16
29 يھُودا رَي بادشاھ آسا رِي بادشاھي رَي اَٺٽِي ݾالون ۾، اخياب جڪو عُمري رو ڏيڪرو ھتو اِسرائيل مُلڪ رو بادشاھ ھويو۔ اَي بادشاھ سامريا شھر ۾ رئي اٽڪل ٻاوِي ݾال اِسرائيل مُلڪ ۾ بادشاھي ڪِي۔30 ايشوَر رِي نظر ۾ اخياب بادشاھ پيلڪون بادشاھون ݾون وڌيڪ بُڇڙا ڪوم ڪيئا۔31 يُربعام جڪو نباط رو ڏيڪرو ھتو، اُوئي رو پاپ ڪرڻ اُوئي رَي ݾارُو ڪو ڀِي موٽِي بات ڪونھي ھتِي۔ اُوئي صيدانيون رَي بادشاھ اِتبعل رِي ڏيڪرِي ايزبل ݾون بيئان ڪيئو ھانَ بعال ڏيوتا رِي پُوجا ڪرڻ شرُوع ڪِي۔32 اِيئي جڪو سامريا شھر ۾ جڪو بعال ڏيوتا رِي پُوجا رو گھر ٺڙائو ھتو، اُوئي ۾ بعال ڏيوتا رَي ݾارُو ھيڪ ٻَليدون رِي جگھا ڀِي ٺڙائي۔33 اُوئي يَسي را ديوِي رِي مُورتِي رو ٿونڀا ڀِي ٺڙائو۔ اُوئي ٻيجا گھڻا ئِي اھڙا ڪوم ڪيئا جڪَي ݾون اِسرائيل مُلڪ رَي پيلڪَي بادشاھون ݾون ڀِي وڌيڪ اُوئون اِسرائيلي قوم رَي ايشوَر نَي ناراض ڪيئو۔
34 اخياب رَي ڏِنون ۾ بيت ايل رَي ريوَڻ آݪون ھَي ايل يريحُو شھر ڀڙي ٺڙائو۔ اُوئي جڏي يريحُو شھر رو بُنياد راکيو تو اُوئي رو موٽو ڏيڪرو اَبرام مري گيو ھانَ جڏي اُوئي را در ٺاھيا تو اُوئي رو ݾجون ݾون نِنيو ڏيڪرو سجُوب مري گيو۔ جون ايشوَر نُونَ رَي ڏيڪرَي يشُوع رَي وسيلَي ݾون باتون ڪرائي ھتَي اِيئوج ھويو۔