47
پَڇي يُوسف مِصر مُلڪ رَي بادشاھ نَي جائي ݾُڻايو ڪہ، ”مھارو اَبا ھانَ مھارا ڀائي آپرَي رڍون ٻڪرَي ھانَ ڍگَي ڍگا ھانَ آپرِي ݾجِي ملڪيت ݾُوڌا ڪنعان مُلڪ ݾون لڏي ايٿ آيا ھَي ھانَ اِيئي ٽيم او ݾجائِي جشن رَي علائقَي ۾ ھَي۔“ ‏2 پَڇي او آپرَي ڀايون ۾ پونچ ڀائي ڀيڙا ڪري مِصر مُلڪ رَي بادشاھ ڪڍي گيو۔ ‏3 بادشاھ اُوئي رَي ڀايون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿي ڪھڙو ڪاروبار ڪرو ھو؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”بادشاھ سلامت، مھي ٿارا ٻونھا ڌراڙ ھون ھانَ مھورا ٻاپ ڏاڏا ڀِي ڌراڙ ھتا۔“ ‏4 پَڇي اُوئون بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ، ”مھي اِيئي مُلڪ ۾ پرديسي ھوئي ريوَڻ آيا ھون، ڪيونڪہ ڪنعان مُلڪ ۾ تموم گھڻو ڏُڪاݪ پڙيو ھَي ھانَ اوٿ مھورَي مال رَي ݾارُو ڪو ڀِي گاݾ ڪونھي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري مھربونِي ڪري آپرَي ٻونھون نَي جشن رَي علائقَي ۾ ريوَڻ ڏي۔“ ‏5 اِيئي تي بادشاھ يُوسف نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿارو اَبا ھانَ ٿارا ڀائي ٿَي ڪڍي آيا ھَي ‏6 ھانَ مِصر مُلڪ ٿارَي آگھي ھَي۔ تُو آپرَي ڀايون نَي جشن رَي علائقَي ۾ ريوَڻ ڏي، ڪيونڪہ مِصر مُلڪ ۾ ݾجون ݾون ݾُٺِي جگھا اوج ھَي ھانَ آپرَي ڀايون ۾ جڪَي نَي تُو ݾمجھدار ݾمجَھي، تُو اُوئون نَي مھارو مال ݾنڀالڻ رَي ݾارُو راک۔“
‏7 پَڇي يُوسف آپرَي اَبا يعقُوب نَي بادشاھ ݾون مِلاوڻ رَي ݾارُو اُوئي ڪڍي لي گيو ھانَ يعقُوب، بادشاھ نَي آشيرواد ڏينِي۔ ‏8 بادشاھ، يعقُوب ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿارِي عُمر ڪترِي ھَي؟“ ‏9 يعقُوب، بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارِي عُمر ھيڪ ݾئو ٽيھ ݾال ھَي۔ مھارِي زندگِي تموم ٿوڙِي ھَي ھانَ ڏُکون ݾون ڀريجوڙِي ھَي ھانَ مھارِي عُمر اترِي ڪونھي ھوئِي، جترِي عُمر مھارَي ٻاپ ڏاڏون رِي ھتِي۔“ ‏10 پَڇي يعقُوب، بادشاھ نَي آشيرواد ڏي اوٿ ݾون بُوئو گيو۔
‏11 پَڇي يُوسف آپرَي اَبا ھانَ ڀايون نَي بادشاھ رَي حُڪم تي جشن رَي علائقَي ۾ رعمسيس رِي جگھا تي ٻيݾاڙيا ھانَ او علائقو اُوئون نَي ھميشا رَي ݾارُو ڏينو۔ او مِصر مُلڪ رِي ݾجون ݾون ݾُٺِي ھانَ وسندڙ جگھا ھتِي۔ ‏12 يُوسف آپرَي اَبا ھانَ ڀايون نَي اُوئون رَي ھر ھيڪ خاندان رَي حِساب ݾون ڌون ڏيتو رھيو۔
ڏُڪاݪ رو بڌڻ
‏13 پَڇي ڏُڪاݪ اِترو تو بڌڻ لاگو ڪہ مِنکون ڪڍي کاوڻ رَي ݾارُو ڪئين ڪونھي بچيو ھانَ مِصر ھانَ ڪنعان مُلڪ ۾ ڏُڪاݪ رَي ڪري مِنکون رو حال خراب ھتو۔ ‏14 مِصر ھانَ ڪنعان مُلڪ رَي مِنکون نَي جڪو ڌون بچيو ھتو، يُوسف اُوئي رِي ݾجِي رقم بادشاھ رَي محل ۾ ڏي ميلِي۔ ‏15 جڏي مِصر ھانَ ڪنعان مُلڪ رَي مِنکون ڪڍي رُپيا ختم ھويا، تو مِصر مُلڪ را ݾجائِي مِنک يُوسف ڪڍي آيا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ھمَي مھون ڪڍي رُپيا تو ھائِي ڪونھي، اِيئي رَي ڪري ھمَي تُو مھونَي ڌون ڏي۔ ٿارَي ھوتَي مھي ڪيئون بُوک مرون؟“ ‏16 يُوسف ڪھيو ڪہ، ”جي رُپيا ڪونھي تو ڪِي ھويو؟ ٿي آپرو مال لي آئو، تو ھُون ٿونَي اُوئي رَي بدلَي ڌون ڏئين۔“ ‏17 اِيئي تي او آپرو ڌڻ مال يُوسف ڪڍي لي آوڻ لاگا ھانَ يُوسف گھوڙون، گڏون، رڍون، ٻڪريون، ڍگون، ڍگيون رَي بدلَي اُوئون نَي ڌون ڏيوَڻ لاگو ھانَ ݾجو ݾال اُوئون نَي اُوئون رَي مال رَي بدلَي ڌون ڏيتو رھيو۔
‏18 جڏي او ݾال ختم ھويو، تو مِنک ٻيجَي ݾال ڀِي يُوسف ڪڍي آيا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”سائين، ٿنَي تو خبر ھَي ڪہ مھون ڪڍي ڪئين ڪونھي بچيو، ڪيونڪہ مھورا ݾجائِي رُپيا ختم ھويا را ھانَ مھورو ݾجو مال ڀِي ٿارو ھويو رو۔ ھمَي مھورِي زمين ھانَ مھون ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪئين ڪونھي بچيو۔ ‏19 مھي ٿارَي ھوتَي ڪيئون بُوک مرون ھانَ ڪيئون مھورَي ٻنَي گيرآباد ھووَي؟ اِيئي رَي ڪري تُو مھونَي ھانَ مھورِي ٻنِي ڌون رَي بدلَي مول لَي۔ مھي بادشاھ را غُلوم ھوشون ھانَ مھورَي ٻنَي ڀِي بادشاھ رَي ھوشَي۔ مھونَي کاوڻ رَي ݾارُو ڌون ڏي ڪہ مھي مرڻ ݾون بچي جائُون ھانَ مھونَي پوک رَي ݾارُو ٻيج ڏي ڪہ مھورَي ٻنَي گيرآباد ھوئڻ ݾون بچي جاوَي۔“
‏20 پَڇي يُوسف مِصر مُلڪ رِي ݾجِي ٻنِي بادشاھ رَي نون تي مول لِي، ڪيونڪہ ڏُڪاݪ ݾون تنگ آئي ݾجَي مِصر مُلڪ آݪون آپرَي ٻنَي بيچَي۔ اِيئي نمُونَي ݾجِي ٻنِي مِصر مُلڪ رَي بادشاھ رِي ھوئِي۔ ‏21 يُوسف مِصر مُلڪ رَي ھيڪَي ڇيڙَي ݾون لي ٻيجَي ڇيڙَي توڻي، ݾجائِي مِنک بادشاھ را غُلوم ٺاھيا ھانَ اُوئون نَي شھرون ۾ راکيا۔ ‏22 پڻ اُوئي پُوجاريون رِي ٻنِي مول ڪونھي لِي، ڪيونڪہ بادشاھ رَي طرفون پُوجاريون نَي ݾجو ڪئين مِلتو ھانَ پُوجاري اُوئي ۾ کاوتا۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون آپرِي ٻنِي ڪونھي بيچِي۔ ‏23 اِيئي تي يُوسف مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، آج مھَي ٿونَي ھانَ ٿونرَي ٻنَي بادشاھ رَي نون تي مول ليئَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري ٿي آپرَي ݾارُو ايٿ ݾون ٻيج لِئو ھانَ ٻنِي ڪرو۔ ‏24 پوک رو پونچوون حِصو بادشاھ نَي ڏيا ھانَ باقي چار حِصا ٿونرا ھوشَي۔ اوج ٿونرَي ھانَ ٿونرَي خاندان رَي ݾارُو کاوڻ رَي ݾارُو ھوشَي ھانَ ٻنِي ۾ پوکڻ رَي ݾارُو ڀِي ھوشَي۔“ ‏25 اُوئون ڪھيو ڪہ، ”سائين، ٿَي تو مھورَي حياتَي بچائَي ھَي ھانَ مھون تي مھربونِي ڪِي ھَي، اِيئي رَي ڪري ھمَي مھي بادشاھ را غُلوم ھون۔“ ‏26 پَڇي يُوسف اَي قانُون ٺاھيو ڪہ ھر پوک رو پونچوون حِصو بادشاھ نَي ڏينو جاوَي۔ اَي قانُون مِصر مُلڪ رِي ٻنِي رَي ݾارُو آج توڻي ھَي۔ پڻ رُگو پُوجاريون رِي ٻنِي بادشاھ رِي ڪونھي ھوئِي۔
يعقُوب رِي وصيحت
‏27 يعقُوب را اولاد مِصر مُلڪ ۾ جشن رَي علائقَي ۾ ريتا ھانَ اوٿ اُوئون آپرِي ملڪيت ٺائِي ھانَ او آبادي ۾ تموم گھڻا ھوتا گيا۔ ‏28 يعقُوب مِصر مُلڪ ۾ ݾترَي ݾال رھيو۔ يعقُوب رِي ݾجِي عُمر ھيڪ ݾئو ستيتالِي ݾال ھوئِي۔ ‏29 پَڇي جڏي يعقُوب مرڻ آݪو ھتو، تو اُوئي آپرَي ڏيڪرَي يُوسف نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”مھربونِي ڪري تُو مھارِي ݾاٿݪ تي آپرو ھاٿ راکي ݾونݾ لَي ڪہ مھارَي مرڻ ݾون پَڇي، تُو مھنَي ايٿ مِصر مُلڪ ۾ ڪونھي ٻُورَي، ‏30 پڻ تُو مھنَي مِصر مُلڪ ݾون لي جائي مھارَي ٻاپ ڏاڏون رَي مُڪومون ۾ ٻُوري۔“ يُوسف بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اَبا، جون تُو ڪئِي، ھُون اِيئوج ڪرين۔“ ‏31 پَڇي يعقُوب ڪھيو ڪہ، ”تُو مھَي ݾون ݾونݾ لَي۔“ اِيئي تي يُوسف ݾونݾ ليئو۔ پَڇي يعقُوب آپرَي بِڇوڻَي تي ݾِروٿيئَي آݪَي پاݾَي آپرو ڪونڌو جُھڪائي ايشوَر رو شُڪر ڪيئو۔