يُوسف رَي قبيلَي را علائقا
16
پَڇي يُوسف رَي قبيلَي رَي ݾارُو پُکو گھاتيو ھانَ جڪو علائقا اُوئون رِي حِصَي ۾ آيا، اُوئون رَي حدون اَي ھَي، يريحُو شھر ھانَ يردن دريا ݾون ھوئي، يعني اُوگوڻَي پاݾَي يريحُو رِي ندِي ݾون بيت ايل رَي جابلُو علائقون ݾون ھوئي، ‏2 لُوز ڏيݾا گئِي ھانَ ارڪين قوم رِي حد ݾون ھوئي عطارات توڻي پُگِي۔ ‏3 پَڇي اُتر ݾون يفليطِي قوم رِي حد ݾون ھوئي ھيٺا بيت حورُون ھانَ جزر شھر رَي ڇيڙَي توڻي گئِي ھانَ او ݾمُوندر توڻي پُگِي۔ ‏4 اِيئي نمُونَي يُوسف رَي ڏيڪرون، يعني مُنسي ھانَ اِفرائيم رَي قبيلون نَي آپرِي آپرِي وِراثت ملِي۔
اِفرائيم قبيلَي را علائقا
‏5 اِفرائيم رَي قبيلَي رَي حدون اُوئون رَي خاندان رَي حِساب ݾون اَي ھتَي۔ اُوگوڻَي پاݾَي عطارات ادار ݾون ماٿلَي بيت حورُون ‏6 ݾون ھوئي موٽَي ݾمُوندر تي ختم ھوئِي۔ اُتر ڏيݾا مڪمتا ݾون ھوئي اُوگوڻَي پاݾَي گئِي ھانَ اَي حد اُوگوڻَي پاݾَي ڦِري تانت سيلا شھر ڏيݾا گئِي ھانَ ينُوحا شھر رَي اُوگوڻَي پاݾَي گئِي۔ ‏7 ينُوحا ݾون عطارات ھانَ نعرات ݾون ھيٺا جائي يريحُو شھر رَي نيڙو يردن دريا توڻي پُگِي۔ ‏8 پَڇي او حد تفُوح ݾون آٿوڻَي ڏيݾا قانا شھر رِي ندِي ݾون ھوئي ݾمُوندر توڻي پُگِي۔ اِفرائيم رَي قبيلَي رِي وِراثت اُوئون رَي خاندان رَي حِساب ݾون اَئيج ھَي۔ ‏9 اِفرائيم رَي قبيلَي نَي اِيئي وِراثت ݾون ٽاݪ ڪئين ٻيجا شھر ھانَ گون ڀِي مِليا، جڪو مُنسي رَي قبيلَي را ھتا۔ ‏10 اِفرائيم رَي قبيلَي آݪون ڪنعاني قوم نَي اوٿ ݾون ڪونھي تگڙيا، جڪو جزر رَي علائقَي ۾ ريتا۔ اَي ڪنعاني آج توڻي اِفرائيم قوم ڀيڙا رَي ھَي ھانَ اُوئون را غُلوم ھوئي ونگار ۾ ڪوم ڪرَي ھَي۔