شريعت ݾون آزادي
7
اي وِشواسيون، ھمَي ھُون جڪو ڪيوَڻ آݪو ھون، ٿي اُوئي رَي بارَي ۾ ݾمجھي جاشو، ڪيونڪہ ٿونَي شريعت رِي خبر ھَي۔ اِنسون اُوئي ٽيم توڻي شريعت تي بَي ھَي، جترِي توڻي او جيتو ھَي۔ 2 مِثال، پرڻيوڙِي لُگائِي شريعت تي اُوئي ٽيم توڻي آپرَي ڌڻِي ڀيڙِي رَي ھَي، جترِي توڻي او جيتو ھَي، پڻ ڌڻِي رَي مرڻ ݾون پَڇي بيئان رَي ٻنڌڻ ݾون آزاد ھَي۔ 3 اِيئي نمُونَي جي او لُگائِي آپرَي ڌڻِي رَي جيتَي جِي ڪَي ٻيجَي مِنک ڪڍي جاوَي ھَي، تو او زنا ڪرَي ھَي، پڻ جي اُوئي رو ڌڻِي مري جاوَي، تو شريعت تي او اِيئي ٻنڌڻ ݾون آزاد ھَي۔ پَڇي جي او ڪَي ٻيجَي مِنک ݾون بيئان ڪرَي ھَي، تو او زنا ڪونھي ڪرتِي۔4 اي پيارَي وِشواسيون، اِيئي نمُونَي ٿي ڀِي مَسيح رِي موت رَي وسيلَي شريعت تي مري گيا ھو۔ ھمَي ٿي اُوئي ڀيڙا ھيڪ ھويا ھو، جڪو مُوئوڙون ݾون جيتو ھويو ڪہ آپي ايشوَر رَي ݾارُو ڦلدار ھوئون۔ 5 جڏي آپي، آپرِي مرضِي تي بيتا، تو شريعت ݾون آپون نَي پاپون رِي خبر پڙِي، جڪَي رَي ڪري آپون اھڙا بُڇڙا ڪوم ڪيئا، اُوئي رو نتيجو ھميشا رِي موت ھَي۔ 6 ھمَي آپي شريعت ݾون آزاد ھويا را۔ پيل آپي شريعت ۾ ڦاٿوڙا ھتا، پڻ ھمَي شريعت رَي حِساب ݾون مُوئوڙا ھون۔ ھمَي آپي ايشوَر رِي شيوا پِروڻِي لِکيوڙِي شريعت تي نا، پڻ پويتر آتما آݪِي نُوئِي زندگِي ۾ بيوَڻ ݾون ڪرون ھون۔
شريعت ھانَ پاپ
7 اي وِشواسيون، ھمَي آپي ڪِي ڪونھ؟ ڪِي اَي ڪہ شريعت تي بيوَڻ پاپ ھَي؟ ڪڏي ڀِي نا، ڪيونڪہ جي شريعت نِي ھوئِي ھووَنت، تو مھنَي پاپ رِي ڪيڪر خبر پڙون تو۔ مِثال، جي شريعت اَي نِي ڪونھ تو ڪہ، ”لالچ نِي ڪر۔“ تو مھنَي خبر ڪونھي پڙون تو، ڪہ لالچ ڪِي ھَي۔ 8 پڻ جڏي مھنَي حُڪمون ݾون خبر پڙِي ڪہ لالچ ڪرڻ پاپ ھَي، تو اِيئي پاپ رَي ڪري ھر نمُونَي رو لالچ مھَي ۾ آيو، ڪيونڪہ شريعت ݾون ٽاݪ پاپ ڪئين ڪونھي۔ 9 پيل ھُون، بِنا شريعت بيتو، پڻ جڏي ايشوَر حُڪم ڏينا، تو مھنَي پاپ رِي خبر پڙِي۔ 10 اِيئي نمُونَي او حُڪم جڪَي رو مقصد مھنَي زندگِي ڏيوَڻ ھتو، اوج مھارَي ݾارُو موت رو ڪارڻ ھويا۔ 11 ڪيونڪہ پاپ اُوئي حُڪم رو فائدو لي مھنَي دوکو ڏينو، اِيئي نمُونَي حُڪمون مھنَي ماري ڇوڙيو۔ 12 حقيقت ۾ شريعت، پويتر ھَي ھانَ اِيئي رو ھر ھيڪ حُڪم پويتر، ݾاچو ھانَ ڀلو ھَي۔ 13 اِيئي نمُونَي ڪِي او فائدَي آݪِي شئي مھارَي ݾارُو موت رو ڪارڻ ھوئِي؟ ڪڏي ڀِي نا، ڪيونڪہ حُڪمون نا، پڻ پاپ اَي ڪوم ڪيئو ھَي، جڪَي ھيڪِي ݾُٺِي شئي رو سھارو ليئو ھانَ مھارَي ݾارُو موت رو ڪارڻ ھويو۔ اَي اِيئي رَي ڪري ھويو ڪہ حُڪمون رَي وسيلَي پاپ رِي حد ݾون وڌيڪ بُڇڙائي رِي خبر پڙَي۔
پاپ رِي غُلومي
14 آپون نَي خبر ھَي ڪہ شريعت آپڻِي آتما رَي ݾارُو ھَي، پڻ ھُون اِنسون ھون ھانَ پاپ رو غُلوم ھون۔ 15 حقيقت ۾ مھنَي مھارَي ڪوم رِي ݾمجھ ڪونھي، ڪيونڪہ ھُون او ڪوم ڪونھي ڪرتو جڪو ڪرڻ کپَي، پڻ او ڪوم ڪرون ھون جڪَي ݾون مھنَي نفرت ھَي۔ 16 پڻ جڏي ھُون او ڪوم ڪرون ھون جڪون نَي ڪرڻ رِي مھارِي مرضِي ڪونھي، تو اِيئي ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ ھُون منون ھون ڪہ شريعت ݾُٺِي ھَي۔ 17 اِيئي نمُونَي او ڪوم ھُون ڪونھي ڪرتو، پڻ پاپ ڪرَي ھَي جڪو مھَي ۾ رَي ھَي۔ 18 مھنَي خبر ھَي ڪہ ھُون آپرِي ڪوشش ݾون ݾُٺا ڪوم ڪري ڪونھي ݾگھتو، ڪيونڪہ مھارَي من ۾ ݾُٺا ڪوم ڪرڻ رو اِرادو تو ھَي، پڻ تو ڀِي او ڪري ڪونھي ݾگھتو۔ 19 اِيئي نمُونَي جڏي ݾُٺا ڪوم ڪرڻ رو اِرادو ڪرون ھون، او تو ڪونھي ھوتا، پڻ جڪَي خراب ڪوم رو اِرادو ڪونھي ڪرتو، تو او ھوئي جاوَي ھَي۔ 20 جڏي ھُون اھڙا ڪوم ڪرون ھون، جڪون نَي ڪرڻ رو اِرادو ڪونھي، تو اُوئون نَي ڪرڻ آݪو ھُون نا، پڻ پاپ ھَي جڪو مھَي ۾ رَي ھَي۔ 21 اِيئي نمُونَي مھنَي خبر پڙَي ھَي ڪہ ڪو ٻيجِي شريعت ھَي ھانَ جڪَي رو اَي ڪوم ھَي ڪہ جڏي ھُون ݾُٺا ڪوم ڪرڻ رو اِرادو ڪرون ھون، تو مھَي ݾون پاپ ھوئي جاوَي ھَي۔ 22 مھارو من ايشوَر رِي شريعت ݾون خُوش ھَي، 23 پڻ ھيڪ ٻيجِي شريعت ڪوم ڪرَي پڙِي جڪو مھارَي من رِي شريعت ݾون بِڙھَي ھَي۔ او شريعت مھنَي پاپ رو غُلوم ٺاوَي ھَي، جڪو مھارَي ݾَرير ۾ ڪوم ڪرَي پڙِي۔ 24 ھُون ڪِترو تو نِڀاگو ھون۔ مھارو ݾَرير موت رَي ھاٿ ۾ ھَي، ڪُڻ مھنَي ڇوڙاشَي؟ 25 ھُون ايشوَر رو شُڪر ڪرون ھون جڪو مھنَي آپڻَي پرڀُو يسُوع مَسيح رَي وسيلَي ڇوڙاشَي۔ ھُون آپرِي ݾمجھ تي پرميشوَر رِي شريعت تي بون ھون، پڻ اِنسون ھوتَي اَڃون توڻي پاپ رِي شريعت رو غُلوم ھون۔