اُوگوڻَي مُلڪ را نجُومي
2
ھيروديس بادشاھ رَي ڏِنون ۾ پرڀُو يسُوع يھُوديا صُوبَي رَي بيت لحم شھر ۾ جايو۔ اُوئي ݾون پَڇي ڪئينڪہ نجُومي اُوگوڻَي مُلڪ ݾون يروشلم شھر ۾ آيا۔ 2 او آيا ھانَ اَي پُوڇڻ لاگا ڪہ، ”يھُوديون رو ھوئڻ آݪو بادشاھ ڪيٿ جايو ھَي؟ مھون اُوگوڻَي ݾون اُوئي رو تارو ڏيٺو ھتو ھانَ مھي اُوئي ٻاݪ آگھي شيش نِماوڻ آيا ھون۔“3 جڏي ھيروديس بادشاھ نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي، تو او ھانَ يروشلم را ݾجائِي مِنک تموم گھڻا پريشون ھويا۔ 4 پَڇي ھيروديس بادشاھ يھُوديون رَي ݾجَي ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ ڌرمي گُروئون نَي اَڻائي پُوڇو ڪہ، ”مَسيح ڪيٿ جنم ليشَي؟“ 5 اُوئون ڪھيو ڪہ، ”او يھُوديا صُوبَي رَي بيت لحم شھر ۾ جنم ليشَي، ڪيونڪہ نبِي اِيئون لِکيو ھَي ڪہ،
6 ’اي يھُودا علائقَي را بيت لحم شھر،
تُو يھُودا علائقَي رَي شھرون ۾ ݾجون ݾون نِنيو ڪونھي ھَي،
ڪيونڪہ ٿَي ۾ ھيڪ اھڙو بادشاھي ڪرڻ آݪو ظاھر ھوشَي،
جڪو ڌراڙ آݪِي ڪار مھارِي اِسرائيلي قوم رِي رُکاݪِي ڪرشَي۔‘“
7 اِيئي تي ھيروديس بادشاھ اُوئون نجُوميون نَي ھيکلائي ۾ آپ ڪڍي اَڻايا ھانَ اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”او تارو ڪڏي ڏيکيجڻ ۾ آيو ھتو؟“ 8 پَڇي بادشاھ اُوئون نَي اَي ڪئي بيت لحم شھر ڏيݾا ميليا ڪہ، ”جائو، اُوئي ٻاݪ رِي ݾُٺَي نمُونَي تلاش ڪرو۔ جڏي او ٿونَي لاڌَي، تو پَڇي مھنَي آئي ݾُڻايا ڪہ ھُون ڀِي جائي اُوئي آگھي شيش نِمائُون۔“
9 نجُومي بادشاھ رَي باتون ݾُڻي بَئير ھويا ھانَ او تارو جڪو اُوئون اُوگوڻَي ݾون ڏيٺو ھتو، اُوئون آگھي بيوَڻ لاگو۔ نيٺ او تارو آئي اُوئي گھر تي اُڀو، جيٿ او ٻاݪ ھتو۔ 10 جڏي اُوئون او تارو ڀڙي ڏيٺو، تو او تموم گھڻا خُوش ھويا۔ 11 پَڇي اُوئي گھر ۾ جائي اُوئون ٻاݪ نَي آپرِي ما مريم ڪڍي ڏيٺو ھانَ گوڏا کوڙي اُوئي ٻاݪ آگھي شيش نِمايا۔ پَڇي آپرا ڏٻا کولي ݾُوکڙَي ڏينَي جڪَي ۾ ݾونَ، لُوبون ھانَ مُر نون رو قيمتي گُوند ھتو۔
12 پَڇي ايشوَر نجُوميون نَي ݾپنَي ۾ ھوشيار ڪري ڪھيو ڪہ، ”ٿي ھيروديس بادشاھ ڪڍي پاڇا نِي جايا۔“ اِيئي رَي ڪري نجُومي ٻيجو مارگ ڏي آپرَي مُلڪ بُوئا گيا۔
يُوسف رو مريم ھانَ يسُوع نَي مِصر لي جاوڻ
13 جڏي نجُومي بُوئا گيا، تو يُوسف، پرميشوَر رو ھيڪ فريشتو ݾپنَي ۾ ڏيٺو۔ فريشتَي ڪھيو ڪہ، ”اُٺِي، ٻاݪ ھانَ اُوئي رِي ما نَي لي مِصر مُلڪ ڏيݾا ناݾي جا۔ جترِي توڻي ھُون ٿنَي نِي ڪونھ اُترِي توڻي تُو اوٿج رئي، ڪيونڪہ ھيروديس بادشاھ رِي مرضِي ھَي ڪہ ٻاݪ نَي جوئاڙي مرائي ڇوڙَي۔“ 14 اِيئي تي يُوسف اُٺيو ٻاݪ ھانَ اُوئي رِي ما نَي لي راتو رات مِصر ڏيݾا گيو 15 ھانَ ھيروديس بادشاھ رَي مرڻ توڻي اوٿج رھيو۔ اَي بات اِيئي رَي ڪري ھوئِي ڪہ پرميشوَر رِي او بات پُورِي ھووَي جڪو اُوئي آپرَي نبِي ݾون ڪرائِي ھتِي ڪہ،
”مھَي آپرَي ڏيڪرَي نَي مِصر مُلڪ ݾون اَڻايو۔“
ھيروديس بادشاھ رو نِنيا ٻاݪ مراوڻ
16 جڏي ھيروديس بادشاھ ڏيٺو ڪہ نجُوميون مھَي ݾون ٺَگِي ڪِي ھَي، تو او تموم گھڻو ڪاوڙيو۔ اُوئي آپرا فوجي ميلي بيت لحم شھر ھانَ اُوئي رَي آݾَي پاݾَي ۾ ٻيئون ݾالون ھانَ ٻيئون ݾالون ݾون گھٽ عُمر رَي ݾجَي ٻاݪون نَي مرائي ڇوڙيا۔ ھيروديس بادشاھ ٻاݪ رِي عُمر رو اندازو لگايو، ڪيونڪہ اُوئي نجُوميون ݾون پُوڇو ھتو ڪہ تارو ڪڏي ڏيکيجڻ ۾ آيو ھتو۔ 17 اِيئي نمُونَي يرميا نبِي رِي ڪھيوڙِي بات پُورِي ھوئِي ڪہ،
18 ”راما شھر ۾ ھيڪ آواز ݾُڻيجَي پڙيو،
زار زار روئڻ ھانَ ماتم رو۔
راخل آپرَي ٻاݪون رَي ݾارُو روئَي پڙِي
ھانَ او ماٺ ڪونھي ھوتِي،
ڪيونڪہ او مُوئا را۔“
يُوسف رو مِصر مُلڪ ݾون پاڇو آوڻ
19 جڏي ھيروديس بادشاھ مري گيو، تو يُوسف مِصر مُلڪ ۾ پرميشوَر رو ھيڪ فريشتو ݾپنَي ۾ ڏيٺو، 20 اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اُٺِي، ٻاݪ ھانَ اُوئي رِي ما نَي لي پاڇو اِسرائيل مُلڪ ڏيݾا جا، ڪيونڪہ جڪو ٻاݪ نَي مارڻ رِي ڪوشش ۾ ھتا، او مُوئا را۔“ 21 اِيئي تي يُوسف ݾنڀريو، ٻاݪ ھانَ اُوئي رِي ما نَي لي اِسرائيل مُلڪ ۾ پاڇو آيو۔
22 جڏي اُوئي نَي خبر پڙِي ڪہ اَرخلائوس آپرَي ٻاپ ھيروديس رِي جگھا تي يھُوديا صُوبَي رو بادشاھ ھويو ھَي، تو اوٿ جاوڻ ݾون ٻيئاجڻ لاگو۔ اِيئي تي ايشوَر اُوئي نَي ݾپنَي ۾ وڌيڪ ݾمجھايو، پَڇي او گليل رَي علائقون ڏيݾا گيو۔ 23 اوٿ جائي او ناصرت شھر ۾ ريوَڻ لاگو۔ اَي بات اِيئي رَي ڪري ھوئِي ڪہ پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ نبيون رَي ڪھيوڙَي باتون پُورَي ھووَي ڪہ، ”او ناصرِي ڪھيجشَي۔“