ايلياھ نبِي ھانَ ڏُڪاݪ
17
ايلياھ جڪو جِلعاد رَي علائقَي رو ريوَڻ آݪو ھتو اُوئي اخياب بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ، ”جيتو ايشوَر جيتَي پرميشوَر رو ݾونݾ جڪَي رَي ݾومھو ھُون اُڀو ھون، اَي ڪونھ ھون ڪہ آوڻ آݪَي ݾالون ۾ نِي ماڪ پڙشَي ھانَ نَڪو مي برݾَي جترِي توڻي ھُون نِي ڪونھ اَي ڪونھي ھووَي۔“
‏2 اِيئي تي ايشوَر ايلياھ نَي ڪھيو ڪہ، ‏3 ”ايٿ ݾون بُوئو جا ھانَ اُوگوڻَي ݾون ڦِري يردن دريا رَي ڪريت نون رَي مي آݪَي واٽر ۾ جائي آپرو آپنَي لِڪا ‏4 ھانَ تُو اُوئي مي آݪَي واٽر ݾون پوڻي پيئي ھانَ مھَي جبلون رَي ھاڏون نَي حُڪم ڏينو ھَي ڪہ او ٿنَي اوٿ ٻاٽِي ٻيجِي پُگاوتا رَي۔“ ‏5 ايلياھ اِيئوج ڪيئو جون ايشوَر اُوئي نَي ڪھيو ھتو۔ ھانَ او مي نون آݪَي واٽر ڏيݾا گيو جڪو يردن دريا اُوگوڻَي پاݾَي ھَي اوٿ جائي ريوَڻ لاگو۔ ‏6 جبلون را ھاڏا اُوئي نَي ݾاڪݪي پور رو ٻاٽِي ھانَ موݾ لائي ڏيتا ھانَ او مي آݪَي واٽر ݾون پوڻي پيتو۔ ‏7 ٿوڙَي ڏِنون ݾون پَڇي او مي آݪو واٽر ݾُوڪِي گيو ڪيونڪہ مُلڪ ۾ مي ڪونھي برݾيو۔ ‏8 اِيئي تي ايشوَر ايلياھ نَي ڪھيو ڪہ ‏9 بَي ھانَ صيدا شھر رَي نيڙڪو صارپت شھر ڏيݾا جا ھانَ اوٿ جائي رَي۔ ھانَ مھَي اوٿ ھيڪِي رونڏٻير لُگائِي نَي حُڪم ڏينو ھَي ڪہ او ٿنَي ٻاٽِي ڏيتِي رَي۔“ ‏10 ھانَ او صارپت ڏيݾا بَئير ھويو۔ جڏي او شھر رَي گھٽِي تي اُڀو تو اُوئي ڏيٺو ڪہ ھيڪ رونڏٻير لُگائِي لڪڙَي ڪري پڙِي۔ اُوئي لُگائِي نَي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ ”ٻائِي، مھربونِي ڪري مھنَي ڪَي ٺيڪر ۾ پوڻي لائي ڏي تو ھُون پوڻي پيئون۔“ ‏11 جڏي او پوڻي ليوَڻ بَئير ھوئِي تو ڀڙي اُوئي نَي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”ٻائِي مھربونِي ڪري ڪئينڪہ ٻاٽِي ڀِي ليتِي آئي۔“ ‏12 اُوئي لُگائِي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ايشوَر جيتَي ايشوَر را ٿي ٻونھا ھو اُوئي رو ݾونݾ ھَي ڪہ مھَي ڪڍي گھڙيوڙِي ٻاٽِي ھائِي ڪونھي، مھَي ڪڍي رُگو لپ ڀريو آٽو ٺون ۾ ھانَ ڏٻَي ۾ ٿوڙو گھِي ھَي۔ ھُون ڪئينڪہ لڪڙَي ڪرڻ رَي ݾارُو ايٿ آئي ھتِي، ھانَ پاڇِي جائي آپرَي ݾارُو ھانَ آپرَي ڏيڪرَي رَي ݾارُو ݾيڌو ڪرين۔ او سيمون ختم ھوئڻ ݾون پَڇي مھي بُوک رَي ڪري مري جاشون۔“
‏13 اَي ݾُڻي ايلياھ ڪھيو ڪہ، ”پريشون نِي ھو۔ آپرَي گھري جا جون ٿَي ڪھيو ھَي اِيئوج ڪر۔ پڻ پيل مھَي ݾارُو ھيڪ ٻاٽِي گھڙي لي آ ھانَ پَڇي آپرَي ݾارُو ھانَ آپرَي ڏيڪرَي رَي ݾارُو ٻاٽِي گھڙِي۔ ‏14 ڪيونڪہ ايشوَر، اِسرائيلي قوم رو ايشوَر ڪَي ھَي ڪہ، ’اُوئي آٽَي رَي ٺون ۾ آٽو ڪڏي ڀِي ڪونھي کُوٽَي ھانَ نَڪو اُوئي گھِي رَي ڏٻَي ۾ گھِي، جترِي توڻي او ڏِن نِي آوَي، اُترِي توڻي ايشوَر اِيئي ڌرتي تي مي ڪونھي برݾاشَي۔‘“
‏15 اِيئي تي او رونڏٻير لُگائِي گئِي ھانَ جون ايلياھ ڪھيو ھتو اِيئوج ڪيئو۔ اِيئي نمُونَي اُوئون ݾجون نَي تموم گھڻَي ڏِنون توڻي ٻاٽِي ٻيجِي ملتِي رَي۔ ‏16 ايلياھ رَي وسيلَي ايشوَر رَي ڪيوَڻ تي نِي اُوئي ٺون ۾ آٽو کُوٽو ھانَ نِي اُوئي گھِي رَي ڏٻَي ۾ گھِي۔