پولُوس ھانَ ڪُوڙا پرچار ڪرڻ آݪا
11
مھارِي اُميد ھَي ڪہ ٿي مھارِي ٿوڙڪِي بي وقوفي برداش ڪرشو، پڻ پيل ݾون برداش ڪرو پڙيا۔ 2 مھنَي ٿونرَي ݾارُو ايشوَر جھڙِي غيرت ھَي، اِيئي رَي ڪري مھَي ٿونرِي عزيزپائِي ھيڪَي آڏمي يعني مَسيح ݾون ڪرائِي ھَي ڪہ ٿونَي ھيڪ پويتر ڪنوارِي آݪِي ڪار اُوئي آگھي حاضر ڪرون۔ 3 پڻ مھنَي ٻِي ھَي ڪہ ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ جھڙَي نمُونَي ناگ آپرِي چالاڪِي ݾون حوا نَي برگلايو، اُوئيج نمُونَي ٿونرا خيال ڀِي بِگڙي جاوَي ھانَ ٿي مَسيح ݾون ݾاچو ھانَ پويتر پريم ڇوڙي ڏيئو۔ 4 جي ڪو مِنک ٿون ڪڍي آوَي ھانَ ڪَي ٻيجَي يسُوع رو پرچار ڪرَي ھَي، جڪَي رو پرچار مھون ڪونھي ڪيئو، جون ٿونَي ڪو ٻيجِي آتما جون خُوشِي رِي خبر ملَي ھَي، جڪو ٿون قبُول ڪونھي ڪِي، تو ٿي تموم گھڻِي خُوشِي ݾون برداش ڪرو ھو۔ 5 ھُون آپنَي اُوئون ڪُوڙَي سنتون ݾون گھٽ ڪونھي ݾمجھتو، جڪون نَي ٿي موٽا منو ھو۔ 6 ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ ھُون ٻولڻ رو ڪاريگر ڪونھي، پڻ ڏاھپ ۾ ڪَي ݾون ڀِي گھٽ ڪونھي ھون، اِيئي رو ثبُوت مھون ٿونَي ھر جگھا ھانَ ھر حال ۾ ڏينو ھَي۔ 7 مھَي ٿون ڪڍي آئي مُکت ۾ ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي، پڻ آپنَي گھٽ ڪيئو ڪہ ٿي ايشوَر رِي نظر ۾ موٽا ھوئي جائو۔ ڪِي مھَي اِيئون ڪري ڪو ڏوھ ڪيئو ھَي؟ 8 جڏي ھُون ٿون ۾ پرچار ڪرتو پڙيو، تو ٻيجا وِشواسي مَنڊلِي آݪا مھارَي ضرُورتون پُورَي ڪرتا پڙيا۔ اَي اِيئون ھتو، جون ھُون اُوئون نَي ٿونرَي ڪري ڦُرتو پڙيو۔ 9 جڏي ھُون ٿون ڪڍي ھتو ھانَ مھنَي پَشون رِي ضرُورت ھتِي، تو مھَي ٿونَي ڪو ڀِي تڪليف ڪونھي ڏينِي، ڪيونڪہ مَڪدُونيا صُوبَي ݾون وِشواسي ڀايون آئي مھارِي مدد ڪِي ھتِي۔ مھَي ھر ھيڪ بات ۾ اَگي ڀِي ٿون تي ڪو ڀِي ڀار ڪونھي راکيو ھانَ نَڪو ڪڏي راکون۔ 10 مَسيح رِي ݾچائي جڪو مھَي ۾ ھَي، اُوئي حيثيت ݾون ڪونھ ھون ڪہ اَخيا صُوبَي رَي ݾجَي علائقَي ۾ ڪو ڀِي مِنک مھنَي اَي بڏائو ڪرڻ ݾون پالَي ڪونھي۔ 11 پڻ ڪيئون؟ ڪِي اِيئي رَي ڪري ڪہ ھُون ٿون ݾون پريم ڪونھي ڪرتو؟ ايشوَر جوڻَي ڪہ ھُون ٿون ݾون پريم ڪرون ھون۔ 12 پڻ ھُون جڪو ڪئين ڪرون ھون، اوج ڪرتو رئين ڪہ موقعيو جوئڻ آݪون نِي ڪو ڀِي موقعيو نِي ڏيئون، جڪو بڏائو ڪري ڪَي ھَي ڪہ او مھون آݪِي ڪار پرچار ڪرَي ھَي۔ 13 حقيقت ۾ اھڙا مِنک ڪُوڙا ھانَ ٺَگِي ݾون ڪوم ڪرڻ آݪا ھووَي ھَي۔ او رُوپ مَٽائي آپنَي مَسيح را سنت بتاوڻ رِي ڪوشش ڪرَي ھَي۔ 14 اَي ڪو حيرت آݪِي بات ڪونھي، ڪيونڪہ شيطون ڀِي رُوپ مَٽائي آپنَي نُوراني فريشتو بتاوَي ھَي۔ 15 اِيئي رَي ڪري جي شيطون را شيواداري آپرو رُوپ مَٽائي آپرو آپنَي نيڪ ڪوم ڪرڻ آݪا بتاوَي ھَي، تو اَي ڪو نُوئِي بات ڪونھي۔ اُوئون رو نتيجو اُوئون رَي ڪومون تي ھوشَي۔پولُوس را ڏُک ھانَ تڪليف
16 ھُون ڀڙي ڪونھ ھون ڪہ ڪو ڀِي مھنَي بي وقوف نِي ݾمجَھي، پڻ جي ٿي اِيئون ݾمجھو ھو، تو مھنَي بي وقوف ݾمجھي قبُول ڪرو ڪہ ھُون ٿوڙيو بڏائو تو ڪرون۔ 17 جڪو ڪئين ھمَي ھُون ڪونھ پڙيو، او پرميشوَر رَي طرفون نا، پڻ ھيڪَي بي وقوف آݪِي ڪار آپ تي بڏائو ڪري ڪونھ ھون۔ 18 جڏي تموم گھڻا ٻيجا مِنک جِسموني نمُونَي بڏائو ڪرَي ھَي، تو ھُون ڀِي بڏائو ڪرين۔ 19 ڪيونڪہ ٿي آپ اِترا ݾمجھدار ھو، تو ڀِي تموم گھڻِي خُوشِي ݾون بي وقوفون نَي برداش ڪرو ھو۔ 20 جي ڪُڻ ٿونَي غُلوم ݾمجَھي ھَي، ٿونَي دوکو ڏي ڦُرَي ھَي، ٿونَي ڦݾاوَي ھَي، ٿون تي حُڪم ھلاوَي ھَي ھانَ ٿونرَي موڏَي تي ٿاپ ھڻَي ھَي، تو ٿي برداش ڪرو ھو۔ 21 ھُون اَي ڪئي شرميدو ھون ڪہ مھي اَي ڪري ڪونھي ݾگھيا۔
پڻ جي ڪو مِنک ڪَي بات تي بڏائو ڪرڻ ۾ دلير ھَي، تو ھُون ڀِي بي وقوفي ݾون ڪونھ ھون ڪہ ھُون ڀِي دلير ھون۔ 22 ڪِي اوج عبراني ھَي؟ ھُون ڀِي ھون۔ ڪِي اوج اِسرائيلي ھَي؟ ھُون ڀِي ھون۔ ڪِي اوج اڀراھيم رِي نسل را ھَي؟ ھُون ڀِي ھون۔ 23 ڪِي اوج مَسيح را شيواداري ھَي؟ مھارو اَي ڪيوَڻ گھڻِي بي وقوفي لاگَي ھَي، پڻ ھُون اُوئون ݾون وڌيڪ ݾُٺَي نمُونَي پرچار ڪرون ھون۔ مھَي اُوئون ݾون وڌيڪ محنت ڪِي ھَي، اُوئون ݾون وڌيڪ گُھمرا قيد ھويو، اُوئون ݾون وڌيڪ چاٻڪ کاڌا، اترِي توڻي ڪہ اُوئون ݾون وڌيڪ موت رَي مُونھ ۾ رھيو۔ 24 مھَي يھُوديون ݾون پونچ دفعا اُڻيتالِي اُڻيتالِي چاٻڪ کاڌا۔ 25 مھنَي تين گُھمرا گيڏيون ݾون ماريو ڪُوٽيو۔ ھيڪ گُھمرو مھنَي پٿر ھڻيا۔ تين گُھمرو ھُون جھاز ڀاگڻ رَي ڪري مُصيبت ۾ پڙيو۔ ھيڪ گُھمرو ڏِن رات ݾمُوندر ۾ لُڙھتو رھيو۔ 26 مھَي تموم گھڻا گُھمرا سفر ۾ خطرون نَي مُونھ ڏينو، يعني دريائون ھانَ ڌاڙيلون رو ٻِي، آپرِي قوم ھانَ ٻيجِي قوم رو ٻِي، شھر، رڻ پَٽ ھانَ ݾمُوندر رو ٻِي ھانَ ڪُوڙَي وِشواسيون رو ٻِي۔ 27 مھَي تموم گھڻِي محنت ڪِي، تموم گھڻَي راتون جاگتو رھيو۔ بُوکيو ھانَ تِرݾيو رھيو، پڻ تموم گھڻا گُھمرا بُوک مُوئو ھانَ ݾِي ۾ گاڀون بِنا ڏڪتو رھيو۔ 28 ٻيجَي ڏُکون ݾون ٽاݪ مھنَي ھروز ݾجَي وِشواسي مَنڊليون رو ڀِي فِڪر ھتو۔ 29 ڪيرِي ڪمزورِي تي ھُون ڪمزورِي محسُوس ڪونھي ڪرتو ھانَ ڪيرَي ڀٽڪڻ تي ھُون من ۾ ڏُک ڪونھي ڪرتو؟ 30 جي بڏائو ڪرڻ ضرُوري ھَي، تو ھُون اُوئون باتون تي بڏائو ڪرين، جڪو مھارَي ڪمزورَي بتاوَي ھَي۔ 31 پرڀُو يسُوع رو ايشوَر ھانَ پِتا جڪَي رِي ھميشا بکوڻ ھووَي، اُوئي نَي خبر ھَي ڪہ ھُون ڪُوڙ ڪونھي ٻولتو۔ 32 دمشق شھر رو حاڪم جڪو اَرتاس بادشاھ ھيٺا ھتو اُوئي مھنَي جھالڻ رَي ݾارُو شھر رَي در تي پھرو ڏيرايو ھتو۔ 33 پڻ شھر رِي ڀيت رِي ھيڪِي درِي ݾون مھنَي ٽوڪرَي ۾ ھيٺو اُتاريو ھانَ اِيئي نمُونَي ھُون اُوئي رَي ھاٿون بچي گيو۔