يھُوديا صُوبَي رَي غريبون رَي ݾارُو دون
8
ھمَي اي وِشواسيون، مھي ٿونَي ايشوَر رِي اُوئي ڪِرپا رَي بارَي ۾ ݾُڻائُون ھون، جڪو مَڪدُونيا صُوبَي رَي وِشواسي مَنڊليون تي ھوئِي ھَي۔ ‏2 اُوئون رو ڏُکون ۾ آزمُوتو ھويو، تو ڀِي اُوئون خُوشِي ݾون ھانَ تموم گھڻِي غريبي حال ۾ دِل کولي دون ڏينو۔ ‏3 ھُون گواھِي ڏيئون ھون ڪہ اُوئون آپرِي پوھچ ݾون ڏينو، پڻ اِيئي ݾون ڀِي وڌيڪ خُوشِي ݾون ڏينو۔ ‏4 اُوئون تموم گھڻَي مِنٿون ڪري مھونَي مِنٿ ڪِي ڪہ اُوئون نَي اَي موقعيو ڏيئو ڪہ او يھُوديا صُوبَي رَي وِشواسيون رِي مدد ڪرڻ ۾ آپرو حِصو مِلاوَي۔ ‏5 اُوئون مھورِي اُميد ݾون ڀِي وڌيڪ ڏينو، پڻ پيل اُوئون آپرو آپنَي پرميشوَر رَي حوالي ڪيئو ھانَ پَڇي ايشوَر رِي مرضِي ݾون آپرو آپنَي مھورَي حوالي ڪيئا۔ ‏6 اِيئي رَي ڪري مھون طيطُس نَي مِنٿ ڪِي ڪہ جھڙَي نمُونَي اُوئي دون ڀيڙو ڪرڻ رو ڪوم شرُوع ڪيئو ھتو، اُوئيج نمُونَي اُوئي نَي پُورو ڪرَي۔ ‏7 پڻ جھڙَي نمُونَي ٿي اِيئي ݾجَي باتون ۾ بڌتا جائو ھو يعني وِشواس راکڻ، ايشوَر رَي باتون ݾيکاوڻ ھانَ ݾمجھڻ، مدد ڪرڻ ۾ جوش ھانَ او پريم جڪو مھون ݾون ڪرو ھو، اِيئوج دون ڏيوَڻ ۾ ڀِي آگھي بڌتا جائو۔ ‏8 ھُون ٿونَي اِيئون ڪرڻ رو حُڪم ڪونھي ڏيتو، پڻ جون ٻيجون جوش ݾون دون ڏينو ھَي، اِيئي نمُونَي مھنَي خبر پڙَي ڪہ ٿونرو پريم ڪِترو ݾاچو ھَي۔ ‏9 ڪيونڪہ ٿونَي آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح رِي ڪِرپا رِي خبر ھَي۔ او اَمير ھتو، تو ڀِي ٿونرَي ڪري غريب ھويو ڪہ اُوئي رِي غريبي رَي ڪري ايشوَر ٿونَي برڪت ڏَي۔ ‏10 اِيئي بات رَي بارَي ۾ ھُون آپرِي صلاح ڏيئون ھون، جڪو ٿونرَي فائدَي رِي ھَي۔ ٿي لارلَي ݾال ݾون نِي رُگو اَي ڪوم ڪرڻ ۾ پڻ اُوئي رو اِرادو ڪرڻ ۾ ڀِي آگھي ھتا۔ ‏11 اِيئي رَي ڪري ھمَي اَي ڪوم پُورو ڀِي ڪرو، جھڙَي نمُونَي ٿون جوش ݾون اِرادو ڪيئو ھتو، اِيئوج اُوئي نَي آپرِي حيثيت ݾون پُورو ڀِي ڪرو۔ ‏12 ڪيونڪہ جي ٿونرِي ڏيوَڻ رِي نيت ھوشَي، تو پَڇي جڪو ڪئين ڪَي ڪڍي ھوشَي، اُوئي تي ايشوَر اُوئي رو دون قبُول ڪرشَي، نِي ڪہ او جڪو اُوئي ڪڍي ڪونھي۔ ‏13 مھارِي مرضِي اَي ڪونھي ڪہ ٻيجا ݾُکيا رَي ھانَ ٿونَي ڏُک ملَي، پڻ ھر ھيڪ برابر ھووَي۔ ‏14 ھڻون ٿون ڪڍي گھڻو ڪئين ھَي ھانَ ٿي اُوئون رَي ضرُورتون پُورَي ڪري ݾگھو ھو۔ پَڇي اُوئون ڪڍي تموم گھڻو ھوئي جاشَي، تو او ٿونرَي ضرُورتون پُورَي ڪري ݾگھشَي، اِيئي نمُونَي ٿي برابر ھوئي جاشو۔ ‏15 جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جڪَي تموم گھڻو ڀيڙو ڪيئو،
اُوئي ڪڍي ڪئين ڪونھي بچيو
ھانَ جڪَي ٿوڙو ڀيڙو ڪيئو،
اُوئي نَي کوٽ ڪونھي ھوئِي۔“
طيطُس ھانَ اُوئي را ساٿِي
‏16 ايشوَر رو شُڪر ھَي جڪو ٿونرَي ݾارُو طيطُس رَي من ۾ اوج جوش ڏَي ھَي، جھڙو مھارَي من ۾ ھَي۔ ‏17 ڪيونڪہ او نِي رُگو مھورِي ھدايت تي بُوئو، پڻ موٽَي جوش ھانَ آپرِي خُوشِي ݾون ٿون ڪڍي آوَي پڙيو۔ ‏18 اُوئي ڀيڙو مھي اُوئي وِشواسي ڀائي نَي ڀِي ٿون ڪڍي ميلون پڙيا، جڪو ايشوَر رو پرچار ڪرڻ رَي ڪري ݾجَي وِشواسي مَنڊليون ۾ مشھُور ھَي۔ ‏19 نِي رُگو اَي، پڻ وِشواسي مَنڊليون اُوئي نَي چُونڊيو ھَي ڪہ او مھون ڀيڙو سفر ڪرَي ھانَ مھي ڀيڙا ھوئي دون پُگائُون ڪہ اِيئي شيوا رَي ڪوم ݾون مھورو جوش ڏيکيجَي ھانَ پرڀُو يسُوع رِي بکوڻ ھووَي۔ ‏20 مھي اِيئي بات رو ڀِي خيال راکون ھون ڪہ اِيئي دون رَي بارَي ۾ مھون تي ڪو ڀِي الزوم نِي لگاوَي۔ ‏21 مھورو مقصد اَي ھَي ڪہ مھي اھڙا ڪوم ڪرون، جڪو نِي رُگو پرميشوَر رِي نظر ۾، پڻ مِنکون رِي نظر ۾ ڀِي ݾُٺا ھووَي۔ ‏22 مھي اُوئون ڀيڙو آپرَي ھيڪَي ٻيجَي ڀائي نَي ميلون پڙيا۔ مھون اُوئي نَي گھڻائِي گُھمرا تموم گھڻَي باتون ۾ آزمايو ھانَ او جوش ݾون ايشوَر رِي شيوا رو ڪوم ڪرَي ھَي۔ اُوئي نَي ٿون تي تموم گھڻو ڀروسو ھَي، اِيئي رَي ڪري ھمَي او تموم گھڻَي جوش ۾ ھَي۔ ‏23 رئِي طيطُس رِي بات، تو او مھارو ساٿِي ھَي ھانَ ٿونرِي مدد رَي ݾارُو مھَي ڀيڙو ھَي۔ ٻيجا ڀائي جڪو اُوئي ڀيڙا ھَي اُوئون نَي وِشواسي مَنڊليون ميليا ھَي ھانَ اُوئون رَي ڪومون ݾون يسُوع مَسيح رِي بکوڻ ھووَي ھَي۔ ‏24 اِيئي رَي ڪري ٿي آپرو پريم ھانَ او بڏائو جڪو مھي ٿون تي ڪرون ھون، اُوئون وِشواسي مَنڊليون آگھي ثابت ڪري بتائو۔