يُونا رِي نافرمونِي
1
ھيڪ ڏِن پرميشوَر اُمتِي رَي ڏيڪرَي يُونا نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ‏2 ”ݾنڀر ھانَ نينوا شھر ۾ جا ھانَ اوٿ جائي اُوئي شھر رَي خلاف پڙھو ڏي، ڪيونڪہ اُوئي شھر رَي مِنکون ھانَ اُوئون را ڪوم تموم گھڻا خراب ھَي۔“ ‏3 اَي ݾُڻي يُونا پرميشوَر ݾون ناݾي ٻيجَي شھر ترسيس ڏيݾا گيو ھانَ جائي يافا شھر ۾ پُگو، اوٿ اُوئي ترسيس شھر ڏيݾا جاوڻ آݪَي جھاز ۾ ڀاڙو ڏي چڙھيو۔ اِيئي رَي ڪري ڪہ او ترسيس شھر ڏيݾا پرميشوَر ݾون ناݾي جاوَي۔ ‏4 جڏي او ٻيڙِي ۾ ھتو، تو پرميشوَر اُوئي ݾمُوندر تي تموم گھڻو بائيرو ميليو ھانَ اُوئي ݾمُوندر ۾ تموم موٽو طُوفون آيو ھانَ او جھاز ٻُوڏڻ رو خطرو ھتو۔ ‏5 اِيئي تي جھاز ھلاوڻ آݪا پريشون ھويا ھانَ ݾجائِي مِنک آپرَي آپرَي ڏيوِي ڏيوتا نَي پُڪارڻ لاگا ھانَ جڪو ڪئين سيمون جھاز ۾ ھتو ݾمُوندر ۾ نوکيو ڪہ جھاز ھلڪو ھووَي، پڻ يُونا جھاز ۾ اُونگاجوڙو ھتو۔ ‏6 اِيئي تي جھاز ھلاوڻ آݪو يُونا ڪڍي گيو ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ڪيئون ݾُوتو پڙيو ھَي؟ اُٺِي ھانَ آپرَي ايشوَر نَي ياد ڪر، ھوئي ݾگھَي ڪہ او آپون تي دايا ڪرَي ھانَ آپي بچي جائُون۔“ ‏7 پَڇي جھاز رَي مُسافرون آپت ۾ ڪھيو ڪہ، ”آپي پُکا گھاتون ڪہ اَي آفت آپون تي ڪيرَي ڪري آئِي ھَي؟“ اُوئون پُکا گھاتيا ھانَ او پُکو يُونا رَي نون رو نڪريو۔ ‏8 اِيئي تي او ݾجائِي يُونا نَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”تُو مھونَي ݾُڻا ڪہ اَي مُصيبت مھون تي ڪيرَي ڪري آئِي ھَي ھانَ تُو ڪھڙا ڪوم ڪرَي ھَي ھانَ تُو ڪيٿ ݾون آيو ھَي؟ ھانَ ٿارو وطن ڪيو ھَي ھانَ تُو ڪئِي قوم رو ھَي؟“ ‏9 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھُون عبراني قوم رو ھون ھانَ رُگو ايشوَر رِي ڀگتي ڪرون ھون جڪَي ڌرتي ھانَ ݾمُوندر ٺاھيو ھَي۔“ ‏10 اَي ݾُڻي او ٻيئاجڻ لاگا ھانَ اُوئي نَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ٿَي اَي ڪِي ڪيئو ھَي؟ ھمَي مھونَي ݾجِي خبر پڙِي ھَي ڪہ تُو پرميشوَر ݾون ناٺوڙو ھَي۔“ ‏11 اِيئي تي اُوئون يُونا ݾون پُوڇو ڪہ، ”ݾُڻا مھي ھمَي ٿَي ݾون ڪِي ڪرون ڪہ ݾمُوندرِي طُوفون مھورَي ݾارُو اُڀي رَي؟“ پڻ ݾمُوندر ۾ اَڃون ڀِي وڌيڪ طُوفون بڌڻ لاگو۔ ‏12 يُونا اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿي مھنَي کڻي ݾمُوندر ۾ نوکو، تو ݾمُوندرِي طُوفون ٿونرَي ݾارُو اُڀي ريشَي۔ ڪيونڪہ مھنَي خبر ھَي اَي موٽو طُوفون ٿون تي مھارَي ڪري آيو ھَي۔“ ‏13 پڻ ٻيڙِي ھلاوڻ آݪون اَڃون ڀِي وڌيڪ ڪوشش ڪِي ڪہ ٻيڙِي نَي موٽِي مُصيبت ݾون بچاوَي، پڻ او ڪامياب ڪونھي ھويا ڪيونڪہ طُوفون اُوئون رَي خلاف اَڃون ڀِي وڌيڪ ھوئڻ لاگو۔ ‏14 اِيئي تي ݾجائِي مِنک پرميشوَر نَي پُڪارڻ لاگا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”پرميشوَر، مھونَي اِيئي مِنک رَي ڪري مار نِي، ڪيونڪہ اي پرميشوَر ٿون او ڪيئو جڪو ٿنَي ڪرڻو ھتو۔“ ‏15 نيٺ اُوئون يُونا نَي ݾمُوندر ۾ نوکيو، تو ݾمُوندرِي طُوفون يڪدم اُڀي رھيو۔ ‏16 اَي ڏيکي ݾجائِي مُسافر پرميشوَر ݾون تموم گھڻا ٻيئاجا ھانَ پرميشوَر رو شُڪر ڪيئو ھانَ اُوئي رَي نون رو ٻَليدون ڪري شُڪر ڪيئو۔ ‏17 پڻ پرميشوَر ھيڪ موٽِي مڇِي ميلِي جڪَي يُونا نَي گِٽي ڇوڙيو ھانَ اِيئي نمُونَي او تين ڏِن ھانَ تين راتون مڇِي رَي پيٽ ۾ رھيو۔