ݾات قبيلون رِي وِراثت
18
پَڇي اِسرائيلي قوم را ݾجائِي مِنک سيلا شھر ۾ ڀيڙا ھويا ھانَ اوٿ پرميشوَر ݾون مُلاقات رَي ݾارُو تنٻُو لگايو، ڪيونڪہ اَي مُلڪ اُوئون آپرَي قبضَي ۾ ڪيئو ھتو۔
‏2 اِسرائيليون ۾ اَڃون توڻي ݾات قبيلا باقي ھتا، جڪون نَي آپرِي وِراثت ڪونھي مِلي ھتِي۔ ‏3 اِيئي تي يشُوع اِسرائيليون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي ڪترِي توڻي سُست ريشو ھانَ اُوئي مُلڪ تي قبضو ڪونھي ڪرو، جڪَي نَي ڏيوَڻ رو واعدو پرميشوَر ٿونرَي ايشوَر ٿونرَي ٻاپ ڏاڏون ݾون ڪيئو ھتو۔ ‏4 ٿي ھمَي ھر ھيڪ قبيلَي ۾ تين تين مِنک چُونڊو، ھُون اُوئون نَي اُوئي مُلڪ ۾ ميلين ڪہ او جائي اُوئي مُلڪ رو حال احوال لَي ھانَ پَڇي آپرِي آپرِي وِراثت رَي حِساب ݾون اُوئي مُلڪ رو حال احوال لِکي مھَي ڪڍي لي آوَي۔ ‏5 اَي مِنک اُوئي مُلڪ را ݾات حِصا ڪرَي، پڻ يھُودا قبيلَي رِي حد اُتر ڏيݾا ھانَ يُوسف رَي قبيلَي رِي حد ڏکڻ ڏيݾا ھوشَي۔ ‏6 اِيئي نمُونَي اَي مِنک ݾات قبيلون رَي حدون لِکي مھَي ڪڍي آشَي ھانَ پَڇي ھُون پرميشوَر آپڻَي ايشوَر آگھي ٿونرَي ݾارُو پُکو گھاتين۔ ‏7 ٿونرِي وِراثت ۾ لاوِي قبيلَي رو ڪو ڀِي حِصو ڪونھي ھووَي، ڪيونڪہ او پرميشوَر را شيواداري ھَي۔ جد، روبن ھانَ مُنسي رَي آڌَي قبيلَي نَي يردن دريا پار ڏکڻ ڏيݾا وِراثت مِلي ھَي۔ اَي وِراثت پرميشوَر رَي شيواداري مُوسيٰ اُوئون نَي ڏينِي ھتِي۔“
‏8 پَڇي او مِنک بَئير ھويا ھانَ يشُوع اُوئون نَي حُڪم ڏينو ڪہ،”ٿي اُوئي مُلڪ ۾ جائو ھانَ اوٿ رو حال احوال لِکي مھَي ڪڍي آئو ھانَ ھُون سيلا شھر ۾ ٿونرَي ݾارُو پرميشوَر آگھي پُکو گھاتين۔“ ‏9 اِيئي نمُونَي او مِنک اُوئي مُلڪ ۾ گيا ھانَ اُوئي رَي شھرون را ݾات حِصا ڪري اُوئون رو حال احوال ڪِتاب ۾ لِکيو۔ پَڇي او ڪِتاب سيلا شھر رَي تنٻُو ۾ يشُوع ڪڍي لي آيا۔ ‏10 پَڇي يشُوع سيلا ۾ اُوئون رَي ݾارُو پرميشوَر آگھي پُکو گھاتيو ھانَ اوٿج اُوئي اِسرائيل رَي ݾات قبيلون ھانَ اُوئون رَي خاندان نَي وِراثت رو حِصو ڏينو۔
بنيامين قبيلَي رو علائقو
‏11 پَڇي جڏي پُکو گھاتيو، تو بنيامين قبيلَي ھانَ اُوئي رَي خاندان نَي پيلڪو حِصو مِليو۔ اُوئون رِي حد يھُودا ھانَ يُوسف رَي قبيلون رَي بِچ ۾ ھتِي۔ ‏12 اِيئي نمُونَي اُوئون رِي حد اُتر ڏيݾا يردن دريا ݾون شرُوع ھوئي يريحُو رَي اُتر ۾ جبل رِي لاھِي، جابلُو علائقَي ݾون لي آٿوڻَي پاݾَي بيت آون رَي رڻ پَٽ توڻي ھتِي۔ ‏13 اوٿ ݾون اَي حد لُوز، يعني بيت ايل ھانَ اُوئي رَي جبل رِي لاھِي ݾون ھوئي عطارات ادار توڻي پُگِي، جڪو ھيٺا بيت حورُون رَي ڏکڻ ۾ ھَي۔ ‏14 پَڇي اَي حد بيت حورُون رَي ݾومھو جبل رَي آٿوڻَي پاݾَي ڏکڻ ڏيݾا ڦِري يھُودا رَي قبيلَي رَي شھر قريت بعل، يعني قريت يعريم توڻي پُگِي۔ اَي حد آٿوڻَي پاݾَي ھتِي۔ ‏15 پَڇي اَي حد ڏکڻ ڏيݾا قريت يعريم رَي ڇيڙَي ݾون شرُوع ھوئي آٿوڻَي پاݾَي نفتوح شھر رِي ندِي توڻي پُگِي۔ ‏16 اَي حد اُوئي جبل توڻي ھتِي ھانَ اَي حد ھنوم رَي ڏيڪرَي رِي وادِي رَي ݾومھو ھَي، جڪو رفائيم رَي ميدون رَي ݾومھو اُتر ۾ ھَي۔ پَڇي اوٿ ݾون ڏکڻ ڏيݾا ھنوم رِي وادِي رَي بِچ ۾ ھَي ھانَ يبُوسيون رَي شھر رِي لاھِي ڪڍي ھَي، اوٿ ݾون ھوئي عين راجل توڻي پُگِي۔ ‏17 عين راجل ݾون اَي حد اُتر ڏيݾا ڦِري عين شمس ݾون ھوئي اُدميم رِي چڙھائِي رَي ݾومھو جليلوت توڻي پُگِي۔ اوٿ ݾون ھوئي اَي حد روبن رَي ڏيڪرَي بوھن رَي پٿر توڻي پُگِي۔ ‏18 پَڇي اُتر ݾون ھوئي ارابا علائقَي رَي ݾومھو لاھِي ݾون ھوئي ھيٺا ارابا توڻي پُگِي۔ ‏19 پَڇي اَي حد اوٿ ݾون بيت حجلا رَي اُتر ڏيݾا گئِي۔ پَڇي اَي حد مُردار ݾمُوندر تي جائي ختم ھوئِي، جيٿ يردن دريا رِي پُڇڙِي ھَي ھانَ اَي اُتر رِي حد ۾ ھَي۔ ‏20 اُوگوڻَي ڏيݾا اُوئي رِي حد يردن دريا توڻي ھَي۔ بنيامين قبيلَي رِي وِراثت اُوئون رَي چارئي پاݾَي رَي حدون رَي حِساب ݾون اُوئي رَي خاندانون رِي وِراثت اَئيج ھتِي۔
‏21 بنيامين قبيلَي را شھر اُوئي رَي خاندانون رَي حِساب اَي ھتا، يريحُو، بيت حجلا، عيمق فصيص، ‏22 بيت عرابا، صمريم، بيت ايل، ‏23 عوِيم، فارا، عُفرا، ‏24 ڪفر العمُوني، عُفني ھانَ جِبع۔ اَي ٻارھَي شھر ھانَ اِيئون را گون ڀِي ھتا۔ ‏25 اِيئون ݾون ٽاݪ اَي شھر ڀِي ھتا۔ جِبعون، راما، بيروت، ‏26 مِصفا، ڪفيرا، موضا، ‏27 رقم، ارفيل، ترالا، ‏28 ضلع، الف، يبُوسيون رو يروشلم شھر، جبعت ھانَ قريت يعريم۔ اَي چئوڏَي شھر ھانَ اُوئون را گون ڀِي ھتا۔ بنيامين قبيلَي ھانَ اُوئي رَي خاندانون رِي وِراثت اَئيج ھتِي۔