يشُوع رو آخري نياپو
23
اِسرائيلي قوم آݪا تموم گھڻو ٽيم امن ݾون رھيا، ڪيونڪہ پرميشوَر اُوئون نَي اُوئون رَي دُشمنون ݾون بچاوتو رھيو۔ ھمَي يشُوع ڏوڪرو ھويو ھتو۔ ‏2 پَڇي يشُوع اِسرائيلي قبيلون رَي اَگووڻون، ݾردارون، جَجون ھانَ آفيسرون نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ،”ھمَي ھُون تموم گھڻو ڏوڪرو ھويو رو۔ ‏3 ٿون او ݾجو ڪئين ڏيٺو، جڪو پرميشوَر آپڻَي ايشوَر ٻيجَي قومون ݾون ڪيئو ھَي ھانَ پرميشوَر آپڻَي ايشوَر آپ ٿونرَي ݾارُو جنگ ڪِي ھَي۔ ‏4 ياد راکو، مھَي آٿوڻَي ۾ يردن دريا ݾون لي موٽَي ݾمُوندر توڻي ݾجو علائقو ٿونرَي قبيلون ۾ وِراثت ۾ ڏينو ھَي۔ مھون تموم گھڻَي قومون نَي ھرايو ھَي، پڻ اَڃون توڻي ٻيجَي قومون باقي ھَي۔ ‏5 پرميشوَر آپڻو ايشوَر، اُوئون نَي ٿون ݾون اݪگا ڪري ڪاڍي ڇوڙشَي، پَڇي ٿي اُوئون مُلڪون تي قبضو ڪرشو، جھڙَي نمُونَي پرميشوَر آپڻَي ايشوَر، ٿون ݾون واعدو ڪيئو ھَي۔ ‏6 اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿي پُورَي من ݾون اُوئي رَي حُڪمون تي عمل ڪرو، جڪو مُوسيٰ رِي شريعت رَي ڪِتاب ۾ لِکيوڙا ھَي۔ ٿي ڪو ڀِي حُڪم توڙيا نِي۔ ‏7 ٿي اُوئون قومون ݾون جڪو ٿون ڀيڙا رَي ھَي، اُوئون ݾون ڪڏي ڀِي عزيزپائِي نِي ڪريا۔ نِي اُوئون رَي ڏيوتائون رو نون ليا، نِي اُوئون رَي ڏيوتائون رو ݾونݾ ليئا، نِي اُوئون ڏيوتائون رِي ڀگتي ڪريا ھانَ نِي اُوئون رِي پُوجا ڪريا۔ ‏8 ٿي پرميشوَر آپرَي ايشوَر ݾون وفادار رھيا، جھڙَي نمُونَي آج توڻي ھو۔ ‏9 پرميشوَر طاقت آݪَي ھانَ موٽَي قومون، ٿون ݾون ڪاڍي ڇوڙئَي ھَي ھانَ ڪو ڀِي اھڙو ڪونھي، جڪو ٿونرو مُقابلو ڪرَي۔ ‏10 ٿونرو ھيڪ مِنک، ھزار مِنکون رَي برابر ھَي، ڪيونڪہ پرميشوَر ٿونرو ايشوَر ٿونرَي ݾارُو جنگ ڪرَي ھَي، جھڙَي نمُونَي اُوئي ٿون ݾون واعدو ڪيئو ھَي۔ ‏11 اِيئي رَي ڪري ٿي پرميشوَر آپرَي ايشوَر ݾون پريم راکڻ ۾ ݾُجاگ رو۔ ‏12 جي ٿي پرميشوَر لاري بيوَڻ ڇوڙي، ٻيجَي قومون ݾون ميل جول راکشو، جڪو ٿون ڀيڙا رَي ھَي ھانَ اُوئون ݾون بيئان بڌوڻا ڪرشو، تو او ٿون ڪڍي آشَي ھانَ ٿي اُوئون ڪڍي جاشو، ‏13 تو پڪ ݾمجھو ڪہ پرميشوَر ٿونرو ايشوَر اَي قومون ٿونرَي بِچ ݾون ڪونھي ڪاڍَي ھانَ او ٿونرَي ݾارُو جاݪ ھانَ ڦاݾِي ھوشَي۔ او ٿونرَي پُٺون رَي ݾارُو چاٻڪ ھانَ ٿونرَي اونکيون رَي ݾارُو ڪونٽا ھوشَي، اترِي توڻي ڪہ ٿي اِيئي ݾُٺَي مُلڪ ۾ ختم ھوئي جاشو، جڪو پرميشوَر ٿونرَي ايشوَر ٿونَي ڏينو ھَي۔
‏14 جوئو، ݾجون نَي مرڻو ھَي ھانَ اِيئي نمُونَي مھارَي مرڻ رو ٽيم ڀِي نيڙو ھَي۔ ٿونَي ݾُٺَي نمُونَي خبر ھَي ڪہ پرميشوَر ٿونرَي ايشوَر ٿون ݾون جڪو ڀِي واعدو ڪيئو ھَي، او پُورو ڪيئو ھانَ ڪو ڀِي واعدو اھڙو ڪونھي، جڪو پُورو نِي ھويو ھووَي۔ ‏15 جھڙَي نمُونَي پرميشوَر ٿونرَي ايشوَر ٿونَي واعدَي ڪيئوڙَي ݾُٺَي شيون ڏينَي، اُوئيج نمُونَي او ݾجَي آفتون ٿون تي ميلشَي۔ جترِي توڻي او اِيئي ݾُٺَي مُلڪ ۾ ٿونَي مِٽاوَي نِي، جڪو پرميشوَر ٿونرَي ايشوَر ٿونَي ڏينو ھَي۔ ‏16 جي ٿي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رو او وچن ڪونھي منو، جڪَي رو حُڪم اُوئي ٿونَي ڏينو ھَي ھانَ جائي ڪَي ٻيجَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪرشو ھانَ اُوئون رِي ڀگتي ڪرشو، تو پرميشوَر رو ڪھر ٿون تي پڙشَي ھانَ ٿي اِيئي ݾُٺَي مُلڪ ݾون ڇيڪا برباد ھوئي جاشو، جڪو پرميشوَر ٿونَي ڏينو ھَي۔“