يادگيرِي رَي ݾارُو ٻارھَي پٿر راکڻ
4
جڏي ݾجِي قوم يردن دريا پار ڪيئو، تو پرميشوَر يشُوع نَي ڪھيو ڪہ، ‏2 ”تُو ٻارھَي مِنک چُونڊ، ھر ھيڪ قبيلَي ݾون ھيڪ ھيڪ مِنک۔ ‏3 پَڇي تُو اُوئون نَي حُڪم ڏي ڪہ، ’او يردن دريا رَي بِچ ۾ جاوَي، جيٿ پُوجاريون را پگ ھتا، اوٿ ݾون ٻارھَي پٿر لي آوَي ھانَ اُوئون نَي اُوئي جگھا تي راکيا، جيٿ ٿي آج رات ريشو۔‘“
‏4 پَڇي يشُوع اُوئون ٻارھون مِنکون نَي ھيلو ڪرايو، جڪون نَي اُوئي اِسرائيلي قوم ݾون چُونڊيا ھتا۔ اَي ھر ھيڪ قبيلَي ݾون ھيڪ ھيڪ مِنک ھتو۔ ‏5 يشُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي يردن دريا تي پاڇا جائو ھانَ پرميشوَر آپڻَي ايشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ رَي ݾومھو ھر ھيڪ مِنک اِسرائيل رَي قبيلَي رَي حِساب ݾون ھيڪ ھيڪ پٿر آپرَي کوئَي تي کڻي لي آوَي ‏6 ڪہ او پٿر ٿونرَي بِچ ۾ ھيڪ نِشون ھووَي ھانَ آوڻ آݪَي زمونَي ۾ جڏي ٿونرا اولاد پُوڇَي ڪہ، ’اِيئون پٿرون رو مطلب ڪِي ھَي؟‘ ‏7 تو ٿي اُوئون نَي ݾُڻايا ڪہ، ’جڏي پرميشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ يردن دريا رَي ڪپ تي پُگِي، تو ݾنڏُوڪ آگھي يردن دريا رو پوڻي ڌار ھويو ھتو۔‘ اِيئي نمُونَي اَي پٿر ھميشا رَي ݾارُو اِسرائيلي قوم رَي ݾارُو يادگيرِي ھوشَي ڪہ ايٿ ڪِي ھويو ھتو۔“
‏8 اِسرائيليون يشُوع رَي حُڪم تي اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر يشُوع نَي ڪھيو ھتو۔ او اِسرائيل رَي قبيلَي رَي حِساب ݾون يردن دريا رَي بِچ ݾون ٻارھَي پٿر کڻي اُوئي جگھا تي لي آيا، جيٿ او ريتا ھانَ اُوئون نَي اوٿج راکيا۔ ‏9 يشُوع ڀِي يردن دريا رَي بِچ ۾ اُوئي جگھا تي ٻارھَي پٿر راکيا، جيٿ وچن رِي ݾنڏُوڪ کڻڻ آݪون پُوجاريون آپرا پگ راکيا ھتا۔ اَي پٿر آج توڻي اوٿج ھَي۔ ‏10 وچن رِي ݾنڏُوڪ کڻڻ آݪا پُوجاري يردن دريا رَي بِچ ۾ اُترِي توڻي اُڀا رھيا، جترِي توڻي او حُڪم پُورا ڪونھي ھويا، جڪو پرميشوَر مِنکون رَي ݾارُو يشُوع نَي ڏينا ھتا۔ اِيئي نمُونَي ݾجو ڪئين اِيئوج ھويو، جون مُوسيٰ يشُوع نَي ڪھيو ھتو۔ پَڇي مِنکون ڇيڪائِي ڪري يردن دريا پار ڪيئو۔ ‏11 جڏي ݾجَي مِنکون يردن دريا پار ڪيئو، تو پُوجاري ڀِي پرميشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ کڻي ڪپ تي پُگا ھانَ ڀڙي مِنکون آگھي آگھي بيوَڻ لاگا۔ ‏12 روبن را مِنک، جد را مِنک ھانَ مُنسي رو آڌو قبيلو ھٿيار لي اِسرائيليون ݾون پيل دريا پار ڪيئو، جون مُوسيٰ اُوئون نَي ڪھيو ھتو۔ ‏13 اِيئي نمُونَي اندازن چاليھ ھزار آڏمي پرميشوَر آگھي يردن دريا پار ڪري يريحُو رَي ميدون ۾ جنگ ڪرڻ گيا۔ ‏14 اُوئيج ڏِن پرميشوَر ݾجِي اِسرائيلي قوم رَي رُوبرو يشُوع نَي عِزت ڏينِي۔ جھڙَي نمُونَي مِنک مُوسيٰ رِي عِزت ڪرتا، اُوئيج نمُونَي او يشُوع رِي پُورِي زندگِي عِزت ڪرتا رھيا۔
‏15 پَڇي پرميشوَر يشُوع نَي ڪھيو ڪہ، ‏16 ”جڪو پُوجاري وچن رِي ݾنڏُوڪ کڻي اُڀا ھَي، اُوئون نَي حُڪم ڏي ڪہ او يردن دريا ݾون نڪري آوَي۔“ ‏17 پَڇي يشُوع ايشوَر رَي پُوجاريون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”ٿي يردن ݾون ٻاھر نڪري آئو۔“ ‏18 پَڇي پرميشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ کڻڻ آݪا پُوجاري يردن دريا ݾون ٻاھر نڪري آيا۔ جڏي پُوجاريون آپرا پگ ٻاھر ݾُوڪِي جگھا تي راکيا، تو يردن دريا رو پوڻي پيل آݪِي ڪار ڪپ ݾون ٻاھر بيوَڻ لاگو۔
‏19 اِسرائيليون پيلڪَي مھيڻَي رِي ڏَݾ تاريخ رو يردن پار ڪري يريحُو شھر رَي اُوگوڻَي پاݾَي جِلجال رَي علائقَي ۾ تنٻُو لگايا۔ ‏20 يشُوع او ٻارھَي پٿر جڪو اُوئون يردن دريا ݾون ليئا ھتا، او جِلجال رَي علائقَي ۾ اُڀا ڪيئا۔ ‏21 پَڇي يشُوع اِسرائيليون نَي ڪھيو ڪہ، ”آوڻ آݪَي زمونَي ۾ جڏي ٿونرا اولاد آپرَي ٻاپ ڏاڏون ݾون پُوڇَي ڪہ، ’اِيئون پٿرون رو مطلب ڪِي ھَي؟‘ ‏22 تو ٿي اُوئون نَي ݾُڻايا ڪہ، ’اِسرائيلي قوم آݪا يردن دريا ۾ ݾُوڪَي مارگ بَئي آيا ھتا۔‘ ‏23 جھڙَي نمُونَي پرميشوَر ٿونرَي ايشوَر قُلزم ݾمُوندر ٿونرَي رُوبرو ݾُڪويو ھتو، جترِي توڻي آپي لنگھيا ڪونھي، اُوئيج نمُونَي پرميشوَر آپڻَي ايشوَر، يردن دريا نَي ڀِي ݾُڪويو ھتو، جترِي توڻي آپي پار ڪونھي ھويا ھتا۔ ‏24 اَي اِيئي رَي ڪري ھويو ڪہ دُنيا رَي ݾجَي مِنکون نَي خبر پڙَي ڪہ پرميشوَر رو ھاٿ قُدرت آݪو ھَي ھانَ ٿي پرميشوَر آپڻَي ايشوَر ݾون ھميشا ٻيئاجتا رو۔“