يُوسف رو آپرَي بارَي ۾ ݾُڻاوڻ
45
اَي باتون ݾُڻي يُوسف آپ تي ڪاٻُو راکي ڪونھي ݾگھيو۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي آپرَي ݾجَي نوڪرون نَي رَڙ ڪري حُڪم ڏينو ڪہ، ”ٿي ݾجائِي ڪمرَي ݾون ٻاھر نڪري جائو۔“ جڏي او ݾجائِي نڪري گيا ھانَ اوٿ ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي ھتو، تو يُوسف آپرَي بارَي ۾ آپرَي ڀايون نَي ݾُڻايو۔ 2 يُوسف اِترو تو زور ݾون روئڻ لاگو ڪہ ٻاھر اُڀوڙَي مِنکون ݾُڻيو ھانَ اَي خبر مِصر مُلڪ رَي بادشاھ رَي محل توڻي پُگِي۔ 3 يُوسف اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونرو ڀائي يُوسف ھون۔ ڪِي آپڻو اَبا اَڃون توڻي جيتو ھَي؟“ پڻ اُوئي را ڀائي اِترا تو ٻيئاجا ڪہ او اُوئي نَي ڪو ڀِي بݪتِي ڏي ڪونھي ݾگھيا۔ 4 يُوسف آپرَي ڀايون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي نيڙا آئو۔“ جڏي او نيڙا آيا، تو اُوئي ڪھيو ڪہ، ”چِٽائي جوئو، ھُون ٿونرو اوج ڀائي يُوسف ھون، جڪَي نَي ٿون بيچي مِصر مُلڪ ۾ پُگايو ھَي۔ 5 ٿي ھمَي فِڪر نِي ڪرو ھانَ اِيئي بات ݾون آپرَي من ۾ پريشون نِي ھويا ڪہ ٿون مھنَي بيچي ايٿ پُگايو ھَي۔ حقيقت ۾ ايشوَر ٿونرِي جان بچاوڻ رَي ݾارُو ٿون ݾون پيل، مھنَي ايٿ ميليو ھَي۔ 6 اَي ڏُڪاݪ رو ٻيجو ݾال ھَي ھانَ اَڃون پونچ ݾال باقي ھَي، جڪَي ۾ نَڪو تو ھَݪ بَي، نَڪو پوک ھووَي۔ 7 اِيئي رَي ڪري ايشوَر مھنَي ٿون ݾون پيل ايٿ ميليو ھَي ڪہ او عجيب نمُونَي ٿونرَي زندگَي بچاوَي ھانَ ٿونرِي ݾجِي اولاد نَي ڌرتي تي آباد راکَي۔ 8 اِيئي رَي ڪري ٿون نا، پڻ ايشوَر مھنَي ايٿ ميليو ھَي ھانَ اُوئي مھنَي مِصر مُلڪ رَي بادشاھ رو وزير ٺاھيو ھانَ اُوئي رَي ݾجَي گھر ھانَ پُورَي مِصر مُلڪ رِي اِختياري مھارَي ھاٿ ۾ ڏينِي ھَي۔ 9 ٿي ھمَي ڇيڪا اَبا ڪڍي جائي اُوئي نَي ڪو ڪہ، ’ٿارو ڏيڪرو يُوسف اِيئون ڪَي ھَي ڪہ، ”ايشوَر مھنَي ݾجَي مِصر مُلڪ رو مالڪ ٺاھيو ھَي۔ اِيئي رَي ڪري تُو ڇيڪو مھَي ڪڍي آ، 10 ھانَ آئي جشن رَي علائقَي ۾ رَي۔ اِيئي نمُونَي تُو، ٿارا ڏيڪرا، ٿارا پوترا ھانَ ٿارَي رڍون ٻڪرَي، ڍگَي ڍگا ھانَ ݾجو ڪئين جڪو ٿارو ھَي، مھارَي نيڙا ھوشَي۔ 11 ايٿ ھُون ٿارِي شيوا ڀِي ڪرين۔ اَڃون ڏُڪاݪ را پونچ ݾال باقي ھَي ھانَ اِيئون نِي ھووَي ڪہ تُو، ٿارو ݾجو خاندان جڪو ڪئين ٿَي ڪڍي ھَي، او ݾجو بُوک رَي ڪري مري جاوَي۔“‘ 12 ٿي ھانَ مھارو ڀائي بنيامين ڏيکو پڙيا ڪہ ھُون يُوسف ھون، جڪو ٿون ݾون آپڻِي ٻولِي ۾ ٻولون پڙيو۔ 13 مِصر مُلڪ ۾ جڪو مھارِي عِزت ھَي ھانَ جڪو ڪئين ٿون ايٿ ڏيٺو ھَي، اَي ݾجو جائي اَبا نَي ݾُڻائو ھانَ اُوئي نَي ڇيڪو ايٿ لي آئو۔“ 14 پَڇي يُوسف آپرَي نِنئي ڀائي بنيامين نَي ڇاتِي ݾون لگايو ھانَ او ٻيئي روئڻ لاگا۔ 15 پَڇي اُوئي آپرَي ݾجَي ڀايون نَي ميٺکَي ڏينَي ھانَ اُوئون ݾون مِلي روئڻ لاگو۔ اِيئي ݾون پَڇي، اُوئي را ڀائي اُوئي ݾون باتون ڪرڻ لاگا۔16 جڏي اَي بات مِصر مُلڪ رَي بادشاھ رَي محل توڻي پُگِي ڪہ يُوسف را ڀائي آيا ھَي، تو بادشاھ ھانَ اُوئي را نوڪر تموم گھڻا خُوش ھويا۔ 17 پَڇي مِصر مُلڪ رَي بادشاھ، يُوسف نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرَي ڀايون نَي ڪَي ڪہ او آپرَي جِنارون تي ڌون راکي ڪنعان مُلڪ پاڇا جاوَي 18 ھانَ او آپرَي ٻاپ نَي ھانَ آپرا آپرا خاندان ايٿ لي آوَي۔ ھُون اُوئون نَي مِصر مُلڪ رَي ݾجون ݾون ݾُٺَي شيون کاوڻ رَي ݾارُو ڏئين ھانَ او اِيئي مُلڪ ۾ عِزت ݾون ريشَي۔ 19 تُو اُوئون نَي اَي ڀِي ڪَي ڪہ او مِصر مُلڪ ݾون ريڙھا گاڏا لي جاوَي ھانَ آپرا ٻاݪ ٻچا ھانَ آپرَي اَبا نَي ڀيڙو ڪري پاڇا آوَي۔ 20 او آپرَي ريوَڻ آݪَي سيمون رِي فِڪر نِي ڪرَي، ڪيونڪہ مِصر مُلڪ رَي ݾُٺَي شيون اُوئون نَي ملشَي۔“
21 اِسرائيل يعني يعقُوب رَي ڏيڪرون اِيئوج ڪيئو ھانَ يُوسف، بادشاھ رَي حُڪم تي اُوئون نَي ريڙھا گاڏا ھانَ سفر ۾ کاوڻ پيئڻ رَي ݾارُو ݾيڌو سيمون ڀِي ڏينو۔ 22 پَڇي اُوئي آپرَي ݾجَي ڀايون نَي گاڀون رو ھيڪ ھيڪ وگو ڏينو، پڻ بنيامين نَي گاڀون را پونچ وگا ھانَ چوندِي را تين ݾئو ݾِڪا ڀِي ڏينا۔ 23 يُوسف آپرَي اَبا رَي سفر رَي ݾارُو اَي سيمون ميليو، ڏَݾ گڏا جڪون ماٿَي مِصر مُلڪ رو ݾُٺو سيمون راکيوڙو ھتو ھانَ ڏَݾ گڏَي جڪون ماٿَي ݾجون رَي ݾارُو ڌون ھانَ کاوڻ پيئڻ رو سيمون راکيوڙو ھتو۔ 24 اِيئي نمُونَي اُوئي آپرَي ڀايون نَي بَئير ڪيئا ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، مارگ ۾ ھيڪَي ٻيجَي ݾون متان بِڙھيجو۔“
25 پَڇي او مِصر مُلڪ ݾون بَئير ھويا ھانَ ڪنعان مُلڪ ۾ آپرَي اَبا يعقُوب ڪڍي پُگا۔ 26 اُوئون آپرَي اَبا نَي ݾُڻايو ڪہ، ”يُوسف تو اَڃون جيتو ھَي ھانَ ݾجَي مِصر مُلڪ رو وزير ھَي۔“ اَي ݾُڻي يعقُوب تموم گھڻو حيرون ھويو ھانَ اُوئون رَي باتون رو ڀروسو ڪونھي ڪيئو۔ 27 پڻ جڏي اُوئون اُوئي نَي ݾجَي باتون ݾُڻائَي، جڪو يُوسف اُوئون ݾون ڪيئَي ھتَي ھانَ جڏي اُوئون رَي ٻاپ او ريڙھا گاڏا ڏيٺا، جڪو يُوسف اُوئون نَي لي آوڻ رَي ݾارُو ميليا ھتا، پَڇي اُوئي نَي ڀروسو ھويو ھانَ او تموم گھڻو خُوش ھويو۔ 28 پَڇي يعقُوب ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”ھمَي مھنَي پُورو ڀروسو ھَي ڪہ مھارو ڏيڪرو يُوسف واقعي جيتو ھَي۔ ھمَي ھُون مرڻ ݾون پيل اُوئي نَي جوئين رو۔“