ضرُورت آݪَي وِشواسيون رَي ݾارُو دون
9
جڪو دون وِشواسيون رَي ݾارُو ڀيڙو ڪيئو جاوَي ھَي، اُوئي رَي بارَي ۾ مھنَي لِکڻ رِي ڪو ڀِي ضرُورت ڪونھي۔ 2 ڪيونڪہ مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿونَي مدد ڪرڻ رو جوش ھَي، جڪَي رَي ڪري ھُون مَڪدُونيا صُوبَي رَي مِنکون آگھي ٿون تي بڏائو ڪرون ھون ڪہ ٿي اَخيا صُوبَي آݪا لارلَي ݾال ݾون مدد ڪرڻ رَي ݾارُو تيار ھو۔ ٿونرَي اِيئي جوش رَي ڪري اُوئون مِنکون ۾ جوش آيو ھَي۔ 3 پڻ ھُون ڀايون نَي اِيئي رَي ڪري ميلون ھون ڪہ جڪو بڏائو مھي ٿون تي ڪرون ھون، او اجايو نِي جاوَي، پڻ جون مھَي ٿونَي ڪھيو ھَي، ٿي تيار رو۔ 4 اِيئون نِي ھووَي ڪہ جڏي مَڪدُونيا صُوبَي آݪا مھَي ڀيڙا آوَي ھانَ ٿونَي تيار نِي ڏيکَي، تو نِي رُگو مھي، پڻ ٿي ڀِي اُوئي ڪيئوڙَي ڀروسَي رَي ڪري شرمائو۔ 5 اِيئي رَي ڪري مھَي ڀايون نَي مِنٿ ڪرڻ ضرُوري ݾمجھو ڪہ او پيل ٿون ڪڍي آئي اُوئي دون رو بندوبست ڪرَي، جڪَي رو واعدو ٿون ڪيئو ھَي، اِيئي رَي ڪري خبر پڙَي ڪہ او دون لاچاري ݾون نا، پڻ خُوشِي ݾون ڏينوڙو ھَي۔ 6 ياد راکو، جڪو ٿوڙو پوکَي ھَي، او ٿوڙو لُڻشَي ھانَ جڪو گھڻو پوکَي ھَي، او تموم گھڻو لُڻشَي۔ 7 جِترو ھر ھيڪ مِنک آپرَي من ۾ اِرادو ڪيئو ھَي، اوج ڏَي، نِي مجبُورِي ݾون ھانَ نِي لاچاري ݾون، ڪيونڪہ ايشوَر خُوشِي ݾون ڏيوَڻ آݪَي ݾون پريم ڪرَي ھَي۔ 8 ايشوَر ٿون تي ڪِرپا ڪري گھڻو ڪئين ڏي ݾگھَي ھَي ڪہ ھر ٽيم ھانَ ھر حال ۾ ٿون ڪڍي تموم گھڻو ھووَي ڪہ ٿي ھر ھيڪ نيڪ ڪوم ڪري ݾگھو۔ 9 جھڙَي نمُونَي شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،”اُوئي سخاوت ݾون بِݪايو ھانَ غريبون نَي ڏينو،
اُوئي رِي نيڪِي ھميشا ھوتِي ريشَي۔“
10 ايشوَر، جڪو پوکڻ آݪَي نَي ٻيج ھانَ کاوڻ رَي ݾارُو ٻاٽِي ڏَي ھَي، اوج ٿونَي ٻيج ڏيشَي ھانَ اُوئي نَي بڌاشَي۔ اوج ٿونرِي نيڪِي رَي ڦلون نَي ڀِي بڌاشَي۔ 11 ايشوَر ٿونَي ھر ھيڪ بات ۾ تموم گھڻِي برڪت ڏيشَي ڪہ ٿي ھر ٽيم خُوشِي ݾون ايشوَر رَي نون تي ڏيتا رو۔ اِيئي نمُونَي جڏي مھي ٿونرو ڏينوڙو دون مِنکون نَي ڏيشون، تو او ايشوَر رو شُڪر ڪرشَي۔ 12 ڪيونڪہ ٿونرَي اِيئي شيوا رَي ڪوم ݾون نِي رُگو ايشوَر رَي مِنکون رَي ضرُورتون پُورَي ھووَي ھَي، پڻ مِنک ايشوَر رو تموم گھڻو شُڪر ڀِي ڪرَي ھَي۔ 13 اِيئي شيوا ݾون مِنکون نَي اَي ثبُوت ملشَي ڪہ ٿي نِي رُگو مَسيح رِي خُوشِي رِي خبر نَي منڻ رو اِقرار ڪرو ھو، پڻ اُوئي تي ايمونداري ݾون بيتا رو ھو۔ او اِيئي رَي ڪري ايشوَر رِي بڏائي ڪرشَي ھانَ اِيئي رَي ڪري ڀِي ڪہ ٿي اُوئون رِي ھانَ ݾجَي مِنکون رِي سخاوت ݾون مدد ڪرو ھو۔ 14 او ٿونرَي ݾارُو تموم گھڻَي ݾِڪ ݾون پراٿنا ڪرَي ھَي، ڪيونڪہ ٿون تي ايشوَر رِي تموم گھڻِي ڪِرپا ھَي۔ 15 ايشوَر رِي ڪِرپا جڪو ݾُڻاوڻ ݾون ٻاھر ھَي، اُوئي رَي ݾارُو مھي ايشوَر رو شُڪر ڪرون ھون۔