پولُوس رو آپرَي ڪَميون تي بڏائو
12
مھنَي خبر ھَي ڪہ جي ھُون بڏائو ڪرون، تو اِيئي ۾ ٿونرو ڪو ڀِي فائدو ڪونھي، تو ڀِي ھُون ݾُڻائين ڪہ پرڀُو مھنَي درشن ڏي ايشوَر را تموم گھڻا ڀيد پَڌرا ڪري بتايا ھَي۔ ‏2 ھُون ھيڪَي اھڙَي مِنک نَي اوݪکون ھون جڪَي رو وِشواس مَسيح تي ھَي، جڪو چئوڏَي ݾال پيل اوچتو تيجَي آڪاش تي کڻيجو۔ مھنَي اَي خبر ڪونھي ڪہ ݾَرير ݾُوڌو جون بِنا ݾَرير۔ اَي رُگو ايشوَر جوڻَي ھَي۔ ‏3 مھنَي اَي خبر ھَي ڪہ او اوچتو ݾُرگ تي کڻيجو۔ مھنَي خبر ڪونھي ڪہ ݾَرير ݾُوڌو جون بِنا ݾَرير۔ اَي رُگو ايشوَر جوڻَي ھَي۔ ‏4 اُوئي مِنک ݾُرگ ۾ پُگي اھڙَي باتون ݾُڻئَي جڪو ݾُڻاوڻ جھڙَي ڪونھي، پڻ او ݾُڻاوڻ اِنسون رَي ݾارُو جائز ڪونھي۔ ‏5 ھُون اھڙَي مِنک تي بڏائو تو ڪرين، پڻ آپرَي ڪمزوريون ݾون ٽاݪ آپ تي بڏائو ڪونھي ڪرون۔ ‏6 جي ھُون بڏائو ڀِي ڪرون، تو ھُون بي وقوف ڪونھي ھوئون، ڪيونڪہ ھُون ݾاچ ٻولون ھون۔ تو ڀِي ھُون آپرو آپنَي جھالون ھون ڪہ ڪيٿ ڪو مِنک جون مھنَي ڏيکَي ھانَ ݾُڻَي ھَي، اُوئي ݾون وڌيڪ نِي ݾمجَھي۔
‏7 اترَي گھڻَي باتون رَي ڪري ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ ھُون بڏاوَي ۾ ڦُوڪيجي جائُون تو، اِيئي رَي ڪري مھارَي ݾَرير ۾ ھيڪ ڪونٽون کُپويوڙو ھَي، يعني شيطون رو چيلو جڪو مھنَي تنگ ڪرَي ھانَ ھُون ڦُوڪيجون نِي۔ ‏8 اِيئي رَي بارَي ۾ مھَي تين گُھمرا پرميشوَر نَي مِنٿ ڪِي ڪہ اَي مھَي ݾون اݪگو ھووَي۔ ‏9 پڻ اُوئي مھنَي اَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھارِي ڪِرپا ٿارَي ݾارُو گھڻِي ھَي، ڪيونڪہ جڪَي ٽيم تُو ڪمزور ھووَي ھَي، تو مھارِي قُدرت پُورِي ھووَي ھَي۔“ اِيئي رَي ڪري ھُون خُوشِي ݾون آپرَي ڪمزوريون تي بڏائو ڪرين ڪہ مَسيح رِي قُدرت مھَي تي رَي۔ ‏10 اِيئي رَي ڪري ھُون مَسيح رَي ڪري ڪمزورِي ۾، بي عِزتي ۾، ضرُورتون ۾، ڏُکون ۾ ھانَ ݾتاوڻ تي خُوش رون ھون، ڪيونڪہ جڏي ھُون ڪمزور ھوئون ھون، تو ھُون طاقت آݪو ھوئون ھون۔
مَنڊلِي ݾارُو پولُوس رو فِڪر
‏11 ھُون بي وقوف آݪِي ڪار ٻولون پڙيو، پڻ ٿون آپ مھنَي اِيئون ڪرڻ تي مجبُور ڪيئو ھَي۔ حقيقت ۾ مھارِي بکوڻ ٿونَي ڪرڻ کپَي۔ ݾاچيلي ھُون تو ڪئين ڪونھي، تو ڀِي ٿي جڪون نَي موٽا سنت ݾمجھو ھو، اُوئون ۾ ھُون ڪَي ڀِي بات ۾ گھٽ ڪونھي ھون۔ ‏12 جڏي ھُون ٿون ڀيڙو ھتو، تو مھَي اَي ثبُوت تموم گھڻَي صبر، تموم گھڻَي نِشونيون، عجيب ڪومون ھانَ پرچون ݾون ٿون تي ظاھر ڪيئا ڪہ ھُون ڀِي پرڀُو يسُوع رو سنت ھون۔ ‏13 ٿي ڪئِي بات ۾ باقي وِشواسي مَنڊليون ݾون گھٽ ھو، اِيئي ݾون ٽاݪ مھَي ٿون تي آپرَي خرچ رو ڀار ڀِي ڪونھي راکيو؟ جي اَي مھارِي غلطِي ݾمجھو ھو، تو مھنَي معاف ڪرو۔
‏14 ھمَي ھُون تيجو گُھمرو ٿون ڪڍي آوڻ رَي ݾارُو تيار ھون، پڻ ھُون ٿون تي ڪو ڀِي ڀار ڪونھي راکون، ڪيونڪہ مھنَي ٿونرَي رُپيون رِي نا، پڻ ٿونرِي ضرُورت ھَي۔ ڪيونڪہ ٻاݪون نَي ما ٻاپ رَي ݾارُو نا، پڻ ما ٻاپ نَي ٻاݪون رَي ݾارُو ڀيڙو ڪرڻ کپَي، ‏15 اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونرِي آتما رَي فائدَي رَي ݾارُو تموم گھڻِي خُوشِي ݾون ݾجو ڪئين خرچ ڪرين، پڻ آپنَي ڀِي خرچ ڪري ڇوڙين۔ جڏي ھُون ٿون ݾون اِترو گھڻو پريم ڪرون ھون، تو ڪِي ٿي مھَي ݾون گھٽ پريم ڪرشو؟ ‏16 ٿي آپ منشو ڪہ مھَي ٿون تي ڪو ڀِي ڀار ڪونھي راکيو، تو ڀِي ڪيٿ ڪو مِنک اَي نِي ڪَي ڪہ مھَي چالاڪِي ڪري دوکو ڏي ٿونَي ڦݾايا ھَي۔ ‏17 ڪِي مھَي آپرَي ميليوڙَي مِنکون رَي وسيلَي ٿون ݾون ڪو ناجائز فائدو ليئو؟ ‏18 مھَي طيطُس نَي ٿون ڪڍي جاوڻ رِي مِنٿ ڪِي ھانَ اُوئي ڀيڙو ٻيجَي ڀائي نَي ڀِي ميليو۔ ڪِي طيطُس ٿون ݾون ڪو ناجائز فائدو ليئو؟ ڪِي مھَي ھانَ اُوئي ھيڪِي نيت ݾون ڪوم ڪونھي ڪيئو ھانَ ڪِي ٿون ݾون مھورو سلُوڪ ھيڪ جھڙو ڪونھي؟ ‏19 ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ ٿي اَڃون توڻي اَي ݾمجھو ھو ڪہ مھي آپرَي بارَي ۾ ڪئين ڪونھ پڙيا۔ نا، پڻ مھي ايشوَر نَي حاضر ݾمجھي مَسيح ۾ بات ڪرون پڙيا۔ اي عزيزون، اَي ݾجو ڪئين ٿونرَي وِشواس رِي ترقي رَي ݾارُو ھَي۔ ‏20 ڪيونڪہ ھُون ٻيئاجون ھون ڪہ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ھُون اوٿ آئُون ھانَ جون مھارِي مرضِي ھَي ٿي اھڙا نِي ھوئو ھانَ جون ٿونرِي مرضِي ھَي، ھُون اھڙو نِي ھوئون۔ مھنَي ٻِي ھَي ڪہ ڪيٿ ٿون ۾ جھيڙا جھگڙا، ݾاݪ، ريݾ، مطلبي، گِلا، چُگلِي، بڏائو ھانَ ڪِروڌ ھووَي۔ ‏21 مھنَي اَي ڀِي ٻِي ھَي ڪہ اِيئي گُھمرَي آئُون، تو مھارو ايشوَر مھنَي ٿون ݾومھو شرميدو ڪرَي ھانَ مھنَي تموم گھڻَي مِنکون رَي ڪري ڏُک ڪرڻو پڙَي، جڪو پليت ڪوم يعني زنا ھانَ عياشِي آݪا ڪوم ڪري پاپ ڪرتا پڙيا ھانَ اِيئون ݾون توبھون ڪونھي ڪِي۔