عڪن رو ڏوھ
7
اِسرائيلي مِنکون ايشوَر رَي نون ڪيئوڙَي شيون ۾ بَئيمونِي ڪِي۔ يھُودا رَي قبيلَي ݾون زارح رو ڏيڪرو زبدي، زبدي رو ڏيڪرو ڪرمي، ڪرمي رَي ڏيڪرَي عڪن ايشوَر رَي نون ڪيئوڙَي شيون ۾ ڪئين ليئو، اِيئي رَي ڪري پرميشوَر رو ڪھر اِسرائيل قوم تي ڀڙڪيو۔
‏2 پَڇي يشُوع ڪئينڪہ مِنک يريحُو ݾون عئي شھر ڏيݾا ميليا، جڪو بيت ايل رَي اُوگوڻَي ۾ بيت آون رَي نيڙو ھَي۔ يشُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ماٿَي اُوئي علائقَي ۾ جائو ھانَ اُوئي رِي جاچُوسي ڪرو۔“ اِيئي تي او گيا ھانَ عئي شھر رِي جاچُوسي ڪِي۔ ‏3 جڏي او جاچُوسي ڪري پاڇا آيا، تو اُوئون يشُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”اَي ضرُوري ڪونھي ڪہ ݾجائِي مِنک عئي شھر تي حملو ڪرَي، پڻ اُوئون نَي ھراوڻ رَي ݾارُو ٻي جون تين ھزار آڏمي گھڻا ئِي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري تُو ݾجَي مِنکون نَي تڪليف نِي ڏي، ڪيونڪہ دُشمن ݾَڦا ٿوڙا ھَي۔“ ‏4 پَڇي مِنکون ۾ تين ھزار آڏمي عئي شھر تي حملو ڪرڻ گيا، پڻ ھار کائي پاڇا ناݾي آيا۔ ‏5 عئي رَي مِنکون اُوئون ۾ اندازن ڇٽِي مِنک ماري ڇوڙيا ھانَ باقي مِنکون شھر رَي در ݾون لي شبريم رَي علائقَي توڻي لارو ڪيئو ھانَ لاھِي تي اُوئون نَي ماري ڇوڙيا۔ اِيئي تي اِسرائيلي ݾَڦا ھِمت ھاري گيا۔
‏6 پَڇي يشُوع ھانَ اِسرائيلي قوم رَي ݾجَي اَگووڻون آپرا گاڀا ڦاڙيا ھانَ پرميشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ آگھي شام توڻي زمين تي موڏَي توڻي پڙيا رھيا ھانَ آپرَي ماٿَي ۾ مٽِي گھاتِي۔ ‏7 پَڇي يشُوع ڪھيو ڪہ، ”اي مھارا مالڪ پرميشوَر، ٿَي ڪيئون مھونَي يردن دريا پار ڪرايو؟ ڪِي اِيئي رَي ڪري ڪہ مھونَي اموري قوم رَي حوالي ڪرَي؟ جون اِيئي رَي ڪري ڪہ مھي برباد ھوئي جائُون؟ ڀلو ھتو ڪہ آپي صبر ڪرون تو، ھانَ يردن دريا پار نِي ڪرون تو۔ ‏8 اي مھارا مالڪ، اِسرائيلي قوم رو آپرَي دُشمنون آگھي ناݾي جاوڻ ݾون پَڇي ھُون ڪِي ڪونھ؟ ‏9 ھمَي ڪنعاني ھانَ اِيئي مُلڪ ۾ ريوَڻ آݪا اَي ݾُڻي مھورَي چوڌاري ڦِري آشَي ھانَ مھورو نون دُنيا ݾون ختم ڪري ڇوڙشَي، پَڇي تُو آپرَي موٽَي مونَ آݪَي نون رو ڪِي ڪرِي؟“
‏10 پَڇي پرميشوَر يشُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”اُٺي، اُڀ۔ تُو ڪيئون اُونڌو پڙيو ھَي؟ ‏11 اِسرائيليون ڏوھ ڪيئو ھَي ھانَ او وچن توڙيو ھَي، جڪَي رو مھَي حُڪم ڏينو ھتو۔ اُوئون مھارَي نون تي ڪيئوڙَي شيون ۾ ڪئين ليئو ھانَ چورِي ڪِي ھانَ ڪُوڙ ڪري آپرَي سيمون ڀيڙو راکيو۔ ‏12 اِيئي رَي ڪري ھمَي اِسرائيلي قوم آݪا آپرَي دُشمنون ݾون مُقابلو ڪري ڪونھي ݾگھتا۔ او آپرا دُشمن ڏيکي ناݾي جاوَي ھَي، اُوئون رِي برباد اِيئي رَي ڪري ھَي ڪہ اُوئون مھارَي نون ڪيئوڙَي شيون ۾ ڪئين ليئو ھتو۔ اِيئي رَي ڪري آج ݾون پَڇي، ھُون ٿون ڀيڙو ڪونھي رون، جترِي توڻي ٿي او شيون آپ ۾ ختم ڪونھي ڪرو۔ ‏13 ھمَي تُو اُٺِي، مِنکون نَي پويتر ڪر ھانَ اُوئون نَي اَي ڪَي ڪہ ٿي آپنَي ݾاڪݪي رَي ݾارُو پويتر ڪرو، ڪيونڪہ پرميشوَر اِسرائيل رو ايشوَر اِيئون ڪَي ھَي ڪہ، ’اي اِسرائيليون، ٿون ڪڍي ايشوَر رَي نون ڪيئوڙَي شيون اَڃون توڻي موجُود ھَي۔ جترِي توڻي او شيون ٿي آپ ݾون اݪگِي ڪونھي ڪرو، اُترِي توڻي ٿي آپرَي دُشمنون رو مُقابلو ڪري ڪونھي ݾگھتا۔ ‏14 اِيئي رَي ڪري ٿي ݾاڪݪي آپرَي آپرَي قبيلَي رَي حِساب ݾون پرميشوَر آگھي حاضر ھويا ھانَ پَڇي جڪَي قبيلَي نَي پرميشوَر ڏوھي ڪرَي، او ھيڪ ھيڪ خاندان آئي اُوئي رَي نيڙا آوَي۔ ‏15 پَڇي جڪَي ڪڍي ايشوَر رَي نون ڪيئوڙَي شيون نڪرَي، اُوئي نَي جھاليا ھانَ اُوئي نَي ھانَ اُوئي رِي ݾجِي ملڪيت نَي باݾڏي ڏي ٻاݪيا، ڪيونڪہ اُوئي پرميشوَر رو وچن توڙيو ھانَ اِسرائيلي قوم ۾ پرميشوَر رِي نافرمونِي ڪِي ھَي۔‘“
‏16 پَڇي يشُوع ݾاڪݪي تارھي اُٺي اِسرائيليون نَي قبيلون رَي حِساب ݾون پرميشوَر آگھي حاضر ڪيئا ھانَ يھُودا رو قبيلو جھليجو۔ ‏17 پَڇي يشُوع يھُودا رو خاندان نيڙو لي آيو ھانَ زارح رو خاندان ڀِي جھليجو۔ پَڇي او زارح رَي خاندان را مِنک نيڙا لي آيو ھانَ زبدي ڀِي جھليجو۔ ‏18 پَڇي يشُوع اُوئون رَي خاندان رو ھيڪ ھيڪ مِنک نيڙو لي آيو ھانَ ڪرمي رو ڏيڪرو عڪن ڀِي جھليجو۔ ڪرمي زبدي رو ڏيڪرو ھتو، زبدي زارح رو ڏيڪرو ھتو ھانَ اَي يھُودا رَي قبيلَي را ھتا۔ ‏19 پَڇي يشُوع عڪن نَي ڪھيو ڪہ،”اي مھارا ڏيڪرا، ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ پرميشوَر اِسرائيل رَي ايشوَر رِي ڀگتي ڪر ھانَ اُوئي آگھي اِقرار ڪر۔ مھنَي ݾُڻا ڪہ ٿَي اَي ڪيئون ڪيئو، ڪو ڀِي بات مھَي ݾون نِي لِڪائي۔“
‏20 عڪن يشُوع نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ،”واقعي مھَي پرميشوَر اِسرائيل رَي ايشوَر رو ڏوھ ڪيئو ھَي۔ اِيئون ھويو ڪہ، ‏21 مھَي کوݾيوڙَي شيون ۾ سنعار رِي ھيڪ ݾُٺِي چادر، اندازن ݾَوا ٻي ڪِلو چوندِي ھانَ اَڌ ڪِلو ݾون وڌيڪ ݾونَي رِي اِيٽ آپ ڪڍي راکِي۔ اَي شيون جوئي مھارَي من ۾ لالچ آيو ھانَ اَي ݾجَي شيون مھارَي تنٻُو ھيٺا زمين ۾ ٻُوريوڙَي ھَي ھانَ چوندِي ݾجون ݾون ھيٺا ھَي۔“
‏22 پَڇي يشُوع مِنکون نَي ميليا ھانَ او ڇيڪا ڇيڪا تنٻُو ڏيݾا گيا، اوٿ ݾجَي شيون زمين ۾ ٻُوريوڙَي ھتَي ھانَ چوندِي ݾجون ݾون ھيٺا ھتِي۔ ‏23 او ݾجَي شيون تنٻُو ݾون ڪاڍي يشُوع ھانَ ݾجِي اِسرائيلي قوم رَي رُوبرو لي آيا ھانَ او پرميشوَر آگھي راکئَي۔ ‏24 پَڇي يشُوع ھانَ ݾجائِي اِسرائيلي زارح رَي ڏيڪرَي عڪن نَي ھانَ او چوندِي، چادر ھانَ ݾونَي رِي اِيٽ، عڪن را ڏيڪرا، ڏيڪرَي، ڍگا، گڏا، رڍون ھانَ تنٻُو ݾُوڌو جڪو ڪئين اُوئي ڪڍي ھتو، او ݾجو لي عڪُور رِي وادِي ۾ گيا۔ ‏25 پَڇي يشُوع ڪھيو ڪہ،”ٿَي مھونَي ڪيئون ڏُک ڏينو؟ پرميشوَر آج ٿنَي ڏُک ڏيشَي۔“ پَڇي ݾجَي اِسرائيليون عڪن نَي ھانَ اُوئي رَي پُورَي گھر نَي پٿر ھڻي ماري ڇوڙيا۔ پَڇي اُوئون نَي ݾجَي شيون ڀيڙا ٻاݪي ڇوڙيا۔ ‏26 اِسرائيليون عڪن رَي لاش تي پٿرون رو موٽو ڍِگ ڪيئو، جڪو آج توڻي موجُود ھَي۔ اِيئي ݾون پَڇي پرميشوَر رو ڪھر ختم ھويو۔
اِيئي رَي ڪري آج توڻي اُوئي جگھا رو نون عڪُور رِي وادِي ھَي۔