عبديا نبِي رو ݾپنو
1
مھون ايشوَر ݾون اَي خبر ݾُڻي ھَي ڪہ، ھر ھيڪ ذات آݪَي ۾ نياپو ڏيوَڻ آݪا اَي نياپو لي گيا ھَي ڪہ ھالو تو ادُوم شھر تي حملو ڪرون۔ ‏2 جو مھَي ٿنَي ھر ھيڪ ذات آݪَي ۾ نِنيو ڪيئو رو ھانَ تُو تموم گھڻو ذليل ھَي۔ ‏3 جبلون رَي چُرون ۾ ريوَڻ آݪون رَي دِلون رِي مگرُورِي رَي ڪري ٿي دوکو کائو پڙيا۔ ٿارو گھر اُونچو ھَي ھانَ من ۾ ڪَي ھَي ڪہ ڪُڻ مھنَي نيچو اُتارشَي؟۔ ‏4 ايشوَر ڪَي ھَي ڪہ، ”جي تُو باز آݪِي ڪار اُونچو اُڏَي ھانَ تارون ۾ آپرو رھواس ٺاوَي تو ڀِي ھُون ٿنَي اوٿ ݾون ھيٺو اُتارِين۔“ ‏5 جي ٿونرَي گھر ۾ چور جون ڌاڙيل آوَي (تو ڪھڙِي بربادي ھوشَي) تو ڪِي او ݾجو ڪئينڪہ ڪونھي لي جاوَي؟ جي ڪُڻ ٿَي ڪڍي انگُور توڙڻ آوَي تو ڪِي ڪئينڪہ ڏوڻا باقي ڇوڙشَي۔ ‏6 عيسُو رو مال مَتو ڪيڪر جوئي ليئو ھانَ اُوئي رَي لِڪايوڙَي گيڻا ڪيڪر جوئي ھاٿ ڪيئَي۔؟ ‏7 ٿنَي ٿارا ݾجائِي صلاح ڏيوَڻ آݪا ڌڪي ڌار ڪري ڇيڙَي تي لي آيا ھَي ھانَ او مِنک جڪَي ٿَي ݾون مِلتا اُوئون ٿنَي ٺگيو ھَي ھانَ او جڪَي ٿارِي ٻاٽِي کاوتا اُوئون ٿارَي ݾارُو جاݪ بِڇايو ھَي ھانَ ڪو عقل ڪونھي۔ ‏8 ايشوَر ڪَي ھَي ھُون اُوئي ڏِن ادُوم شھر ݾون ھوشيار ھانَ عقل آݪون نَي عيسُو رَي جبل ݾون مِٽائي ڇوڙين؟ ‏9 تيمان، تيمان ٿارا پھلوون گھٻراشَي، اترِي توڻي ڪہ عيسُو رَي جبل ݾون ھر ھيڪ نَي ماريو جاشَي۔ ‏10 اُوئون رَي مرڻ ݾون ھانَ اُوئي ظُلم رَي ڪري جڪو ٿَي آپرَي ڀائي يعقُوب تي ڪيئو ھَي تُو اُوئي شرم رَي ڪري ڍڪيجي ھميشا رَي ݾارُو مِٽايو جائِي۔ ‏11 جڪَي ڏِن تُو اُوئي رَي مُخالفون ڀيڙو ھتو اُوئي ڏِن ڌاريا اُوئي رَي ٽولَي نَي غُلوم ڪري لي گيا۔ ھانَ ڌاريون مِنکون اُوئون رَي گھٽيون ݾون لنگھي يروشلم شھر رَي ݾارُو پُکا گھاتيا۔ اوٿ تُو ڀِي اُوئون ڀيڙو ھتو۔ ‏12 ٿارَي ݾارُو ضرُوري ڪونھي ھتو ڪہ تُو اُوئي ڏِن آپرَي ڀائي رِي جُدائِي نَي جووَي ھانَ يھُودا رِي اولاد رِي بربادي تي خُوش ھووَي ھانَ مُصيبت ۾ بڏائو ڪرَي۔ ‏13 ھانَ ٿارَي ݾارُو اَي ڀِي ضرُوري ڪونھي ھتو ڪہ تُو مھارَي مِنکون رِي مُصيبت آݪَي ڏِنون ۾ اُوئون رَي گھٽيون ۾ جاوَي ھانَ اُوئون رَي ڏُکون نَي اُڀو جووَي ھانَ اُوئون رَي ٽولون ݾون ھاٿ مِلاوڻ۔ ‏14 ٿارَي ݾارُو ضرُوري ڪونھي ھتو ڪہ تُو ناݾڻ آݪون نَي مارَي ھانَ اُوئون نَي ڏُکون ۾ ٻيجون رَي حوالي ڪرَي۔ ‏15 ڪيونڪہ ݾجَي ھر ھيڪ ذات آݪَي تي ايشوَر رو ڏِن آئي اُڀو ھَي جون ٿَي ڪيئو ھَي اِيئوج ٿَي ݾون ڪيئو جاشَي، جڪَي ڏوھ ٿَي آپ ڪيئا ھَي اُوئي رو جوابدار تُو آپ ھَي۔ ‏16 ڪيونڪہ جڪَي ڏِن ٿَي مھارَي پويتر جبل ݾون پيئو، اِيئي نمُونَي ݾون ٻيجَي ھر ھيڪ ذات آݪَي ڀِي پيتَي ريشَي، ھاوي پيتَي ھانَ گِٽتَي ريشَي ھانَ او اھڙَي ھوشَي اِيئون جون او ڪڏي ھتَي ڪونھي۔ ‏17 پڻ جڪَي بچَي نڪرشَي او صيئون رَي جبل تي ريشَي ھانَ او پويتر ھوشَي ھانَ يعقُوب رو خاندان آپرَي حِصَي تي جميوڙو ھوشَي۔ ‏18 اِيئي تي يعقُوب رو خاندان باݾڏي ھوشَي ھانَ يُوسف رو خاندان جھاݪ ھانَ عيسُو رو خاندان بوھ ھوشَي ھانَ او اُوئون رَي بِچ ۾ ٻݪشَي ھانَ اُوئي نَي کائي ڇوڙشَي ھانَ عيسُو رَي خاندان ۾ ڪو ڀِي ڪونھي بچَي ڪيونڪہ اَي ايشوَر را ٻول ھَي۔ ‏19 ڏکڻ آݪا عيسُو رو جبل جوشَي ھانَ رڻ پَٽ ۾ ريوَڻ آݪا فلستين مُلڪ را ڌڻِي ھوشَي ھانَ او اِفرائيم ھانَ سامريا رِي ٻنِي جوشَي بنيامين جِلعاد رو ڌڻِي ھوشَي۔ ‏20 اِسرائيل را ٽولا ھانَ ݾجائِي غُلوم جڪو ڪنعانيون ۾ صارپت توڻي ھَي ھانَ يروشلم را غُلوم جڪو سفاردا ۾ ھَي او ڏکڻ رَي شھرون تي قبضو ڪرشَي۔ ‏21 ھانَ چڙھائِي ڪرڻ آݪا صيئون رَي جبل تي چڙھائِي ڪرشَي اِيئي رَي ڪري ڪہ عيسُو رَي جبل رو اِنصاف ڪري ھانَ ݾجائِي بادشاھي ايشوَر رِي ھوشَي۔