ايلياھ نبِي ھانَ ڀوپا
18
گھڻَي ڏِنون ݾون پَڇي، ڏُڪاݪ رَي تيجَي ݾال، ايشوَر ايلياھ نَي ڪھيو ڪہ، ”اخياب بادشاھ ڪڍي جا ڪيونڪہ ھمَي ھُون ڌرتي تي مي برݾاوڻ آݪو ھون۔“ ‏2 ھانَ ايلياھ اخياب بادشاھ ڏيݾا گيو۔
اُوئي ڏِنون ۾ سامريا شھر ۾ تموم گھڻو ڏُڪاݪ ھتو۔ ‏3 اخياب بادشاھ آپرِي محلات رَي چوڪيدار عبديا نَي ھيلو ڪرايو ھانَ او ايشوَر نَي منڻ آݪو مِنک ھتو۔ ‏4 جڏي اخياب بادشاھ رِي لُگائِي ايزبل ايشوَر رَي مِنکون نَي مراوڻ آݪِي ھتِي، اِيئي تي عبديا ھيڪ ݾئو نبيون نَي ٻيئون چُرون ۾ لِڪايا ھتا، ھر ھيڪ چُر ۾ پنجاھ پنجاھ مِنک ھتا۔ ھانَ او ھر ھيڪ مِنک نَي ٻاٽِي ڏيتو رھيو۔
ايلياھ نبِي ڪرمل جبل تي
‏16 عبديا اخياب بادشاھ نَي ݾُڻايو ھانَ پَڇي ايلياھ اُوئي ݾون مِلڻ رَي ݾارُو آيو۔ ‏17 جڏي اخياب بادشاھ ايلياھ نَي ڏيٺو، تو او ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اِسرائيلي قوم نَي ڏُک ڏيوَڻ آݪو، ڪِي تُو ھَي؟“ ‏18 ايلياھ بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھَي اِسرائيلي قوم نَي ڏُک ڪونھي ڏينا، پڻ ٿَي ھانَ ٿارَي اَبا عُمري رَي خاندان اِسرائيلي قوم نَي ڏُک ڏينا ھَي۔ ھمَي تُو ايشوَر را حُڪم ڪونھي منتو ھانَ تُو بعل ڏيوتا نَي منَي ھَي۔ ‏19 ھڻون تُو اِسرائيلي قوم را ݾجائِي مِنک ڪرمل جبل تي اَڻا ھانَ مھَي ڪڍي ڀيڙا ڪر۔ بعل ڏيوتا را ݾاڍِي چار ݾئو ڀوپا ھانَ يَسي ڏيوِي را چار ݾئو ڀوپا ڀِي اَڻا، جڪو ايزبل روڻِي ڀيڙِي ٻاٽِي کاوَي ھَي۔“
‏20 پَڇي اخياب بادشاھ، ݾجِي اِسرائيلي قوم نَي ھانَ ݾجون ڀوپون نَي ڪرمل جبل تي اَڻايا۔ ‏21 اِيئي تي ايلياھ ݾجون مِنکون رَي رُوبرو ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”ٿي ڪترِي توڻي ٻي دِلا ھوتا ريشو؟ جي ايشوَر، ايشوَر ھَي، تو اُوئي رَي لاري بو، پڻ جي بعل ڏيوتا ايشوَر ھَي، تو اُوئي لاري بو۔“ پڻ مِنک ھيڪ آکر ڀِي ڪونھي ٻوليا۔
‏22 اِيئي تي ايلياھ ڪھيو ڪہ، ”ايشوَر رَي نبيون ۾ ھُون ھيڪج ايشوَر رو نبِي بچيو ھون، پڻ بعل ڏيوتا را ڀوپا چار ݾئو ھَي۔ ‏23 ھمَي اِيئون ڪرو ڪہ ٻي ڍگا اَڻائو، ھيڪ ڍگو ڀوپا آپرَي ݾارُو ڌار ڪرَي ھانَ او باڍي ٽُڪڙا ٽُڪڙا ڪرَي ھانَ او لڪڙيون تي راکَي، پڻ باݾڏي ڪونھي ڏيوَڻو۔ ٻيجَي ڍگَي ݾون ھُون ڀِي اِيئوج ڪرين ھانَ اُوئي نَي لڪڙيون تي راکين، ھُون ڀِي باݾڏي ڪونھي ڏيئون۔ ‏24 پَڇي او ڀلي آپرَي ڏيوتا رو نون لي ھيلو ڪرَي ھانَ ھُون ڀِي آپرَي ايشوَر رو نون لي اُوئي نَي ھيلو ڪرين۔ پَڇي جڪَي باݾڏي ڏي بݪتِي ڏينِي، اوج ݾاچو ايشوَر ھَي۔“ اِيئي بات تي ݾجون مِنکون ايلياھ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو جڪو ڪَي ھَي، او صحيح ھَي۔“
‏25 پَڇي ايلياھ بعل ڏيوتا رَي ڀوپون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپرَي ݾارُو ھيڪ ڍگو باڍي تياري ڪرو ڪيونڪہ ٿي تموم گھڻا ھو۔ پَڇي ٿي آپرَي ڏيوتا نَي ھيلو ڪريا پڻ باݾڏي ڪونھي ڏيوَڻو۔“
‏26 پَڇي اُوئون ڀوپون ھيڪ ڍگو ليئو ھانَ اُوئي نَي باڍي تيار ڪيئو۔ پَڇي اُوئون ݾاڪݪي ݾون لي ٻيپار توڻي آپرَي ڏيوتا بعل نَي ھيلا ڪرتا رھيا ھانَ رڙَي ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”مھورا ڏيوتا بعل مھونَي ھيلو ڏي۔“ پڻ ڪو ڀِي بݪتِي ھانَ ڪو ڀِي آݾرو ڪونھي مِليو۔ جڪو ٻَليدون رِي جگھا ٺائِي ھتِي اُوئي رَي چوڌاري چڪر لگاوتا رھيا۔ ‏27 جڏي ٻيپار ھويو، تو ايلياھ اُوئون تي ھاݾي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اَڃون ڀِي زور زور ݾون ھيلا ڪرو۔ ڪھڙو ݾُٺو ڏيوتا ھَي، جڪو گھڻِي ݾوچ ۾ ھَي، جون ڪَي ڪوم ۾ ڦاٿوڙو ھوشَي، جون ڪيٿ سفر ۾ ھوشَي، جون ھوئي ݾگھَي او اُونگ ۾ ھووَي، اِيئي رَي ڪري ضرُوري ھَي ڪہ اُوئي نَي جگائو۔“ ‏28 او زور زور ݾون ھيلا ڪرڻ لاگا ھانَ آپرِي ريت تي تلوارون ھانَ ڀالون ݾون آپرو آپنَي چيرڻ ڦاڙڻ لاگا ھانَ اترِي توڻي ڪہ اُوئون رَي ڏيل ݾون لوئِي بيوَڻ لاگو۔ ‏29 او شام توڻي بِڦلتا رھيا ھانَ نيٺ ٻَليدون رو ٽيم نيڙڪو آيو، پڻ ڪو ڀِي بݪتِي ڪونھي ملِي۔
‏30 اِيئي تي ايلياھ ݾجون مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي نيڙا آئو۔“ تو ݾجائِي مِنک اُوئي رَي نيڙا آيا ھانَ ايشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون رِي جگھا جڪو بِکريوڙِي ھتِي اُوئي نَي ٺائِي۔ ‏31 ايلياھ ٻارھَي پٿر ليئا، جڪو يعقُوب رِي نسل يعني اِسرائيلي قوم رَي ٻارھَي قبيلون رِي تعداد جِترا ھتا۔ اَي او يعقُوب ھَي جڪَي نَي ايشوَر ڪھيو ھتو ڪہ، ”ٿارو نون اِسرائيل ھوشَي۔“ ‏32 اُوئون پٿرون ݾون اُوئي پرڀُو ايشوَر رَي نون رِي ھيڪ ٻَليدون رِي جگھا ٺائِي ھانَ اُوئي رَي چوڌاري اُوئي اترِي تو موٽِي کڏ کوترائِي ڪہ جڪَي ۾ اندازَي ݾون پنڌرَي ليٽر پوڻي آئي ݾگھتو۔ ‏33 پَڇي اُوئي لڪڙَي راکئَي ھانَ ڍگَي نَي باڍي ٽُڪڙا ٽُڪڙا ڪيئا ھانَ اُوئي نَي اُوئون لڪڙيون رَي ماٿَي راکيا۔ پَڇي ايلياھ ڪھيو ڪہ، ”چار دِلا پوڻي را ڀرو ھانَ او ٻاݪڻ آݪَي ٻَليدون رَي لڪڙيون تي ڍوڙو۔“ ‏34 پَڇي اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ڀڙي ڀِي اِيئوج ڪرو۔“ اُوئون اِيئوج ڪيئو۔ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”تيجو گُھمرو ڀِي اِيئوج ڪرو۔“ اُوئون تيجو گُھمرو ڀِي اِيئوج ڪيئو۔ ‏35 پوڻي ٻَليدون رِي جگھا رَي چوڌاري بيوَڻ لاگو ھانَ اِترو پوڻي ڪہ او کڏ ڀريجي گئِي۔
‏36 شام رو ايلياھ ٻَليدون ڪرڻ رَي ٽيم تي ٻَليدون رِي جگھا رَي نيڙڪو آئي پراٿنا ڪري ڪيوَڻ ڪہ، ”او پرميشوَر، اڀراھيم، اضحاق ھانَ اِسرائيلي قوم را ايشوَر، آجوڪَي ڏِن ۾ اَي چمتڪار ڪر ڪہ، تُوج اِسرائيلي قوم رو ايشوَر ھَي ھانَ اَي ڀِي ڪہ ھُون ٿارو ٻونھو ھون۔ مھَي جڪو اَي ڪوم ڪيئو ھَي، او ݾجو ٿارَي حُڪم ݾون ڪيئو ھَي۔ ‏37 اي ايشوَر، مھنَي ھيلو ڏي، مھنَي ھيلو ڏي، تو اِيئون مِنکون نَي خبر پڙَي ڪہ تُوج ايشوَر ھَي ھانَ ٿَي ڀڙي اِيئون را من آپ ڏيݾا ڦيرايا ھَي۔“ ‏38 اِيئي تي ايشوَر باݾڏي ميليو ھانَ ٻاݪڻ آݪَي ٻَليدون آݪو جِنار، لڪڙَي، پٿر ھانَ مٽِي ݾجون ٻاݪي راک ڪري ڇوڙيو ھانَ جڪو پوڻي کڏ ۾ ھتو اُوئي نَي ݾُڪوئي ڇوڙيو۔ ‏39 جڏي ݾجون مِنکون اَي ڏيٺو، تو او نِميا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ݾاچيلي ايشوَر، ݾاچو ايشوَر ھَي۔ اوج پرميشوَر ھانَ ايشوَر ھَي۔“ ‏40 پَڇي ايلياھ ڪھيو ڪہ، ”بعل ڏيوتا رَي ڀوپون نَي جھالو ھانَ ڪينَي ڀِي ناݾڻ نِي ڏيا۔“ مِنکون اُوئون ڀوپون نَي جھاليا ھانَ ايلياھ اُوئون نَي ڪيسُون نون رِي ندِي تي لي آيو ھانَ اوٿ اُوئون نَي ماري ڇوڙيا۔