7
اِيئي رَي ڪري اي عزيزون، ڪيونڪہ ايشوَر مھون ݾون اَي واعدا ڪيئا ھَي، تو پَڇي آئو تو آپي ھر ھيڪ اُوئي بات ݾون اݪگا رون، جڪو آپڻَي ݾَرير ھانَ آتما نَي پليت ڪرَي ھَي ھانَ ايشوَر ݾون ٻيئاجي پُورَي نمُونَي پويتر ھوئي جائُون۔پولُوس رِي خُوشِي
2 مھونَي آپرَي من ۾ جگھا ڏيئو۔ مھون ڪيرو ڀِي ڏوھ ڪونھي ڪيئو، نَڪو ڪيرو وِشواس خراب ڪيئو ھانَ نَڪو ڪَي ݾون دوکو ڪيئو۔ 3 ھُون ٿونَي ڏوھي ڪرڻ رَي ݾارُو اَي ڪونھي ڪيتو، ڪيونڪہ جون مھَي پيل ڀِي ڪھيو ھَي، ٿونرَي ݾارُو مھورَي من ۾ اھڙِي جگھا ھَي ڪہ مھي جيئڻ ھانَ مرڻ ۾ ھميشا ٿون ڀيڙا ھون۔ 4 مھنَي ٿون تي تموم گھڻو ڀروسو ھَي ھانَ ھُون ٿون تي تموم گھڻو بڏائو ڪرون ھون۔ مھنَي پُورِي تسلِي ھَي، اِيئي رَي ڪري جڪو ڀِي ڏُک مھون تي آوَي ھَي، اُوئي تي ھُون تموم گھڻو خُوش ھون۔ 5 جڏي مھي مَڪدُونيا صُوبَي ۾ آيا ھتا، تو مھونَي آروم ڪونھي مِليو، پڻ چوڌاري مھونَي ڏُک مِلتا۔ ٻاھر جھيڙا جھگڙا ھتا ھانَ من ۾ ٻِي ھتو۔ 6 پڻ ايشوَر جڪو بِنا ھِمت آݪون نَي ھِمت ڏَي ھَي، اُوئي طيطُس رَي آوڻ ݾون مھونَي تسلِي ڏينِي۔ 7 مھونَي نِي رُگو اُوئي رَي آوڻ ݾون تسلِي ملِي، پڻ اِيئي بات ݾون ڀِي تسلِي ملِي جڪو اُوئي نَي ٿونرَي وسيلَي ملِي ھتِي۔ جڏي طيطُس مھونَي ݾُڻايو ڪہ ٿونَي مھارِي تموم گھڻِي ݾِڪ ھَي، آپرَي ڪيئوڙَي ڪومون تي پڇتائو ھو ھانَ مھارو ݾاٿ ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار ھو، تو مھنَي اَڃون ڀِي وڌيڪ خُوشِي ھوئِي۔ 8 مھَي ٿونَي آپرَي خط ݾون پريشون ڪيئا، تو ڀِي ھُون اَي لِکڻ ݾون پڇتاوتو ڪونھي۔ پيل تو ھُون پڇتايو، جڏي مھَي ڏيٺو ڪہ اُوئي ݾون ٿونَي ڪئين ٽيم رَي ݾارُو ڏُک ھويو۔ 9 پڻ ھمَي ھُون خُوش ھون، اِيئي رَي ڪري ڪونھي ڪہ ٿونَي ڏُک ھويو، پڻ اِيئي رَي ڪري ڪہ ٿونرَي ڏُک ٿونَي توبھون ڪرڻ تي مجبُور ڪيئا۔ او ڏُک ايشوَر رِي مرضِي ݾون ھتا، اِيئي رَي ڪري ٿونَي مھورَي طرفون ڪو ڀِي نُقصون ڪونھي ھويو۔ 10 ڪيونڪہ اھڙو ڏُک جڪو ايشوَر رِي مرضِي ݾون ھووَي ھَي، تو اُوئي ݾون مِنک توبھون ڪرَي ھَي ھانَ اھڙِي توبھون ݾون مُگتي ملَي ھَي ھانَ اُوئي ݾون پڇتاوڻو ڪونھي پڙَي، پڻ دُنيا رَي ڏُکون ݾون ھميشا رِي موت ملَي ھَي۔ 11 اِيئي رَي ڪري جوئو، ٿونرو ڏُک جڪو ايشوَر رِي مرضِي ݾون ھَي، اُوئي ٿون تي ڪِترو اَثر ڪيئو ھَي۔ اُوئي ۾ ٿونرَي ݾارُو آپرَي بچا ۾ ڪئين ڪيوَڻ، بُڇڙَي ڪومون تي ڏُک ڪرڻ، ايشوَر رو ٻِي، اُميد، جوش ھانَ بُڇڙائي رِي سزا ڏيوَڻ شامل ھَي۔ ٿون ھر ھيڪ بات ۾ ثابت ڪري بتايو ڪہ ٿي اِيئون باتون ۾ بي ڏوھي ھو۔ 12 مھَي ٿونَي او خط لِکيو تو ھتو، پڻ اِيئي رَي ڪري ڪونھي ڪہ ڏوھ ڪرڻ آݪا جون جڪَي رو ڏوھ ھويو ھتو، اُوئون رَي بارَي ۾ لِکون، پڻ مھارَي لِکڻ رو مقصد اَي ھتو ڪہ ٿونرو جوش جڪو مھورَي ݾارُو ھَي، او ايشوَر آگھي ٿون تي ظاھر ھووَي۔ 13 اِيئي رَي ڪري مھونَي تسلِي ملِي ھَي۔
اِيئي تسلِي ݾون ٽاݪ مھونَي طيطُس رِي خُوشِي ڏيکي، اَڃون ڀِي وڌيڪ خُوشِي ھوئِي، ڪيونڪہ ٿون ݾجون رَي ڪري اُوئي رَي من نَي آروم مِليو ھَي۔ 14 مھَي طيطُس آگھي ٿونرَي بارَي ۾ جڪو ڀِي بڏائو ڪيئو ھتو، اُوئي ۾ مھَي شرمايو ڪونھي، پڻ جھڙَي نمُونَي مھون ٿون ݾون ھميشا ݾاچَي باتون ڪيئَي ھَي، اُوئيج نمُونَي جڪو بڏائو مھَي طيطُس آگھي ڪيئو ھتو، او ڀِي ݾاچو ھَي۔ 15 طيطُس ٿون ݾون تموم گھڻو پريم ڪرَي ھَي، ڪيونڪہ اُوئي نَي ياد ھَي ڪہ ٿون اُوئي رِي تموم گھڻِي عِزت ݾون ميموڻِي ڪِي ھتِي ھانَ اُوئي رَي باتون منئَي ھتَي۔ 16 ھُون خُوش ھون، ڪيونڪہ مھنَي ھر ھيڪ بات ۾ ٿونرَي طرفون تسلِي ھَي۔