ وِشواس ݾون پريم ھووَي۔ ‏24 اُوئون ݾجون ماٿَي ايشوَر رِي ڪِرپا ھوتِي رَي جڪو آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح ݾون نِي مِٽڻ آݪو پريم ڪرَي ھَي۔