يُونا رِي ريݾ
4
پڻ يُونا پرميشوَر تي ڪاوڙيو۔ 2 اُوئي پرميشوَر ݾون پراٿنا ڪِي ڪہ، ”پرميشوَر جڏي ھُون آپرَي وطن ۾ ھتو ھانَ اوٿ ݾون ترسيس شھر ڏيݾا ناݾڻ آݪو ھتو، تو ڪِي مھَي اَي ڪونھي ڪيئو؟ مھنَي خبر ھَي ڪہ تُو دايالُو ايشوَر ھَي، تُو ڪھر ڪرڻ ۾ نرم ھانَ ڪِرپا ڪرڻ ۾ دايالُو ھَي ھانَ ھرُوڀرُو ڏُک ڪونھي ڏيتو۔ 3 ھمَي اي پرميشوَر ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ تُو مھنَي مار، ڪيونڪہ مھارَي اِيئي جيئڻ ݾون مرڻ ڀلو ھَي۔“ 4 اِيئي تي پرميشوَر يُونا نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو اِترو ناراض ڪيئون ھَي؟“ 5 يُونا نينوا شھر ݾون ٻاھر اُوگوڻَي پاݾَي ھيڪ ڇپرڪِي ٺائِي ھانَ اُوئي رِي ڇان ۾ ٻيݾي اِنتظار ڪرڻ لاگو ڪہ نينوا شھر رو ڪھڙو حال ھوئڻ آݪو ھَي۔ 6 اِيئي تي ايشوَر ھيڪ ڪدُو رِي بيل اُگائِي ھانَ اُوئي بيل ݾون پُورَي ڇپر نَي ڇان ݾون ڍڪي ڇوڙيو ڪہ يُونا نَي گرمي نِي لاگَي۔ يُونا اُوئي بيل رِي ڇان رَي ڪري تموم گھڻو خُوش ھتو۔ 7 پڻ ٻيجَي ڏِن ݾاڪݪي تارھي ايشوَر ھيڪ ڪيڙو ميليو جڪَي اُوئي بيل رِي پاڙ ڪُرٽي ڇوڙِي ھانَ او بيل ݾُوڪِي گئِي۔ 8 جڏي ڏِن تپڻ لاگو، تو ايشوَر اُوگوڻَي ݾون لُو ميلِي ھانَ ݾُورج رِي تپش رَي ڪري يُونا ڪاڙھَي ۾ ٻَݪڻ لاگو، او پريشون ھويو ھانَ موت نَي ياد ڪري اَي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اِيئي جيئڻ ݾون مرڻ ڀلو ھَي۔“ 9 اِيئي تي ايشوَر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو اُوئي بيل رَي ڪري اِترو ناراض ھَي؟“ يُونا ايشوَر نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھاوي، مھارِي مرضِي ھَي ڪہ، ھُون مري جائُون۔“ 10 اِيئي تي پرميشوَر يُونا نبِي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿنَي اِيئي بيل رو اِترو ڏُک ھَي جڪَي رِي نِي تو ٿَي ڪو محنت ڪِي ھانَ نَڪو ٿَي اُوئي نَي پوکِي۔ جڪو ھيڪج رات ۾ اُگِي ھانَ ھيڪج رات ۾ ݾُوڪِي۔ 11 اِيئي نمُونَي مھارَي ݾارُو ڀِي تموم گھڻو ضرُوري ھتو ڪہ ھُون اترَي موٽَي شھر نينوا رو خيال ڪرون جڪَي ۾ ھيڪ لَک بيݾ ھزار ݾون ڀِي وڌيڪ اِنسون رَي ھَي۔ اُوئون نَي آپرَي ݾاجَي ھانَ کاٻَي پاݾَي رِي ڪو ڀِي خبر ڪونھي ھانَ تموم گھڻا جِنار ڀِي ھَي؟“