ايشوَر رو اِنصاف
2
اِيئي رَي ڪري تُو جڪو اِنسون ھَي، ٿَي ڪڍي ڪو ڀِي بھانو ڪونھي، ڪيونڪہ جڏي تُو ٻيجون تي الزوم لگاوَي ھَي ھانَ تُو آپ اوج ڪوم ڪرَي ھَي، تو اِيئي نمُونَي تُو آپرو آپنَي ڏوھي ڪرَي ھَي۔ 2 آپون نَي خبر ھَي ڪہ جڪو اھڙا ڪوم ڪرَي ھَي، ايشوَر اُوئون رو فيصلو اِنصاف ݾون ڪرَي ھَي۔ 3 اي اِنسون، تُو جڪو ٻيجون تي الزوم لگاوَي ھَي، پڻ تُو آپ اوج ڪوم ڪرَي ھَي۔ تو ڪِي، اَي ݾمجَھي ھَي ڪہ تُو ايشوَر رَي اِنصاف ݾون بچي جائِي؟ 4 ڪِي تُو ايشوَر رِي تموم گھڻِي مھربونِي، صبر ھانَ برداش نَي ڪئين ڪونھي ݾمجھتو؟ ڪِي ٿنَي خبر ڪونھي ڪہ ايشوَر ٿَي تي اِيئي رَي ڪري مھربون ھَي ڪہ تُو آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرَي؟ 5 پڻ ٿارو من اِترو تو ڪاٺو ھويو رو ڪہ تُو توبھون ڪونھي ڪرتو، تو پَڇي ايشوَر رَي ڪھر آݪَي ڏِن جڏي او دُنيا رو اِنصاف ڪرشَي، تو ٿنَي تموم گھڻِي سزا ملشَي۔ 6 اُوئي ٽيم ايشوَر ھر ھيڪ نَي اُوئي رَي ڪومون رو اَجر ڏيشَي۔ 7 جڪو مِنک ݾُٺا ڪوم ڪرَي ھَي ھانَ ايشوَر رِي نظر ۾ مھما، عِزت ھانَ زندگِي تلاش ڪرَي ھَي، اُوئون نَي اَمر جيوَن ملشَي۔ 8 پڻ جڪو مِنک مطلبي ھَي ھانَ او ݾچائي نَي ڇوڙي بُڇڙائي لاري بَي ھَي، اُوئون تي ايشوَر رِي ريݾ ھانَ ڪھر پڙشَي۔ 9 ڏُک ھانَ مُصيبت اُوئي مِنک تي آشَي، جڪو بُڇڙا ڪوم ڪرَي ھَي، پيل يھُوديون تي ھانَ پَڇي ٻيجَي قومون تي۔ 10 پڻ مھما، عِزت ھانَ ݾُک ھر ھيڪ نَي ملشَي جڪو ݾُٺا ڪوم ڪرَي ھَي، پيل يھُوديون نَي ھانَ پَڇي ٻيجَي قومون نَي۔ 11 ڪيونڪہ ايشوَر ڪيرو ڀِي پاݾو ڪونھي ليتو۔ايشوَر رو اِنصاف ھانَ شريعت
12 جڪون نَي شريعت رِي خبر ڪونھي ھانَ او پاپ ڪرَي ھَي، او بِنا شريعت مرشَي، جڪون ڪڍي شريعت ھَي، پڻ تو ڀِي او پاپ ڪرَي ھَي، تو اُوئون نَي شريعت تي سزا ملشَي۔ 13 ايشوَر رِي نظر ۾ اُوئي رِي شريعت ݾُڻڻ آݪا نا، پڻ شريعت تي بيوَڻ آݪا نيڪ ھوشَي۔ 14 ٻيجَي قومون، جڪون ڪڍي شريعت ڪونھي، جڏي او آپرِي مرضِي ݾون شريعت تي بَي ھَي، تو شريعت اُوئون ۾ ڏيکيجَي ھَي۔ 15 اُوئون رَي ڪومون ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ شريعت اُوئون رَي من تي لِکيوڙِي ھَي۔ اِيئي نمُونَي اُوئون را من اُوئون تي الزوم لگاوَي، جون اُوئون نَي بي ڏوھي ڪرَي ھَي۔ 16 مھارِي ݾُڻايوڙِي خُوشِي رِي خبر تي اِيئون اُوئي ڏِن ھوشَي، جڏي ايشوَر، مَسيح يسُوع رَي وسيلَي اِنسون رَي لِڪيوڙَي باتون رو اِنصاف ڪرشَي۔
يھُودي ھانَ شريعت
17 تُو جڪو آپنَي يھُودي ڪَي ھَي، شريعت تي ڀروسو راکَي ھَي ھانَ بڏائو ڪرَي ھَي ڪہ، ”ايشوَر رُگو مھورو ھَي۔“ 18 ٿنَي ايشوَر رِي مرضِي رِي خبر ھَي ھانَ شريعت ݾون اَي ݾمجَھي ھَي ڪہ ڪھڙَي باتون صحيح ھَي۔ 19 ٿنَي ڀروسو ھَي ڪہ تُو اونڌون رو اَگووڻ ھانَ اُوئون مِنکون رَي ݾارُو اُجاݪو ھَي، جڪو انڌارَي ۾ رَي ھَي۔ 20 تُو بي وقوفون نَي ݾيکاوڻ آݪو ھانَ ٻاݪون رو اُستاد ھَي، ڪيونڪہ ٿَي ڪڍي شريعت ھَي جڪَي ۾ ݾمجھ ھانَ ݾچائي رَي باتون ھَي۔ 21 تُو جڪو ٻيجون نَي ݾيکاوَي ھَي، پڻ آپرو آپنَي ڪيئون ڪونھي ݾيکاوتو؟ تُو جڪو اَي ڪَي ھَي ڪہ، چورِي نِي ڪر، تو پَڇي تُو آپ ڪيئون چورِي ڪرَي ھَي؟ 22 تُو جڪو اَي ڪَي ھَي ڪہ، زنا نِي ڪر، تو پَڇي تُو آپ ڪيئون زنا ڪرَي ھَي؟ تُو آپ مُورتيون ݾون نفرت ڪرَي ھَي، تو پَڇي تُو مندرون ۾ ڪيئون چورِي ڪرَي ھَي؟ 23 تُو جڪو شريعت تي بڏائو ڪرَي ھَي، تو پَڇي تُو آپ ڪيئون شريعت تي ڪونھي بيتو ھانَ ايشوَر رِي بي عِزتي ڪرَي ھَي؟ 24 جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”ٿونرَي ڪري ٻيجَي قومون ايشوَر رَي خلاف باتون ڪرَي ھَي۔“
25 جي ٿي شريعت تي بو، تو ٿونَي کَتنَي ڪراوڻ رو فائدو ھَي، پڻ جي ٿي شريعت تي ڪونھي بيتا، تو ٿونرَي کَتنَي ڪراوڻ رو ڪو ڀِي فائدو ڪونھي۔ 26 پڻ جي بِنا کَتنَي آݪا شريعت تي بَي ھَي، تو ڪِي ايشوَر اُوئون نَي کَتنو ڪيئوڙون رَي برابر ڪونھي ݾمجَھي؟ 27 جڏي ٻيجِي قوم آݪا جڪو کَتنو ڪونھي ڪراوتا، پڻ شريعت تي بَي ھَي، تو ڪِي او يھُوديون نَي ڏوھي ڪونھي ڪرتا جڪو کَتنو تو ڪراوَي ھَي، پڻ شريعت تي ڪونھي بيتا؟ 28 ڪيونڪہ يھُودي او ڪونھي جڪو يھُودي قوم ۾ جايوڙو ھووَي، نَڪو کَتنو او ھَي جڪو ݾَرير رو ھَي۔ 29 پڻ يھُودي او ھَي، جڪو من ݾون يھُودي ھووَي ھانَ کَتنو او ھَي جڪو من رو ھووَي۔ اھڙو کَتنو شريعت تي نا، پڻ پويتر آتما ݾون ھووَي ھَي۔ اھڙَي مِنک رِي بکوڻ مِنکون رَي طرفون نا، پڻ ايشوَر رَي طرفون ھووَي ھَي۔