ڪنعان مُلڪ نَي بِݪاوڻ
14
اَي ڪنعان مُلڪ را او علائقا ھَي، جڪو وِراثت ۾ اِسرائيليون نَي مِليا۔ اَي علائقا ايشوَر رَي پُوجاري اليعزر، نُونَ رَي ڏيڪرَي يشُوع ھانَ اِسرائيلي قبيلون رَي ݾردارون اُوئون نَي وِراثت ۾ ڏينا۔ 2 جھڙَي نمُونَي پرميشوَر مُوسيٰ نَي حُڪم ڏينو ھتو، اُوئون ݾاڍِي نَئو قبيلون نَي پُکو گھاتي وِراثت ۾ او علائقا ڏينا، 3 ڪيونڪہ مُوسيٰ يردن دريا پار اڍائِي قبيلون نَي وِراثت ڏينِي ھتِي، پڻ اُوئي لاوِي قبيلَي نَي ڪو ڀِي وِراثت ڪونھي ڏينِي۔ 4 يُوسف را ٻي قبيلا ھتا، يعني مُنسي ھانَ اِفرائيم۔ لاوِي قبيلَي نَي ڪو ڀِي وِراثت ڪونھي ملِي، پڻ اُوئون نَي رُگو ريوَڻ رَي ݾارُو شھر ھانَ مال چارڻ رَي ݾارُو آݾَي پاݾَي رو علائقو مِليو۔ 5 اِسرائيليون اُوئيج نمُونَي مُلڪ بِݪايو، جھڙَي نمُونَي پرميشوَر مُوسيٰ نَي حُڪم ڏينو ھتو۔ڪالب رو علائقو
6 پَڇي يھُودا قبيلَي آݪا جِلجال ۾ يشُوع ڪڍي آيا ھانَ اُوئون ۾ قنزي يُفنا رَي ڏيڪرَي ڪالب ڪھيو ڪہ،”ٿنَي خبر ھَي ڪہ جڏي مھي قادس برنيع ۾ ھتا، تو پرميشوَر آپرَي شيواداري مُوسيٰ نَي مھارَي ھانَ ٿارَي بارَي ۾ ڪِي ڪھيو ھتو۔ 7 جڏي ھُون چاليھ ݾال رو ھتو، تو اُوئي ٽيم پرميشوَر رَي شيواداري مُوسيٰ قادس برنيع شھر ݾون مھنَي اُوئي مُلڪ رِي جاچُوسي ڪرڻ رَي ݾارُو ميليو ھتو ھانَ پاڇو آئي ايمونداري ݾون او ݾجو ڪئين ݾُڻايو، جڪو مھَي ڏيٺو ھتو۔ 8 جڪو مِنک مھَي ڀيڙا ھتا، اُوئون مِنکون نَي ٻيئاڙيا، پڻ ھُون پرميشوَر آپرَي ايشوَر ݾون پُورَي دِل ݾون وفادار رھيو 9 ھانَ اُوئيج ڏِن مُوسيٰ ݾونݾ لي ڪھيو ڪہ، ’جيٿ جيٿ ٿَي پگ راکيا ھَي، او زمين ھميشا رَي ݾارُو ٿارِي ھانَ ٿارَي ݾجَي اولادون رِي وِراثت ھوشَي، ڪيونڪہ تُو پرميشوَر مھارَي ايشوَر ݾون وفادار رھيو ھَي۔‘ 10 جو، جڏي ݾون پرميشوَر اَي بات مُوسيٰ ݾون ڪِي ھتِي، تو اِيئي پنجيتالي ݾالون توڻي اِسرائيلي رڻ پَٽ ۾ ڀٽڪتا رھيا۔ ھمَي جو، ھُون پنجاسِي ݾالون رو ھون، ڪيونڪہ پرميشوَر مھنَي آپرَي واعدَي تي اَڃون توڻي جيتو راکيو ھَي۔ 11 ھُون ھڻون ڀِي اِتروج طاقت آݪون ھون، جِترو اُوئي ٽيم ھتو، جڏي مُوسيٰ مھنَي اوٿ ميليو ھتو۔ ھُون ھڻون ڀِي سفر ڪرڻ ھانَ جنگ ڪرڻ ۾ طاقت آݪو ھون۔ 12 اِيئي رَي ڪري تُو اَي جابلُو علائقو مھنَي ڏي، جڪَي رو ذِڪر پرميشوَر اُوئي ڏِن ڪيئو ھتو، ڪيونڪہ ٿَي اُوئي ڏِن ݾُڻيو ھتو ڪہ عناقي قوم اوٿ رَي موٽَي موٽَي شھرون ھانَ ڪوٽون ۾ رَي ھَي۔ جي پرميشوَر مھَي ڀيڙو ھووَي، تو ھُون اُوئي رَي ڪيوَڻ تي اُوئون نَي اوٿ ݾون ڪاڍي ڇوڙين۔“
13 پَڇي يشُوع يُفنا رَي ڏيڪرَي ڪالب نَي برڪت رِي آشيش ڏينِي ھانَ اُوئي نَي وِراثت ۾ حبرُون شھر ڏينو۔ 14 اِيئي رَي ڪري حبرُون شھر اُوئي ٽيم ݾون لي ھڻون توڻي قنزي قوم ۾ يُفنا رَي ڏيڪرَي ڪالب رِي ملڪيت ھَي، ڪيونڪہ ڪالب پرميشوَر اِسرائيل رَي ايشوَر ݾون پُورَي دِل ݾون وفادار رھيو۔
15 حبرُون شھر رو پِروڻو نون قريت اربع ھتو۔ اربع عناقي قوم ۾ تموم گھڻو طاقت آݪو مِنک ھتو۔ پَڇي جنگ ختم ھوئِي ھانَ پُورَي مُلڪ ۾ امن ھويو۔