پولُوس رو آپرَي بارَي ۾ ڪئين ڪيوَڻ
10
ھمَي ھُون پولُوس، جڪو ٿون آگھي نِموڻو ھون، پڻ اݪگو ھوتي ڀِي ٿونرَي ݾارُو دلير ھون، مَسيح رِي نِرملائي ھانَ مھربونِي ياد ڏيرائي ٿونَي عرض ڪرون ھون۔ 2 پڻ ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ جڏي ھُون ٿون ڪڍي آئُون، تو مھنَي سختِي ݾون ٻولڻ رِي ضرُورت نِي پڙَي، ڪيونڪہ ڪئينڪہ مِنک اَي ݾمجَھي ھَي ڪہ مھي دُنياوِي زندگِي ۾ بون پڙيا ھانَ اھڙَي مِنکون نَي سختِي ݾون ݾمجھاوڻ رِي مھَي ۾ ھِمت ھَي۔ 3 بيشڪ مھي دُنيا ۾ رون ھون، پڻ دُنياوِي مِنکون آݪِي ڪار ڪونھي بِڙھتا۔ 4 اِيئي رَي ڪري مھورا جھيڙَي آݪا ھٿيار دُنياوِي ڪونھي، پڻ ايشوَر رِي طاقت آݪا ھَي، جڪو ڪُوڙَي باتون نَي پڪَي ڪوٽون آݪِي ڪار ڀونگي ڇوڙَي ھَي۔ 5 مھي ھر ھيڪ بڏاوَي آݪِي بات اُونچَي شيون آݪِي ڪار ڀونگي ڇوڙون ھون، جڪو ايشوَر رِي اوݪکوڻ رَي خلاف اُٺَي ھَي۔ مھي ھر ھيڪ خيال نَي قيد ڪري مَسيح را وفادار ٺائي ڇوڙون ھون۔ 6 جڏي ٿونرِي وفادارِي پُورِي ھوئي جاوَي، تو مھي ھر نمُونَي رِي نافرمونِي ڪرڻ آݪون نَي سزا ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار ھون۔7 ٿي رُگو اُوئي شيون تي ڌھيون ڪرو ھو، جڪو ٿونرَي اونکيون آگھي ھَي۔ جي ڪينَي آپ تي ڀروسو ھَي ڪہ او مَسيح رو ھَي، تو اُوئي نَي آپرَي من ۾ اَي ڀِي ݾوچڻ کپَي ڪہ جھڙَي نمُونَي او مَسيح رو ھَي، اُوئي نمُونَي مھي ڀِي ھون۔ 8 ڪيونڪہ جي ھُون اُوئي اِختيار تي گھڻو بڏائو ڀِي ڪرون، تو شرميدو ڪونھي ھوئون۔ ڪيونڪہ پرڀُو مھونَي اَي اِختيار ڏينو ھَي ڪہ آپي مِنکون را وِشواس خراب نِي ڪرون، پڻ پڪا ڪرون۔ 9 اَي ھُون اِيئي رَي ڪري ڪونھ ھون ڪہ ڪيٿ ٿي اِيئون نِي ݾمجھو ڪہ ھُون اِيئي خطون ݾون ٿونَي ٻيئاڙون پڙيو۔ 10 ڪيونڪہ ڪئينڪہ مِنک ڪَي ھَي ڪہ پولُوس را خط اَثر آݪا ھانَ زبردست ھَي، پڻ جڏي او آپ حاضر ھووَي ھَي، تو او نَڪو روب آݪو ھَي ھانَ نَڪو ݾُٺَي نمُونَي ٻولي ݾگھتو۔ 11 اِيئون ڪيوَڻ آݪَي نَي ݾمجھڻ کپَي ڪہ جڪو باتون مھي اݪگا رئي خطون ۾ ڪونھ ھون، اِيئوج رُوبرو مھورو ڪوم ڀِي ھوشَي۔ 12 ڪيونڪہ مھورِي اترِي ڀِي ھِمت ڪونھي ڪہ آپرو آپنَي اُوئون ڪئينڪہ مِنکون ۾ شامل ڪرون، جون اُوئون ݾون مُقابلو ڪرون، جڪو آپرِي بکوڻ آپ ڪرَي ھَي۔ او ڪِترا تو بي عقل ھَي، جڪو آپرِي ݾوچ تي آپرو آپنَي جانچَي ھَي ھانَ آپرو آپنَي ݾُٺا بتاوڻ رَي ݾارُو ھيڪَي ٻيجَي ݾون مُقابلو ڪرَي ھَي۔ 13 پڻ مھي حد ݾون وڌيڪ بڏائو ڪونھي ڪرون، پڻ شيوا رَي ڪوم رَي بارَي ۾ مھورو بڏائو اُوئي حد توڻي ھوشَي، جڪو ايشوَر مھورَي ݾارُو ٺائِي ھَي ھانَ اُوئي حد ۾ ٿي ڀِي شامل ھو۔ 14 ڪيونڪہ ٿي اُوئيج حد ۾ ھتا، اِيئي رَي ڪري مھورِي مرضِي ھتِي ڪہ ٿون ڪڍي آئُون، اِيئي نمُونَي مھي پيلڪا مِنک ھتا، جڪو مَسيح رِي خُوشِي رِي خبر ڏيتا ڏيتا ٿون توڻي پُگا۔ 15 مھي ٻيجون رِي محنت تي وڌيڪ بڏائو ڪونھي ڪرتا، پڻ اُميد راکون ھون ڪہ جھڙَي نمُونَي ٿونرو وِشواس وڌيڪ ھوتو جاشَي، اُوئيج نمُونَي مھورو ڪوم ڀِي ايشوَر رِي ٺاھيوڙِي حد توڻي ھانَ ٿونرِي مدد ݾون اَڃون ڀِي وڌيڪ بڌتو جاوَي۔ 16 اِيئي رَي ڪري مھي ٿونرَي حدون ݾون اݪگَي علائقون ۾ ڀِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائي ݾگھون۔ مھورِي مرضِي اَي ڪونھي ڪہ ٻيجون رِي ݾُڻايوڙِي خُوشِي رِي خبر رَي ڪوم تي بڏائو ڪرون۔
17 جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جي ڪينَي بڏائو ڪرڻو ھَي، تو او پرميشوَر تي ڪرَي۔“
18 ڪيونڪہ جڪو آپرِي بکوڻ ڪرَي ھَي، تو پرميشوَر اُوئي ݾون خُوش ڪونھي، پڻ جڪَي ݾون پرميشوَر خُوش ھووَي ھَي، تو اُوئي رِي بکوڻ او آپ ڪرَي ھَي۔