6
مھي جڪو ايشوَر ڀيڙا پرچار رَي ڪوم ۾ شامل ھون، ٿونَي اَي ڀِي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ايشوَر رِي ڪِرپا جڪو ٿون تي ھوئِي ھَي، او اجائِي نِي جاوَي۔ ‏2 ڪيونڪہ ايشوَر ڪَي ھَي ڪہ،
”قبُول ڪرڻ آݪَي ٽيم مھَي ٿارِي ݾُڻِي
ھانَ مُگتي آݪَي ڏِن مھَي ٿارِي مدد ڪِي۔“
جوئو، ھمَي قبُول ڪرڻ رو ٽيم آيو رو۔ ھاوي، مُگتي رو ڏِن آج ھَي۔
‏3 مھي ڪيرَي ݾارُو ڀِي رُڪاوٽ ڪونھي ھوتا ڪہ مھون تي پرچار رَي ڪوم ۾ ڪو ڀِي عيب نِي ڪاڍَي۔ ‏4 پڻ ايشوَر رَي شيوادار آݪِي ڪار ھر ھيڪ بات ۾ آپرِي نيڪِي ظاھر ڪرون ھون۔ مھي تموم گھڻَي صبر ݾون مُصيبتون، ضرُورتون ھانَ تڪليفون نَي مُونھ ڏيئون ھون۔ ‏5 مھون چاٻڪ کاڌا، قيد ھويا، جھيڙون ۾ ڦاٿا، پرچار ڪرڻ ۾ تموم گھڻِي محنت ڪِي، اُونگ حروم ڪِي ھانَ بُوک مُوئا۔ ‏6 مھي پويتر نمُونَي، ݾمجھ ݾون، صبر ݾون، مِنکون تي مھربونِي ݾون، پويتر آتما رِي مرضِي تي ھانَ ݾاچَي پريم ݾون بون ھون۔ ‏7 مھي ايشوَر رِي قُدرت ݾون ݾاچ رو پرچار ڪرون ھون ھانَ مھون ڪڍي حملو ڪرڻ ھانَ بچڻ رَي ݾارُو ݾچائي را ھٿيار ھَي۔ ‏8 مھورِي عِزت ڀِي ھووَي ھَي ھانَ بي عِزتي ڀِي۔ مھونَي بدنوم ڀِي ڪيئا جاوَي ھَي ھانَ نيڪِي ڀِي ھووَي ھَي۔ مھي ݾاچا ھون، تو ڀِي ڪئينڪہ مِنک مھونَي دگاباز ݾمجَھي ھَي۔ ‏9 مِنک مھونَي ڪونھي اوݪکتا، تو ڀِي مھي مشھُور ھون۔ مھي موت رَي مُونھ ۾ ھون، تو ڀِي جيتا ھون۔ مِنک مھونَي مارا ڪُوٽو ڪرَي ھَي، پڻ ٺُپ ماريجتا ڪونھي۔ ‏10 مھي ڏُکون ۾ ھون پڻ ھميشا خُوش رون ھون۔ مھي غريبون جھڙا ھون، پڻ تموم گھڻَي مِنکون نَي اَمير ڪري ڇوڙون ھون۔ مِنک مھونَي ݾُڃا ݾمجَھي ھَي، پڻ ايشوَر رَي طرفون مھون ڪڍي تموم گھڻو ھَي۔
‏11 اي ڪِرنٿس شھر رَي وِشواسيون، مھون ٿون ݾون کُلي باتون ڪيئَي ھانَ مھورا دِل را در ٿونرَي ݾارُو کُليوڙا ھَي۔ ‏12 مھورَي دِل ۾ ٿونرَي ݾارُو تموم گھڻِي جگھا ھَي، پڻ ٿونرَي دِل ۾ مھورَي ݾارُو ڪو ڀِي جگھا ڪونھي۔ ‏13 ھمَي ھُون ٿونَي آپرا ٻاݪ ݾمجھي ڪونھ ھون ڪہ ٿي ڀِي ݾاگي نمُونَي مھونَي آپرَي دِل ۾ جگھا ڏيئو۔
غير وِشواسيون رِي دوستي
‏14 غير وِشواسيون رَي بُڇڙَي ڪومون ۾ شامل نِي ھوئو، ڪيونڪہ نيڪِي ھانَ بُڇڙائي ڪيڪر ڀيڙا رئي ݾگھَي ھَي؟ اُجاݪو ھانَ انڌارو ڪيڪر ھيڪِي جگھا تي رئي ݾگھَي ھَي؟ ‏15 مَسيح رو شيطون ݾون ڪھڙو واسطو؟ جون وِشواسي رو غير وِشواسي ݾون ڪھڙو واسطو؟ ‏16 ايشوَر رَي گھر رو مُورتيون ݾون ڪھڙو واسطو؟ ڪيونڪہ مھي جيتَي ايشوَر رو گھر ھون۔ جون ايشوَر ڪھيو ڪہ،
”ھُون اُوئون ۾ رئين
ھانَ اُوئون ۾ گُھمين ڦِرين،
ھُون اُوئون رو ايشوَر ھوئين
ھانَ او مھارا مِنک ھوشَي۔“
‏17 اِيئي رَي ڪري پرميشوَر ڪَي ھَي ڪہ،
”ٿي اُوئون ݾون نڪري ڌار رو،
ڪَي ڀِي پليت شئي نَي ھاٿ نِي لگائو،
تو ھُون ٿونَي قبُول ڪرين۔
‏18 ھُون ٿونرو پِتا ھوئين
ھانَ ٿي مھارا ڏيڪرا ھانَ ڏيڪرَي ھوشو۔
اَي قُدرت آݪو پرميشوَر ڪَي ھَي۔“