يُونا نينوا شھر ۾
3
پرميشوَر ٻيجو گُھمرو يُونا نَي ڪھيو ڪہ، ‏2 ”اُٺِي ھانَ نينوا شھر ڏيݾا جا ھانَ اوٿ جائي ݾاگي نياپو ڏي جڪَي رو حُڪم مھَي ٿنَي ڏينو ھَي۔“ ‏3 تو يُونا ايشوَر رَي حُڪم تي ڇيڪو اُٺيو ھانَ موٽَي شھر نينوا ڏيݾا بَئير ھويو او شھر رو اوٿ ݾون تينون ڏِنون رو پينڏو ھتو ‏4 پڻ يُونا او پينڏو ھيڪَي ڏِن ۾ ڪري نينوا شھر ۾ پُگو ھانَ اُوئي شھر ۾ پڙھو ڏينو ڪہ، ”اَي شھر چاليھ ڏِنون ݾون پَڇي برباد ھوئي جاشَي۔“ ‏5 اَي ݾُڻي نينوا شھر آݪون ايشوَر تي وِشواس راکيو ھانَ روزا راکڻ رو پرچار ڪيئو، پَڇي نِنئي ھانَ موٽَي ھر ھيڪ آپرو آپنَي راک لگائِي۔ ‏6 اِيئي بات رِي خبر نينوا شھر رَي بادشاھ توڻي پُگِي، تو اُوئي ڀِي آپرو بادشاھِي تخت ھانَ پوشاڪ ڇوڙي آپنَي راک لگائِي ھانَ اُوئي تي ٻيݾي رھيو۔ ‏7 نينوا شھر رَي بادشاھ ھانَ وزيرون اَي پڙھو ڏيرايو ڪہ، ”ڪو ڀِي اِنسون جون جِنار ڪئين نِي کاوَي ھانَ نِي پيئَي۔“ ‏8 پڻ ھر ھيڪ اِنسون ھانَ جِنار ماٿَي ۾ راک گھاتي ايشوَر ڪڍي آوَي ھانَ ھر ھيڪ اِنسون بُڇڙا ڪوم ھانَ ظُلم ڇوڙَي۔ ‏9 اِيئي رَي ڪري ڪہ آپي برباد نِي ھوئون، پڻ ھوئي ݾگھَي ڪہ ايشوَر آپون تي دايا ڪرَي ھانَ آپرو رُک بدلاوَي ھانَ آپرِي ريݾ نَي ڇوڙَي۔“ ‏10 جڏي ايشوَر اُوئون رِي اھڙِي حالت ڏيٺِي ڪہ نينوا شھر آݪون توبھون ڪري بُڇڙا ڪوم ڇوڙيا ھَي، تو جڪو ايشوَر آپرو اِرادو ڪيئو ھتو اِيئون اُوئي ڪونھي ڪيئو۔