پُوجاريون را پويتر گاڀا ٺاوڻ رو حُڪم
28
پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرِي اِسرائيلي قوم ۾ آپرو ڀائي ھارُون ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرون ندب، اَبيھو، اليعزر ھانَ اِتمر نَي آپ ڪڍي اَڻا ڪہ او مھارا پُوجاري ھوئي مھارِي شيوا رو ڪوم ڪرَي۔ 2 تُو آپرَي ڀائي ھارُون رِي عِزت ھانَ ڦُوٽراپَي رَي ݾارُو پويتر گاڀا ٺڙائي۔ 3 او گاڀا ݾُٺَي ڪاريگر ݾون ٺڙائي جڪون نَي مھَي ݾمجھ ڏينِي ھَي۔ تُو اُوئون نَي ڪئي ڪہ او ھارُون رَي ݾارُو پويتر گاڀا ٺاوَي ڪہ او اُوئي نَي پيرَي ھانَ پويتر پُوجاري ھوئي مھارِي شيوا رو ڪوم ڪرتو رَي۔ 4 او ݾُٺا ڪاريگر جڪو گاڀا ٺاشَي، او گاڀا اَي ھووَي۔ سينو بند، واسڪوٽِي، جُبو، ڪُڙتو، پوتيو ھانَ ڪرڪ رو پَٽو۔ او ٿارَي ڀائي ھارُون ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرون رَي ݾارُو پويتر گاڀا ٺاوَي ڪہ او مھارَي ݾارُو پويتر پُوجاري رِي شيوا رو ڪوم ڪرَي۔ 5 اَي گاڀا قيمتي ليلم رَي گاڀَي، ݾونَي رِي تار، آسموني، بيڱڻائي، راتَي ڏورون ݾون ٺاوَي۔ 6 ݾُٺا ڪاريگر واسڪوٽِي نَي قيمتي ليلم رَي گاڀَي، ݾونَي رِي تار ھانَ آسموني، بيڱڻائي ھانَ راتَي ڏورون ݾون ٺاوَي۔ 7 اَي واسڪوٽِي اھڙَي نمُونَي گنڍَي ڪہ اُوئي رو آگلو ھانَ لارلو ڇيڙو ٻيئون پَٽيون توڻي پُگَي۔ 8 اُوئي ݾون ٽاݪ ڪاريگر ݾون ڪرڪ رو پَٽو ٺڙائي ھانَ اُوئي تي واسڪوٽِي آݪِي ڪار ڪوم ڪيئو جاوَي ھانَ او ڀِي ݾونَي رِي تار، آسموني، بيڱڻائي ھانَ راتَي ڏورون ھانَ جھيڻَي قيمتي ليلم رَي گاڀَي رو ٺاھيو جاوَي۔ 9 تُو اِسرائيل يعني يعقُوب رَي ٻارھَي ڏيڪرون را نون ٻيئون سُليموني پٿرون تي لِکائي۔ 10 ھر ھيڪ پٿر تي ڇَي ڇَي نون اُوئون رِي پيدائيش رَي حِساب ݾون ھووَي۔ 11 بيٽِي آݪِي ڪار اُوئون ٻيئون پٿرون تي ݾُٺَي ڪاريگر ݾون يعقُوب رَي ڏيڪرون را نون لِکائي ھانَ اُوئون پٿرون نَي ݾونَي رَي کونون ۾ لگائي۔ 12 ٻيئون پٿرون نَي واسڪوٽِي رَي ٻيئون ڪونڌون رَي پٽيون تي لگائي ڪہ اَي پٿر يعقُوب رَي ڏيڪرون رِي يادگيرِي رَي ݾارُو ھووَي۔ جڏي ھارُون مھارَي ݾومھو آوَي، تو اَي ٻارھَي قبيلون را نون اُوئي رَي ٻيئون ڪونڌون تي يادگيرِي رَي ݾارُو لاگوڙا ھووَي۔ 13 تُو ݾونَي را ٻي ٻيجا کونا ٺڙائي۔ 14 نِج ݾونَي رَي ٻي زنجيرون ڏورِي آݪِي ڪار بٽيوڙَي ھووَي، ٺڙائي ھانَ او زنجيرون کونون ۾ ٽونگي ڇوڙي۔“سينو بند ٺاوڻ رو حُڪم
15 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ݾُٺَي ڪاريگر ݾون ݾونَي رِي تار، آسموني، بيڱڻائي ھانَ راتَي ڏورون ھانَ قيمتي ليلم ݾون ھيڪ سينو بند ٺڙائي، جڪو مھارِي مرضِي اوݪکڻ رَي ݾارُو ھوشَي۔ 16 او سينو بند چوڪُنڊو ھانَ ٻيڻو ھووَي، اُوئي رِي لونٻائي ھانَ ويڪرائِي نَئو نَئو اِنچ ھووَي۔ 17 تُو اُوئي ۾ قيمتي پٿر ھڻائي جڪَي رَي چار قطارون ھووَي۔ پيلڪِي قطار ۾ نارنگِي، عقيق، پُکراج ھانَ لال ھووَي۔ 18 ٻيجِي قطار ۾ زمرد، نيلم ھانَ ھيرا ھووَي۔ 19 تيجِي قطار ۾ لال، زرقُون، عقيق ھانَ ياقُوت ھووَي۔ 20 چوٿِي قطار ۾ فيروزا، سُليموني ھانَ يشب پٿر ھووَي۔ اَي ݾجائِي پٿر ݾونَي رَي کونون ۾ لگائي۔ 21 اَي ھيرا موتي اِسرائيل رَي ٻارھون ڏيڪرون رَي نون رَي حِساب ݾون تعداد ۾ ٻارھَي ھووَي۔ بيٽِي آݪِي ڪار ھر ھيڪ قيمتي پٿر تي ھيڪَي قبيلَي رو نون لِکائي۔ 22 تُو سينَي بند تي ڏورِي آݪِي ڪار ٺاھيوڙِي نِج ݾونَي رَي ٻي زنجيرون لگائي۔ 23 اَي لگاوڻ رَي ݾارُو ݾونَي را ٻي ڪڙا ٺائي ھانَ سينَي بند رَي ماٿَي ٻيئون ڇيڙون ۾ لگائي۔ 24 پَڇي اَي ٻيئي زنجيرون سينَي بند رَي ٻيئون ڪڙون ۾ لگائي۔ 25 تُو پَڇي ٻيئي زنجيرون را ٻيئي ڇيڙا ݾونَي رَي کونون ۾ مِلائي ھانَ واسڪوٽِي رَي ڪونڌَي آݪِي پٽِي رَي ٻيئون کونون رَي ݾومھو لگائي۔ 26 ݾونَي را ٻي ڪڙا ٺائي سينَي بند رَي ٻيئي ھيٺلَي ڇيڙون رَي ڪِنارَي تي لگائي، جڪو واسڪوٽِي رَي مئيلَي پاݾَي ھووَي۔ 27 پَڇي ݾونَي را ٻي ٻيجا ڪڙا ٺائي ھانَ اُوئون نَي واسڪوٽِي رَي ٻيئون ڪونڌون ھيٺا سينَي بند رَي آگلَي پاݾَي لگائي، جيٿ ݾون واسڪوٽِي گنڍي جاشَي ڪہ سينو بند واسڪوٽِي ݾُٺِي ڪاريگرِي ݾون ٺاھيوڙَي ڪرڪ رَي پٽَي رَي ماٿَي ھووَي۔ 28 پَڇي سينو بند ھانَ واسڪوٽِي را ڪڙا، آسموني رنگ رِي ڏورِي ݾون ٻونڌي ڪہ سينو بند واسڪوٽِي رَي ݾُٺِي ڪاريگرِي ݾون ٺاھيوڙَي ڪرڪ رَي پٽَي رَي ماٿَي ھووَي ھانَ او واسڪوٽِي ݾون ڌار نِي ھووَي۔
29 جڏي ڀِي ھارُون پويتر جگھا ۾ مھارَي ݾومھو آوَي، تو اِسرائيل رَي ڏيڪرون رَي نون آݪو سينو بند آپرَي دِل ماٿَي پيري راکَي ڪہ ھُون اُوئون نَي ھميشا ياد راکون۔ 30 تُو سينو بند رَي کُونجَي ۾ اُوريم ھانَ تُميم نون را پٿر راکي ھانَ جڏي ھارُون مھَي ڪڍي آوَي، تو اَي پٿر اُوئي رِي دِل ماٿَي ھووَي ڪہ ھارُون اِسرائيلي قوم رَي بارَي ۾ مھارِي مرضِي اوݪکي ݾگھَي۔“
پرميشوَر رَي پُوجاريون را ٻيجا گاڀا ٺاوڻ رو حُڪم
31 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو واسڪوٽِي ھيٺا پيرڻ رَي ݾارُو ݾَڦا آسموني رنگ رو جُبو ٺڙائي۔ 32 اُوئي رو گݪو بِچ ۾ ھووَي۔ گݪَي رَي چوڌاري ڀرٿ ڀرائي ڪہ او ڦاٽَي نِي۔ 33 اُوئي رِي چاݪ رَي گھير ۾ چوڌاري ݾُرمائي، آسموني ھانَ راتَي رنگ را ڏاڙھُون ٺڙائي ھانَ اُوئون رَي بِچ ۾ چوڌاري ݾونَي را گُوگھرا لگائي۔ 34 يعني جُبَي رِي چاݪ رِي گھير ۾ ڏاڙھُون ھانَ ݾونَي را گُوگھرا ھيڪ ݾروکا لگائي۔ 35 ھارُون او جُبو شيوا رَي ٽيم پيرَي، جڏي او پويتر جگھا ۾ مھَي ڪڍي آوَي، جون اوٿ ݾون نڪرَي، تو گُوگھرا باجَي ڪہ او مرَي نِي۔
36 تُو نِج ݾونَي رِي ھيڪ پٽِي ٺائي بيٽِي آݪِي ڪار اُوئي تي اَي آکر لِکائي۔ ’پرميشوَر رَي ݾارُو چُونڊيوڙو۔‘ 37 اُوئي نَي ݾُرمائي ڏورِي ݾون پوتئي رَي ݾوملَي پاݾَي ٻونڌي 38 ھانَ اَي ھارُون رَي لِلاڙ تي ھووَي ڪہ جڪو دون اِسرائيلي قوم مھارَي ݾارُو پويتر ڪرَي، تو اُوئون پويتر ڪيئوڙَي شيون ۾ رئي جاوڻ آݪو ڏوھ ھارُون کڻَي ھانَ او پٽِي اُوئي رَي لِلاڙ تي ھميشا ٻاڌوڙِي رَي ڪہ ھُون او دون قبُول ڪرون۔
39 ڪُڙتو ھانَ پوتيو قيمتي ليلم رو ٺڙائي ھانَ ھيڪ ڀرت ڀريوڙو ڪرڪ رو پَٽو ٺڙائي۔ 40 ھارُون رَي ڏيڪرون رِي عِزت رَي ݾارُو ڦُوٽرا ڪُڙتا، ڪرڪ رَي ݾارُو پَٽا ھانَ پوتيا ٺڙائي۔ 41 تُو اَي ݾجائِي آپرَي ڀائي ھارُون ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرون نَي پيرائي، اُوئون رَي ماٿَي تي پويتر تيل لگائي پويتر ڪري ڪہ او مھارا پُوجاري ھوئي شيوا رو ڪوم ڪرَي۔ 42 تُو اُوئون رَي ݾارُو قيمتي ليلم را ڪڇا ٺڙائي ڪہ اُوئون رو ڏيل ڍڪيو رَي۔ اَي ڪڙيون ݾون گوڏون توڻي ھووَي۔ 43 جڏي ھارُون ھانَ اُوئي را ڏيڪرا پويتر تنٻُو ۾ جاوَي، جون شيوا ڪرڻ رَي ݾارُو پويتر جگھا ۾ ٻَليدون رِي جگھا رَي نيڙا جاوَي، تو او ڪڇا پيرَي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او ڏوھي ھووَي ھانَ مري جاوَي۔ اَي اصُول ھارُون ھانَ اُوئي رِي نسل رَي ݾارُو ھميشا توڻي ھوشَي۔“