اَمر جيوَن رو واعدو
5
مھونَي خبر ھَي ڪہ ڌرتي تي آپڻو ݾَرير تنٻُو آݪِي ڪار ھَي، جڏي اَي نوکيو جاشَي، تو آپون نَي ايشوَر رَي طرفون آڪاش تي ھيڪ پڪو گھر ملشَي۔ او اِنسون رَي ھاٿ رو ٺاھيوڙو ڪونھي ھووَي، پڻ او ھميشا رو گھر ھوشَي۔ 2 آپي اِيئي ݾَرير ۾ نِݾاڪا نوکون ھون ھانَ تموم گھڻِي تمنا راکون ھون ڪہ اُوئي آڪاشِي گھر نَي گاڀون آݪِي ڪار پيرون۔ 3 جڏي آپي او پيرشون، تو او آپڻو نُوئو ݾَرير ھوشَي۔ 4 جترِي توڻي آپي اِيئي تنٻُو ۾ ريشون، اُترِي توڻي ڀار رَي ڪري نِݾاڪا نوکتا ريشون۔ اِيئي رَي ڪري نا ڪہ اَي گاڀا اُتارون، پڻ آپڻِي مرضِي ھَي ڪہ اِيئي ماٿَي آڪاشِي گھر نَي گاڀون آݪِي ڪار پيرون ڪہ جڪو فانِي ھَي، او زندگِي ۾ بدليجَي۔ 5 ايشوَر آپون نَي اِيئي بات رَي ݾارُو تيار ڪيئا ھَي ھانَ پيل ݾون پويتر آتما ذومن ڏينو ھَي۔ 6 اِيئي رَي ڪري مھونَي ھر ٽيم ڀروسو ھَي ھانَ اَي خبر ھَي ڪہ جترِي توڻي آپي اِيئي ݾَرير آݪَي گھر ۾ ھون، اُترِي توڻي پرميشوَر رَي گھر ݾون اݪگا ھون۔ 7 ڪيونڪہ مھي اونکيون ڏيٺِي نا، پڻ وِشواس تي بون ھون۔ 8 ھاوي، مھونَي تموم گھڻو ڀروسو ھَي، تو ڀِي اَي ݾَرير آݪو گھر ڇوڙي پرميشوَر ڪڍي ريوَڻ وڌيڪ پسند ڪرون ھون۔ 9 اِيئي رَي ڪري مھورِي اَي مرضِي ھَي ڪہ بيشڪ مھي آپرَي ݾَرير آݪَي گھر ۾ رون، جون نِي رون، مھورو مقصد اَي ھَي ڪہ مھي پرميشوَر نَي خُوش ڪرون۔ 10 ڪيونڪہ آپون ݾجون نَي مَسيح رِي عدالت آگھي اُڀڻو ھَي ڪہ اوٿ ݾجون نَي اُوئون رَي ڪومون رو اَجر ملَي، جڪو اِيئي ݾَرير ۾ رئي ڪيئا ھَي، بيشڪ او ݾُٺا ھووَي جون ڀُونڏا۔مَسيح رَي وسيلَي ايشوَر ݾون ميلاپ
11 اِيئي رَي ڪري مھي پرميشوَر رو ٻِي راکي مِنکون نَي ݾمجھاوڻ رِي ڪوشش ڪرون ھون۔ ايشوَر مھونَي ݾُٺَي نمُونَي اوݪکَي ھَي ھانَ مھنَي ڀروسو ھَي ڪہ ٿي ڀِي جوڻو ھو۔ 12 مھي ڀڙي آپرِي بکوڻ ڪونھي ڪرتا، پڻ ٿونَي موقعيو ڏيئون ھون ڪہ مھون تي بڏائو ڪرو ڪہ اُوئون مِنکون نَي بݪتِي ڏي ݾگھو، جڪو من رَي باتون تي نا، پڻ ظاھري باتون تي بڏائو ڪرَي ھَي۔ 13 جي ڪئينڪہ مِنک ڪَي ھَي ڪہ مھي دِيوانا ھون، تو مھي ايشوَر رَي ݾارُو ھون ھانَ جي ھوش ۾ ھون، تو ٿونرَي ݾارُو ھون۔ 14 ٻيئي باتون ۾ مَسيح رو پريم مھونَي مجبُور ڪرَي ھَي، ڪيونڪہ مھونَي اَي ڀروسو ھَي ڪہ اوج ݾجون رَي ݾارُو مُوئو، تو اِيئي رو مطلب اَي ھَي ڪہ مھي ݾجائِي مري گيا۔ 15 او اِيئي رَي ڪري مُوئو ڪہ جڪو جيتا ھَي، او ھمَي آپرَي ݾارُو جيتا نِي رَي، پڻ اُوئي رَي ݾارُو جڪو اُوئون رَي ݾارُو مُوئو ھانَ ڀڙي جيتو ھويو۔
16 آج ݾون پَڇي مھي ڪينَي ڀِي دُنياوِي نظر ݾون ڪونھي ڏيکتا۔ مھون پيل مَسيح نَي ڀِي دُنياوِي نظر ݾون ڏيٺو ھتو، پڻ ھمَي اِيئون ڪونھي ڪرتا۔ 17 اِيئي رَي ڪري جڪو مَسيح نَي قبُول ڪرَي ھَي، تو ايشوَر اُوئي نَي نُوئو ٺاوَي ھَي۔ پِروڻِي زندگِي مِٽي جاوَي ھَي ھانَ نُوئِي زندگِي شرُوع ھووَي ھَي۔ 18 اَي ݾجَي شيون ايشوَر رَي طرفون ھَي، جڪَي مھونَي مَسيح رَي وسيلَي آپ ڀيڙا شامل ڪيئا ھَي ھانَ اُوئي مھونَي اَي شيوا رو ڪوم ڏينو ڪہ مھي مِنکون رو ايشوَر ݾون ميلاپ ڪرائُون۔ 19 مطلب اَي ھَي ڪہ ايشوَر جگت رَي مِنکون ݾون مَسيح رَي وسيلَي ميلاپ ڪيئو ھَي ھانَ اُوئي اُوئون رَي ڏوھون رو ڪو ڀِي حِساب ڪونھي ڪيئو۔ اُوئي مھونَي آپ ڀيڙا ھيڪ ڪرڻ رو نياپو مھورَي حوالي ڪيئو ھَي۔ 20 اِيئي رَي ڪري مھي مَسيح رو نياپو ڏيوَڻ آݪا ھون ھانَ ايشوَر مھورَي وسيلَي مِنکون نَي ھدايت ڪرَي ھَي۔ مھي مَسيح رَي طرفون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٿي ايشوَر ڀيڙا ھيڪ ھوئو۔ 21 مَسيح ۾ ڪو ڀِي ڏوھ ڪونھي ھتو، پڻ ايشوَر اُوئي نَي آپڻَي ݾارُو ڏوھون رو ٻَليدون ڪيئو ڪہ مَسيح تي وِشواس راکڻ ݾون آپون ۾ ايشوَر رِي ݾچائي ڏيکيجَي۔