جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا
16
ھُون ٿونَي آپڻِي وِشواسي ٻين فيبي رِي پارت ڪرون ھون۔ او ڪِنخريا شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي ۾ ايشوَر رِي شيوا رو ڪوم ڪرَي ھَي۔ 2 وِشواسي ھوئڻ رَي ڪري ٿي اُوئي نَي پرڀُو رَي نون ݾون خُوشِي ݾون قبُول ڪريا۔ اُوئي رِي جڪو ڀِي ضرُورت ھووَي، تو ٿي اُوئي رِي مدد ڪريا، ڪيونڪہ او تموم گھڻَي مِنکون رِي مدد ڪرتِي رئِي ھَي۔ اُوئي مھارِي ڀِي مدد ڪِي ھَي۔ 3 پرسڪلا ھانَ اَڪولا نَي مھارَي طرفون جَئي پرڀُو رِي ڪھيا۔ او ڀِي مھَي آݪِي ڪار مَسيح يسُوع تي وِشواس راکي اُوئي رو پرچار ڪرَي ھَي۔ 4 اُوئون مھنَي بچاوڻ رَي ݾارُو آپنَي خطرَي ۾ گھاتيا۔ نِي رُگو ھُون پڻ ٻيجَي قومون رَي وِشواسي مَنڊلَي ڀِي اُوئون رو شُڪر ڪرَي ھَي۔ 5 اُوئون رَي گھري ڀيڙَي ھوئڻ آݪَي وِشواسي مَنڊليون نَي ڀِي مھارا جَئي پرڀُو را ڪھيا۔مھارَي پيارَي دوست اپنيتُس نَي ڀِي مھارا جَئي پرڀُو را ڪھيا۔ اُوئي آسيا صُوبَي ۾ ݾجون ݾون پيل مَسيح تي وِشواس راکيو ھتو۔ 6 مريم نَي ڀِي مھارَي طرفون جَئي پرڀُو رِي ڪھيا جڪَي ٿونرَي ݾارُو تموم گھڻِي محنت ڪِي۔ 7 اندرنيڪُس ھانَ يُونياس نَي مھارَي طرفون جَئي پرڀُو رِي ڪھيا۔ او مھارا يھُودي ڀائي ھَي جڪو مھَي ڀيڙا قيد ڀِي ھويا۔ سنت اُوئون رِي تموم گھڻِي عِزت ڪرَي ھَي ھانَ اُوئون مھَي ݾون پيل مَسيح تي وِشواس راکيو ھتو۔
8 امپلياطُس نَي مھارا جَئي پرڀُو را ڪھيا، او پرڀُو ۾ مھارو پيارو دوست ھَي۔ 9 اُربانُس نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا، او مَسيح ۾ مھَي آݪِي ڪار پرچار ڪرَي ھَي۔ اِيئي نمُونَي مھارَي پيارَي دوست استخُس نَي ڀِي جَئي پرڀُو را ڪھيا۔ 10 اپيليس نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا، جڪَي ڏُک ڏيکي اَي ثابت ڪيئو ڪہ مَسيح تي اُوئي رو وِشواس پڪو ھَي۔ ارستبُولُس ھانَ اُوئي رَي گھر نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا۔ 11 مھارَي عزيز ھيروديون نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا۔ نرڪسُس رَي گھر نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا، جڪو پرڀُو لاري بَي ھَي۔
12 ترفينا ھانَ تروفُوسا نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا، اُوئي پرڀُو رو پرچار رو ڪوم محنت ݾون ڪيئو ھَي۔ مھارِي پيارِي ٻين پرسِس نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا، اُوئي ڀِي پرڀُو رو ڪوم محنت ݾون ڪيئو ھَي۔ 13 مھورَي پيارَي ڀائي رُوفس نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا، او پرڀُو رو چُونڊيوڙو ھَي۔ اِيئي نمُونَي اُوئي رِي ما نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا، جڪو مھارَي ݾارُو ما آݪِي ڪار ھَي۔ 14 اسنڪرتُس، فلگون، ھرميس، پترباس، ھرماس ھانَ جڪو وِشواسي ڀائي اُوئون ڀيڙا ھَي اُوئون نَي مھارَي طرفون جَئي پرڀُو رِي ڪھيا۔ 15 فلگُس ھانَ يُوليا، نيريُوس ھانَ اُوئي رِي ٻين اُلمپاس ھانَ اُوئون وِشواسيون نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا جڪو اُوئون ڀيڙا ھَي۔
16 ھيڪَي ٻيجَي نَي پريم ݾون جَئي پرڀُو رِي ڪو۔ ھُون مَسيح رَي ݾجَي وِشواسي مَنڊليون رَي طرفون ٿونَي جَئي پرڀُو رِي ڪونھ ھون۔
آخري باتون
17 اي وِشواسيون، ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٿي اُوئون ݾون ھوشيار ھانَ اݪگا رو، جڪو اُبتَي باتون ݾيکائي ٿون ۾ ڏڦيڙ گھاتَي ھَي ھانَ ٿونَي گُھمراھ ڪرَي ھَي۔ مھون ٿونَي اھڙَي باتون ڪونھي ݾيکائَي۔ 18 اھڙا مِنک آپڻَي پرڀُو، مَسيح رِي نا، پڻ آپرَي پيٽ رِي ڀگتي ڪرَي ھَي۔ او سادَي مِنکون نَي ميٺَي ھانَ موٽَي باتون ڪري دوکو ڏَي ھَي۔ 19 ٿونرِي وفادارِي رَي بارَي ۾ ݾجون ݾُڻيو ھَي، اِيئي رَي ڪري ھُون ڀِي ٿون ݾون تموم گھڻو خُوش ھون۔ تو ڀِي مھارِي مرضِي ھَي ڪہ جترِي توڻي نيڪِي رِي بات ھَي، تو ٿي ݾمجھدار ھوئو، جترِي توڻي بُڇڙائي رِي بات ھَي، تو ٿي بي ݾمجھ رو۔ 20 ݾُک ڏيوَڻ آݪو ايشوَر تموم گھڻو ڇيڪو شيطون نَي ٿونرَي پگون ھيٺا لتاڙي ڇوڙشَي۔
ٿون ݾجون تي آپڻَي پرڀُو يسُوع رِي ڪِرپا ھوتِي رَي۔
21 تيمٿيس جڪو مھَي ڀيڙو ايشوَر رَي پرچار رو ڪوم ڪرَي ھَي ھانَ مھارو عزيز لُوڪيس، ياسُون ھانَ سوسپطرس ٿونَي جَئي پرڀُو رِي ڪَي ھَي۔
22 ھُون ترتُيس جڪو اَي خط لِکون پڙيو، ھُون ڀِي ٿون ݾجون نَي جَئي پرڀُو رِي ڪونھ ھون۔
23 گَيُس ڀِي ٿونَي جَئي پرڀُو رِي ڪَي ھَي، جڪَي آپڻِي ھانَ ݾجِي وِشواسي مَنڊلِي رِي ميموڻِي ڪِي ھتِي۔ شھر رو خزانچِي اراستُس ھانَ مھورو وِشواسي ڀائي ڪوارتُس ڀِي ٿونَي جَئي پرڀُو رِي ڪَي ھَي۔ 24 [آپڻَي پرڀُو يسُوع رِي ڪِرپا ٿون ݾجون ماٿَي ھوتِي رَي۔]
آخري پراٿنا
25 ايشوَر رِي بکوڻ ھووَي، اوج ٿونرو وِشواس پڪو ڪري ݾگھَي ھَي، ڪيونڪہ مھارِي ݾُڻايوڙِي يسُوع مَسيح رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر ڀِي اَئيج ھَي۔ اِيئي ݾون مھونَي ٻيجِي قوم رَي بارَي ۾ اُوئي رَي ڀيد رِي خبر پڙِي، جڪو پيل ݾون لِڪيوڙو ھتو۔ 26 ھمَي نبيون رَي شاستر ھانَ اُوئي رَي حُڪمون رَي وسيلَي ݾجَي ٻيجَي قومون نَي اِيئي ڀيد رِي خبر پڙِي ھَي، اِيئي رَي ڪري ايشوَر تي وِشواس راکي اُوئي لاري بون۔
27 ھمَي يسُوع مَسيح رَي وسيلَي اُوئي ھيڪَي ايشوَر رِي ھميشا بکوڻ ھوتِي رَي جڪو ݾجو ڪئين جوڻَي ھَي۔ آمين۔