يريحُو شھر ۾ جاچُوس ميلڻ
2
پَڇي نُونَ رَي ڏيڪرَي يشُوع شطيم رَي علائقَي ݾون ٻي مِنک جاچُوسي ڪرڻ رَي ݾارُو اَي ڪئي ميليا ڪہ، ”ٿي جائي اُوئي مُلڪ رِي ھانَ خاص ڪري يريحُو شھر رِي جاچُوسي ڪرو۔“ پَڇي او گيا ھانَ اوٿ پُگي راحب نون رِي چڪلَي آݪِي لُگائِي رَي گھري رات رھيا۔ ‏2 جڏي يريحُو رَي بادشاھ ݾُڻيو ڪہ، ”آج رات اِسرائيلي قوم ݾون ڪئين مِنک اِيئي مُلڪ رِي جاچُوسي ڪرڻ ايٿ آيا ھَي۔“ ‏3 تو پَڇي يريحُو رَي بادشاھ راحب نَي نياپو ڏي ميليو ڪہ، ”او مِنک ٻاھر ڪاڍ جڪو ٿارَي گھري آيا ھَي، ڪيونڪہ اَي ݾجَي مُلڪ رِي جاچُوسي ڪرڻ آيا ھَي۔“ ‏4 اِيئي تي اُوئي لُگائِي اُوئون ٻيئون آڏميون نَي لِڪائي ڪھيو ڪہ، ”اَي ݾاچِي ھَي ڪہ او آڏمي مھَي ڪڍي آيا ھتا، پڻ اَي خبر ڪونھي ڪہ او ڪيٿ ݾون آيا ھتا۔ ‏5 جڏي انڌارو ھويو، تو شھر رو در بند ھوئڻ ݾون پيل او آڏمي نڪري گيا ھتا۔ مھنَي خبر ڪونھي ڪہ او ڪيئا گيا۔ ڇيڪا ھوئي اُوئون لاري جائو، تو ٿي اُوئون توڻي پُگي جاشو۔“ ‏6 حقيقت ۾ اُوئي لُگائِي اُوئون نَي ڇِت تي ݾِڻي رَي لڪڙيون ۾ لِڪايا ھتا، جڪو ڇِت تي ھيڪ ݾروکَي راکيوڙَي ھتَي۔ ‏7 جڏي بادشاھ را مِنک شھر رَي در ݾون نڪريا، تو اُوئيج ٽيم در بند ڪري ڇوڙيو۔ پَڇي او آڏميون رو لارو ڪرتا ڪرتا يردن دريا ڏيݾا جاوڻ آݪو مارگ جھالي اوٿ پُگا، جيٿ ٿوڙيو پوڻي ھتو، اُوئي گھيڙ ݾون مِنک لنگھي دريا پار ڪرتا۔
‏8 پَڇي راحب جاچُوسون رَي ݾُوئڻ ݾون پيل ڇِت تي اُوئون ڪڍي گئِي ‏9 ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي خبر ھَي ڪہ پرميشوَر اَي مُلڪ ٿونَي ڏينو ھَي ھانَ مھورا مِنک ٻِي ۾ ڏڪَي پڙيا ھانَ ھِمت ھاري ٻيٺا ھَي۔ ‏10 مھون ݾُڻيو ھَي ڪہ جڏي ٿي مِصر مُلڪ ݾون نڪريا ھتا، تو پرميشوَر قُلزم ݾمُوندر رو پوڻي ݾُڪويو ھتو ھانَ مھون اَي ڀِي ݾُڻيو ڪہ جڪو ٿون يردن دريا رَي اُوئي پاݾَي ريوَڻ آݪَي اموريون رَي ٻيئون بادشاھون سيحُون ھانَ عوج نَي برباد ڪري ڇوڙيا ھَي۔ ‏11 اَي ݾُڻي مھي ٻيئاجا ھانَ مھورا ݾجائِي مِنک ھِمت ھاري ٻيٺا، ڪيونڪہ پرميشوَر ٿونرو ايشوَر آڪاش ھانَ ڌرتي رو ايشوَر ھَي۔ ‏12 اِيئي رَي ڪري ھمَي ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ مھَي ݾون پرميشوَر رو ݾونݾ ليئو ڪہ جون مھَي ٿون تي مھربونِي ڪِي ھَي، اِيئوج ٿي ڀِي مھارَي گھر تي مھربونِي ڪرشو۔ مھنَي ڪو ڀِي نِشون بتائو، تو ھُون ٿونرو ڀروسو ڪرون۔ ‏13 ٿي مھارا ما ٻاپ، ٻين ڀائي ھانَ ݾجَي گھر نَي جيتا ڇوڙي مھونَي مرڻ ݾون بچاشو۔“ ‏14 اِيئي تي اُوئون آڏميون ڪھيو ڪہ، ”مھي آپرِي زندگِي رِي زمونت ڏيئون ھون۔ جي تُو مھورَي بارَي ۾ ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻاوَي، تو جڏي پرميشوَر اَي علائقو مھونَي ڏيشَي، تو مھي ٿَي تي مھربونِي ڪري وفادار ريشون۔“
‏15 پَڇي راحب رنڍوڙِي رِي مدد ݾون اُوئون نَي درِي ݾون ھيٺا اُتاريا، ڪيونڪہ جيٿ او ريتِي، او گھر شھر رِي ڀيت ݾون لاگوڙو ھتو۔ ‏16 راحب اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي جبلون ڏيݾا جائو، اِيئون نِي ھووَي ڪہ لارو ڪرڻ آݪا ٿونَي جوئي لَي۔ ٿي تين ڏِن اوٿج لِڪيا، جترِي توڻي ٿونرو لارو ڪرڻ آݪا پاڇا نِي آوَي۔ اِيئي ݾون پَڇي ٿي آپرو مارگ جھالي بُوئا جايا۔“ ‏17 پَڇي اُوئون آڏميون راحب نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪو ݾونݾ ٿَي مھونَي ڏينو ھَي، مھي او ضرُور پُورو ڪرشون۔ ‏18 پڻ جڏي مھي پاڇا اِيئي علائقَي ۾ آشون، تو تُو اُوئي درِي تي راتَي رنگ رِي رنڍوڙِي ٻونڌي، جڪَي درِي ݾون مھي ھيٺا اُترشون۔ تُو آپرَي ما ٻاپ، ٻين ڀائي ھانَ آپرَي ݾجَي گھر نَي آپرَي گھري ڀيڙا ڪري۔ ‏19 جي ڪُڻ ٿارَي گھر رَي در ݾون ٻاھر جاشَي، تو او آپرِي موت رو آپ ذميوار ھوشَي ھانَ اِيئي ۾ مھورو ڪو ڀِي ڏوھ ڪونھي ھووَي۔ پڻ جي ڪُڻ ٿارَي گھر ۾ ڪينَي ھاٿ لگاشَي، تو اُوئي رِي موت را ذميوار مھي ھوشون۔ ‏20 جي تُو مھورَي بارَي ۾ ڪينَي ݾُڻائِي، تو مھي ٿارَي ڏينوڙَي ݾونݾ ݾون آزاد ھوشون۔“ ‏21 اِيئي تي راحب ڪھيو ڪہ، ”جون ٿي ڪو ھو، ھُون اِيئوج ڪرين۔“ پَڇي اُوئي اُوئون نَي بَئير ڪيئا ھانَ او بُوئا گيا۔ پَڇي اُوئي راتَي رنگ رِي رنڍوڙِي درِي تي ٻونڌي ڇوڙِي۔
‏22 پَڇي او آڏمي جبلون ڏيݾا گيا ھانَ تين ڏِن اوٿج رھيا، جترِي توڻي اُوئون رو لارو ڪرڻ آݪا پاڇا ڪونھي آيا۔ بادشاھ را مِنک مارگ ۾ اُوئون نَي جيٿ ڪيٿ جوتا رھيا، پڻ او ڪونھي لاڌا۔ ‏23 پَڇي او ٻيئي آڏمي جبل ݾون ھيٺا اُتريا ھانَ دريا پار ڪري نُونَ رَي ڏيڪرَي يشُوع ڪڍي گيا ھانَ جائي او ݾجو ڪئين ݾُڻايو، جڪو اُوئون ݾون ھويو ھتو۔ ‏24 اُوئون يشُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”واقعي، پرميشوَر آپون نَي او ݾجو مُلڪ ڏينو ھَي، ڪيونڪہ اُوئي مُلڪ را ݾجائِي مِنک آپڻَي بارَي ۾ ݾُڻي ٻيئاجي گيا ھَي۔“