ٻاݪڻ آݪَي ٻَليدون رِي جگھا ٺاوڻ رو حُڪم
27
پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ٻَٻڙ رِي لڪڙِي ݾون ٻَليدون رِي جگھا ٺائي۔ او ݾاڍِي ݾات ڦُٽ لونٻِي، ݾاڍِي ݾات ڦُٽ ويڪرِي ھانَ چار ڦُٽ اُونچِي ھووَي۔ 2 تُو اُوئي رَي چوڌاري کُوڻون تي ݾِينگ ٺائي۔ او ݾِينگ ھانَ ٻَليدون رو ݾجو سيمون ھيڪِي لڪڙِي رَي ٽُڪڙَي رو ٺاھيوڙو ھووَي ھانَ تُو اُوئي تي پيتل چاڙھي۔ 3 تُو اُوئي رِي راک کڻڻ رَي ݾارُو تگارَي، بيلچا، ٿاݪ ھانَ موݾ ٽونگڻ رَي ݾارُو ݾيکون ھانَ ٽونڊا کڻڻ رَي ݾارُو ٺيڪر ٺائي۔ اَي ݾجو سيمون پيتل رو ھووَي۔ 4 ٻَليدون رِي جگھا رَي ݾارُو پيتل رِي جاݪِي ٺائي ھانَ اُوئي جاݪِي رَي چارون ڪُنڊون تي پيتل را چار ڪڙا لگائي۔ 5 ٻَليدون رِي جگھا ۾ چوڌاري پٽَي لگائي ڪِنارا ٺائي ھانَ اُوئي جاݪِي نَي ھيٺا ݾون اِيئي نمُونَي لگائي ڪہ او ڪِنارون توڻي پُگَي۔ 6 تُو ٻَليدون رِي جگھا رَي ݾارُو ٻَٻڙ رِي لڪڙِي را ڏنڊا ٺائي ھانَ اُوئي ماٿَي پيتل چاڙھي۔ 7 تُو او ڏنڊا ڪڙون ۾ گھاتي ڪہ جڏي ڀِي ٻَليدون رِي جگھا کڻِي جاوَي، تو او ڏنڊا اُوئي رَي ٻيئي پاݾَي ھووَي۔ 8 تُو ٻَليدون رِي جگھا نَي لڪڙِي رَي تڪتون ݾون ٺائي، جڪو مئين ݾون کالِي ھووَي۔ اُوئي نَي ھُوبھُو اھڙِي ٺائي جھڙو نمُونو مھَي ٿنَي جبل تي بتايو ھَي۔“پويتر تنٻُو رو اوڱڻو ٺاوڻ رو حُڪم
9 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو پويتر تنٻُو رَي ݾارُو اوڱڻو ٺائي۔ اُوئي اوڱڻَي رَي ڏکڻ ھانَ اُتر ڏيݾا قيمتي ليلم رَي گاڀَي رِي ڪنات ٺائي، جڪَي رِي لونٻائي ٻيئون پاݾَي اندازن ڇئيتالي، ڇئيتالي ميٽر ھووَي۔ 10 ڏکڻ رَي ڪناتون رَي ݾارُو پيتل را بيݾ ٿونڀا ھانَ بيݾ پاگا ٺائي ھانَ ٿونڀون رَي ݾارُو چوندِي را ڪُنڊا ھانَ پٽَي ٺائي۔ 11 اِيئي نمُونَي اُتر ڏيݾا ڪناتون رَي ݾارُو پيتل را بيݾ ٿونڀا ھانَ بيݾ پاگا ٺائي ھانَ ٿونڀون رَي ݾارُو چوندِي را ڪُنڊا ھانَ پٽَي ٺائي۔ 12 تُو اوڱڻَي رَي آٿوڻَي پاݾَي ٻاوِي ميٽر ويڪرائِي ۾ ڪنات ٺائي ھانَ اُوئي رَي ݾارُو ڏَݾ ٿونڀا ھانَ ڏَݾ پاگا ٺائي۔ 13 ݾاگي نمُونَي اوڱڻَي رَي اُوگوڻَي پاݾَي ٻاوِي ميٽر لونٻِي ڪنات ٺائي۔ 14 آوڻ جاوڻ رَي در رَي ݾاجَي پاݾَي ڇَي ميٽر را پڙدا ٺائي ھانَ اُوئي ݾارُو تين ٿونڀا ھانَ تين پاگا ٺائي۔ 15 ݾاگي نمُونَي کاٻَي پاݾَي ڀِي ڇَي ميٽر را پڙدا ھانَ اُوئي ݾارُو تين ٿونڀا ھانَ تين پاگا ٺائي۔ 16 اوڱڻَي رَي در رَي ݾارُو قيمتي ليلم رو نَئو ميٽر ويڪرو ھيڪ پڙدو ٺائي، جڪَي را ڏورا آسموني، بيڱڻائي ھانَ راتا ھووَي ھانَ اُوئي ماٿَي ݾُٺَي ڪاريگر ݾون ڀرت ڀرائي۔ اِيئي رَي ݾارُو چار ٿونڀا ھانَ چار پاگا ٺائي۔ 17 ݾجَي ٿونڀون را پاگا پيتل را ھووَي ھانَ پڙدا چوندِي رَي ڪُنڊون ھانَ پٽيون ݾون ھر ھيڪ ٿونڀو لگايو جاوَي۔ 18 اوڱڻَي رِي ڪنات قيمتي ليلم رِي ھووَي ھانَ او اندازن ڇئيتالي ميٽر لونٻِي، ٻاوِي ميٽر ويڪرِي ھانَ ݾَوا ٻي ميٽر اُونچِي ھووَي۔ ٿونڀون را ݾجائِي پاگا پيتل را ھووَي۔ 19 پويتر تنٻُو ۾ لاگڻ آݪو ݾجو سيمون پيتل رو ھووَي ھانَ پويتر تنٻُو رَي کُونٽَي ھانَ اوڱڻَي رَي ڪناتون رَي ݾجَي کُونٽَي پيتل رَي ھووَي۔“
ڏِيئون رو تيل
20 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرِي اِسرائيلي قوم نَي حُڪم ڏئي ڪہ او ٿَي ڪڍي ڪُوٽي ڪاڍيوڙو زيتُون رو نِج تيل لي آوَي ڪہ پويتر جگھا ۾ اُجاݪَي رَي ݾارُو ڏِيئا ھميشا ٻَݪتا رَي۔ 21 ھارُون ھانَ اُوئي را ڏيڪرا ڏِيئا راکڻ آݪِي جگھا نَي پويتر تنٻُو رِي پويتر جگھا ۾ اُوئي پڙدَي رَي ݾومھو راکَي، جڪَي لاري وچن رِي ݾنڏُوڪ ھووَي۔ او ڏِيئون ۾ تيل نوتا رَي ڪہ ڏِيئا مھارَي ݾومھا ݾاڪݪي ݾون لي شام توڻي ٻَݪتا رَي۔ اِسرائيلي قوم رَي ݾارُو مھارو اَي اصُول پيڙھِي ݾون پيڙھِي توڻي بيتو رَي۔“