ٻيجون رو خيال راکڻ
15
آپي جڪو وِشواس ۾ پڪا ھون آپڻو فرض ھَي ڪہ آپي گھٽ وِشواس آݪون رَي ڪمزورَي برداش ڪرون۔ آپي رُگو آپرِي خُوشِي رو خيال نِي راکون، ‏2 پڻ ھر ھيڪ وِشواسي رَي فائدَي ھانَ خُوشِي رو خيال راکون ڪہ او پڪا وِشواسي ھووَي۔ ‏3 ڪيونڪہ مَسيح ڀِي آپرِي خُوشِي رَي ݾارُو زندگِي ڪونھي گُذارِي۔ جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جڪون ٿنَي بُرو ڀلو ڪھيو، ݾمجھو ڪہ اُوئون مھنَي بُرو ڀلو ڪھيو۔“
‏4 جڪو باتون پيل لِکيوڙَي ھتَي، او آپون نَي ݾيکاوڻ رَي ݾارُو ھتَي۔ جڏي آپي صبر ݾون ايشوَر را واعدا پُورا ھوئڻ رو اِنتظار ڪرون ھون، تو آپون نَي شاستر ݾون اُميد ھانَ تسلِي ملَي ھَي۔ ‏5 ايشوَر جڪو صبر ھانَ حوصلو ڏَي ھَي، او ٿونرِي مدد ڪرَي ڪہ ٿي مَسيح يسُوع آݪِي ڪار ھيڪَي ٻيجَي رو خيال ڪرو ‏6 ھانَ ٿي ݾجائِي ڀيڙا ھوئي آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح رَي پِتا يعني ايشوَر رِي بکوڻ ڪري ݾگھو۔
ٻيجَي قومون رَي ݾارُو خُوشِي رِي خبر
‏7 ٿي ھيڪَي ٻيجَي نَي اُوئيج نمُونَي قبُول ڪرو، جھڙَي نمُونَي مَسيح ٿونَي قبُول ڪيئا ھَي ڪہ ايشوَر رِي بکوڻ ھووَي۔ ‏8 ھُون ٿونَي ݾُڻائُون ھون ڪہ مَسيح اِيئي رَي ڪري يھُودي قوم رو شيواداري ھويو ڪہ مھورَي ٻاپ ڏاڏون ݾون ڪيئوڙا واعدا پُورا ڪري، ثابت ڪرَي ڪہ ايشوَر ݾاچو ھَي۔ ‏9 او اِيئي رَي ڪري آيو ڪہ ٻيجَي قومون ڀِي ايشوَر رِي دايا رَي ڪري اُوئي رِي بکوڻ ڪرَي۔ جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”اِيئي رَي ڪري ھُون ٻيجَي قومون ۾ ٿارِي بکوڻ ڪرين۔
ھُون ٿارَي نون را ڀجن گائين۔“
‏10 اَي ڀِي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”اي ٻيجِي قوم آݪون، ٿي ايشوَر رَي مِنکون ڀيڙا خُوشِي ملھائو۔“
‏11 اَي ڀِي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”اي ݾجون ٻيجِي قوم آݪون، ٿي پرميشوَر رِي بکوڻ ڪرو۔
اي دُنيا رَي ݾجَي قومون، ٿي اُوئي رِي بکوڻ ڪرو۔“
‏12 يسعياھ نبِي ڪھيو ڪہ،
”يَسي رِي نسل ݾون ھيڪ مِنک آشَي،
جڪو ٻيجَي قومون تي بادشاھي ڪرشَي۔
او اُوئي تي اُميد راکشَي۔“
‏13 ايشوَر جڪو اُميد ڏَي ھَي، او ٿونَي تموم گھڻِي خُوشِي ھانَ حوصلو ڏَي، ڪيونڪہ ٿي اُوئي تي وِشواس راکو ھو، اِيئي رَي ڪري پويتر آتما رِي قُدرت ݾون ٿونرِي اُميد اَڃون ڀِي وڌيڪ ھووَي۔
پولُوس رو لِکڻ رو مقصد
‏14 اي پيارَي وِشواسيون، مھنَي ٿونرَي بارَي ۾ ڀروسو ھَي ڪہ ٿي ڀلائي ڪرتا رو ھو۔ ٿونَي اِيئي بات رِي ݾُٺَي نمُونَي خبر ھَي ھانَ ھيڪَي ٻيجَي نَي ݾيکاوتا رو ھو۔ ‏15 پَڇي ڀِي مھَي ٿونَي ڪئينڪہ باتون ياد ڏيراوڻ رَي ݾارُو اَي خط موٽِي دليرِي ݾون لِکيو ھَي، ڪيونڪہ ھُون ايشوَر رِي ڪِرپا ݾون ‏16 ٻيجَي قومون رو مَسيح يسُوع ۾ شيواداري ھون۔ ھُون ٿون ۾ ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر رو پرچار اُوئي رَي پُوجاريون آݪِي ڪار ڪرون ھون ڪہ ٿونَي ايشوَر آگھي اُوئي ٻَليدون آݪِي ڪار لي جائُون، جڪو پويتر آتما ݾون پويتر ڪيئوڙو ھووَي ھَي۔ ‏17 اِيئي رَي ڪري ھُون مَسيح يسُوع ۾ ايشوَر آگھي آپرَي پرچار رَي ڪوم تي بڏائو ڪرون ھون۔ ‏18 ھُون ڪَي ٻيجِي بات رَي بارَي ۾ نا، پڻ اُوئون ڪومون ھانَ پرچار رَي بارَي ۾ دليرِي ݾون ڪونھ ھون جڪو مھَي مَسيح رَي وسيلَي ڪيئا ھانَ جڪَي ݾون ٻيجَي قومون ايشوَر تي وِشواس راکيو۔ ‏19 اُوئون پرچون، عجيب ڪومون رِي طاقت ھانَ پويتر آتما رِي قُدرت ݾون وِشواس راکيو۔ اِيئي رَي ڪري مھَي چوڌاري يعني يروشلم شھر ݾون لي اِلرڪُم علائقَي توڻي مَسيح رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪيئو۔ ‏20 مھارو مقصد اَي ھتو ڪہ جيٿ ڀِي ڪَي مَسيح رو نون ڪونھي ݾُڻيو، اوٿ جائي خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرون ھانَ ڪَي ٻيجَي رَي راکيوڙَي بُنياد تي گھر نِي ٺائُون۔ ‏21 جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جڪون نَي اُوئي رَي بارَي ۾ ڪڏي ڀِي ڪونھي ݾُڻايو، او ڏيکشَي۔
ھانَ جڪون اُوئي رَي بارَي ۾ ڪڏي ڀِي ڪونھي ݾُڻيو، او ݾمجھشَي۔“
پولُوس رو رُوم مُلڪ ڏيݾا جاوڻ رو اِرادو
‏22 مھَي تموم گھڻا گُھمرا ٿون ڪڍي آوڻ رِي ڪوشش ڪِي، پڻ پرچار رَي ڪوم رَي ڪري آئي ڪونھي ݾگھيو۔ ‏23 پڻ ھمَي مھارَي پرچار رو ڪوم اِيئي علائقَي ۾ پُورو ھويو رو ھانَ تموم گھڻَي ݾالون رَي اِنتظار ݾون پَڇي ھمَي مھارِي ٿون ڪڍي آوڻ رِي مرضِي ھَي۔ ‏24 اِيئي رَي ڪري جڏي ھُون اسپين صُوبَي ڏيݾا جائين، تو اُميد ھَي ڪہ مارگ ۾ ٿون ݾون مِلتو جائين۔ مھارِي ڪئينڪہ ٽيم ٿون ڪڍي ريوَڻ رِي مرضِي ھَي، پڻ جڏي مھارو من ڀريجي جاشَي، تو ٿي مھنَي اسپين ڏيݾا ميلي ڇوڙيا۔ ‏25 پڻ ٿون ڪڍي آوڻ ݾون پيل ھُون يروشلم جائين۔ مھارِي مرضِي ھَي ڪہ اوٿ رَي وِشواسيون رِي مدد ڪرون۔ ‏26 ڪيونڪہ مَڪدُونيا ھانَ اَخيا صُوبَي رَي وِشواسيون، يروشلم رَي غريب وِشواسيون رِي مدد رَي ݾارُو ڪئينڪہ دون ڀيڙو ڪيئو ھَي۔ ‏27 اُوئون آپرِي خُوشِي ݾون ڏينو، پڻ حقيقت ۾ اَي اُوئون رو فرض ھتو، ڪيونڪہ جڪو برڪتون پويتر آتما، يروشلم رَي وِشواسيون نَي ڏينَي ھَي، او ٻيجَي قومون نَي ڀِي ڏينَي ھَي، اِيئي رَي ڪري ٻيجِي قوم رَي وِشواسيون رو فرض ھَي ڪہ او دُنياوِي برڪتون ݾون اُوئون رِي مدد ڪرَي۔ ‏28 جڏي ھُون اَي ضرُوري ڪوم پُورو ڪرين ھانَ اُوئون رَي ݾارُو ڀيڙو ڪيئوڙو دون اُوئون نَي پُگائين، تو پَڇي اسپين جاوتِي بِݪا ٿون ݾون مِلتو جائين۔ ‏29 مھنَي خبر ھَي، جڏي ھُون ٿون ڪڍي آئين، تو ٿونَي مَسيح رِي ݾجِي برڪت ملشَي۔
‏30 اي وِشواسيون، ھُون آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح رو واسطو ڏي ھانَ پويتر آتما رو پريم ياد ڏيرائي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٿي مھَي آݪِي ڪار مھارَي ݾارُو ايشوَر ݾون پراٿنا ڪرتا رو۔ ‏31 پراٿنا ڪرو ڪہ يروشلم را وِشواسي مھارَي پرچار رو ڪوم قبُول ڪرَي ھانَ ايشوَر مھنَي يھُوديا صُوبَي رَي اُوئون مِنکون ݾون بچاوَي، جڪو يسُوع مَسيح نَي ڪونھي منتا۔ ‏32 پَڇي جي ايشوَر رِي مرضِي ھوئِي، تو ھُون خُوشِي ݾون ٿون ڪڍي آئين ھانَ آپي ھيڪَي ٻيجَي نَي ھِمت ڏيشون۔ ‏33 ھمَي ݾجون نَي ݾُک ڏيوَڻ آݪو ايشوَر ٿون ڀيڙو ھووَي۔ آمين۔