2
مھَي آپرَي من ۾ رِٿا ڪِي ھتِي ڪہ ٿون ڪڍي ڀڙي آئي ٿونَي ڏُک نِي ڏيئون۔ ‏2 ڪيونڪہ جي ھُون ٿونَي ڏُک ڏيئون، تو پَڇي مھنَي ٿون بِنا ڪُڻ خُوش راکشَي، جڪو مھارَي ڪري ڏُکيو ھويو؟ ‏3 مھَي ٿونَي اِيئي رَي ڪري خط لِکيو ھتو ڪہ جڏي ھُون آئُون، تو اِيئون نِي ھووَي ڪہ جڪون ݾون مھنَي خُوشِي مِلڻ کپَي، اُوئون ݾون مھنَي ڏُک ملَي، ڪيونڪہ مھنَي ٿون ݾجون تي ڀروسو ھَي ڪہ مھارِي خُوشِي ٿون ݾجون رِي خُوشِي ھَي۔ ‏4 ڪيونڪہ مھَي تموم گھڻِي مُصيبت ھانَ ڏُک رِي حالت ۾ تموم گھڻا اَنݾُو بائي بائي ٿونَي او خط لِکيو ھتو۔ مھارو مقصد ٿونَي ڏُک ڏيوَڻ ڪونھي ھتو، پڻ مھارِي مرضِي ھتِي ڪہ ٿونَي خبر پڙَي ڪہ ھُون ٿون ݾون ڪِترو گھڻو پريم ڪرون ھون۔
ڏوھ معاف ڪرڻ
‏5 جي ڪَي مھنَي ڏُک ڏينو ھَي، تو اُوئي نِي رُگو مھنَي پڻ ٿوڙو گھڻو ٿون ݾجون نَي ڀِي ڏُک ڏينو ھَي، پڻ ھُون اِيئي بات تي گھڻو زور ڪونھي ڏيتو۔ ‏6 ڪيونڪہ جڪو سزا ٿون ۾ تموم گھڻَي مِنکون رَي طرفون اُوئي نَي ملِي ھَي، او اُوئي رَي ݾارُو گھڻِي ھَي۔ ‏7 ڀلو اَي ھَي ڪہ ٿي اُوئي رو ڏوھ معاف ڪرو ھانَ اُوئي نَي تسلِي ڏيئو، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او ڏُکون رَي ڪري آپرو وِشواس ڦِٽو ڪرَي۔ ‏8 اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ اُوئي نَي ڀروسو ڏيرائو ڪہ ٿي اُوئي ݾون پريم ڪرو ھو۔ ‏9 مھَي اِيئي رَي ڪري ٿونَي لِکيو ھتو ڪہ ٿونرو آزمُوتو ليئون ھانَ جوئُون ڪہ ٿي مھارَي ݾجَي باتون منو ھو، جون نا۔ ‏10 جڪَي نَي ٿي معاف ڪرو ھو، ھُون ڀِي اُوئي نَي معاف ڪرون ھون ھانَ جڪَي نَي مھَي معاف ڪيئو ھَي، تو ٿونرَي ڪري مَسيح ۾ معاف ڪيئو ھَي، ‏11 اِيئي رَي ڪري ڪہ شيطون آپون نَي دوکو ڏي فائدو نِي لَي، ڪيونڪہ آپون نَي اُوئي رِي چالاڪِي رِي خبر ھَي۔
تروآس شھر ۾ پولُوس رِي پريشونِي
‏12 جڏي ھُون مَسيح رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوڻ رَي ݾارُو تروآس شھر ۾ پُگو، تو پرڀُو يسُوع رَي طرفون مھارَي ݾارُو پرچار رو در کُلي گيو۔ ‏13 پڻ جڏي مھارو وِشواسي ڀائي طيطُس مھنَي اوٿ ڀيڙو ڪونھي ھويو، تو ھُون پريشون ھويو۔ اِيئي رَي ڪري ھُون اوٿ رَي مِنکون ݾون موڪلائي مَڪدُونيا صُوبَي ڏيݾا بُوئو گيو۔
مَسيح رَي وسيلَي ڪاميابي
‏14 ايشوَر رو شُڪر ھَي، جڪو مھونَي ھميشا مَسيح ۾ ڀيڙا ڪري ڪاميابي آݪَي جلسَي ۾ ڦيراوَي ھَي ھانَ اِيئي نمُونَي او مھورَي وسيلَي مَسيح رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر رِي خُوشبو ھر جگھا بِکورَي ھَي۔ ‏15 ڪيونڪہ مھي ايشوَر آگھي مُگتي مِلڻ آݪون ھانَ مرڻ آݪون، ٻيئون رَي ݾارُو مَسيح رِي خُوشبو ھون۔ ‏16 ڪئينڪہ مِنکون رَي ݾارُو موت رِي باݾنا ھانَ ڪئينڪہ مِنکون رَي ݾارُو زندگِي ڏيوَڻ آݪِي خُوشبو ھون، پڻ ڪيو ھَي جڪو اَي ڀار کڻڻ رَي لائق ھَي؟ ‏17 مھي اُوئون مِنکون جھڙا ڪونھي ھون جڪو ايشوَر رَي باتون ۾ ڪُوڙَي باتون مِلاوَي ھَي، پڻ مھي ايشوَر رَي طرفون ھانَ اُوئي نَي حاضر ݾمجھي، مَسيح ۾ من رِي ݾچائي ݾون ٻولون ھون۔