يُوسف رَي ڀايون رو مِصر مُلڪ جاوڻ
42
جڏي يعقُوب نَي خبر پڙِي ڪہ مِصر مُلڪ ۾ ڌون ھَي، تو اُوئي آپرَي ڏيڪرون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي ڪيئون ھيڪَي ٻيجَي نَي جوئو پڙيا؟ 2 مھَي ݾُڻيو ھَي ڪہ مِصر مُلڪ ۾ تموم گھڻو ڌون ھَي۔ ٿي اوٿ جائو ھانَ اوٿ ݾون آپڻَي ݾارُو ڌون مول لي آئو ڪہ آپي بُوک مرڻ ݾون بچي جائُون۔“ 3 پَڇي يُوسف را ڏَݾ ڀائي ڌون مول ليوَڻ رَي ݾارُو مِصر مُلڪ ڏيݾا گيا۔ 4 پڻ يعقُوب آپرَي ݾجون ݾون نِنئي ڏيڪرَي بنيامين نَي اُوئي رَي ڀايون ڀيڙو ڪونھي ميليو، ڪيونڪہ اُوئي نَي اَي ٻِي ھتو ڪہ متان اِيئي تي ڪو مُصيبت آوَي۔5 جڪو مِنک مِصر مُلڪ ۾ ڌون مول ليوَڻ آيا، اُوئون ۾ يعقُوب را ڏيڪرا ڀِي ھتا، ڪيونڪہ ڪنعان مُلڪ ۾ ڏُڪاݪ ھتو۔ 6 يُوسف مِصر مُلڪ رو موٽو وزير ھتو ھانَ اوج ݾجَي مُلڪون رَي مِنکون نَي ڌون مول ڏيتو۔ يُوسف را ڀائي ڀِي اُوئي ڪڍي آيا ھانَ آپرا شيش نِمائي اُوئي آگھي جُھڪيا۔ 7 يُوسف آپرَي ڀايون نَي ڏيٺا ھانَ اوݪکيا، پڻ اُوئي اُوئون ݾون اِيئون بات ڪِي ڪہ او اُوئون نَي اوݪکتو نِي ھووَي۔ يُوسف اُوئون ݾون روب ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿي ڪيٿ ݾون آيا ھو؟“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھي ڪنعان مُلڪ ݾون ڌون مول ليوَڻ آيا ھون۔“ 8 يُوسف آپرَي ڀايون نَي اوݪکيا، پڻ اُوئون يُوسف نَي ڪونھي اوݪکيو۔ 9 پَڇي يُوسف نَي او ݾپنو ياد آيو، جڪو اُوئي آپرَي ڀايون رَي بارَي ۾ ڏيٺو ھتو۔ يُوسف اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي اِيئي مُلڪ ۾ جاچُوسي ڪرڻ آيا ھو۔“ 10 اُوئون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”نا سائين نا، مھي تو ٿارا ٻونھا ھون ھانَ ڌون مول ليوَڻ آيا ھون۔ 11 مھي ݾجائِي آپت ۾ ݾَگا ڀائي ھون۔ مھي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ مھي جاچُوس ڪونھي ھون۔“ 12 يُوسف ڪھيو ڪہ، ”نا، ٿي اِيئي مُلڪ رِي جاچُوسي ڪرڻ آيا ھو۔“ 13 اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھي ٿارا ٻونھا مھي آپت ۾ ٻارھَي ڀائي ھون ھانَ ڪنعان مُلڪ ۾ ريوَڻ آݪَي ھيڪَي ٻاپ را ڏيڪرا ھون۔ مھورو نِنيو ڀائي مھورَي اَبا ڪڍي ھَي ھانَ ھيڪ ڀائي گُميجو رو۔“ 14 اِيئي تي يُوسف اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھَي ٿونَي ڪھيو ھَي ڪہ ٿي جاچُوس ھو۔ 15 اِيئي رَي ڪري ٿونَي پَرکيا جاشَي۔ ھُون آپرَي بادشاھ رو ݾونݾ لي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي ٿونرو نِنيو ڀائي ايٿ ڪونھي آوَي، اُترِي توڻي ٿي ايٿ ݾون جائي ڪونھي ݾگھو۔ 16 ھمَي ٿون ۾ ڪو ڀِي ھيڪ پاڇو جاوَي ھانَ او ٿونرَي نِنئي ڀائي نَي ايٿ لي آوَي ھانَ جترِي توڻي اَي خبر ڪونھي پڙتِي ڪہ ٿي ݾاچا ھو، جون ڪُوڙا، اُترِي توڻي ٿي ايٿ جيل ۾ ھوشو۔ جي ٿي اِيئون ڪونھي ڪرو، تو بادشاھ رو ݾونݾ ڪہ ٿي ݾاچيلي جاچُوس ھو۔“ 17 پَڇي يُوسف اُوئون ݾجون نَي تين ڏِن جيل ۾ راکيا۔
18 تيجَي ڏِن يُوسف اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي ايشوَر رو ٻِي ھَي، اِيئي رَي ڪري ٿي ھيڪ ڪوم ڪرو، تو بچي جاشو۔ 19 جي ٿي ݾاچا ھو، تو ٿون ۾ ھيڪ جيل ۾ رَي ھانَ ٻيجا آپرَي گھري ڌون لي جاوَي، جڪو بُوک مرَي پڙيا۔ 20 پڻ ٿونرَي نِنئي ڀائي نَي لي مھَي ڪڍي پاڇا آئو۔ اِيئون ڪرشو، تو ٿونرِي ݾچائي رِي خبر پڙشَي ھانَ ٿي بچي جاشو۔“ پَڇي او اِيئي بات تي راضي ھويا۔
21 پَڇي او آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”جون آپون آپڻَي ڀائي يُوسف ݾون ڪيئو ھتو، اِيئوج آپون ݾون ھووَي پڙيو۔ ڪيونڪہ جڏي آپي اُوئي نَي ايذا ڏيتا پڙيا ھانَ او آپون نَي مِنٿون ڪرتو پڙيو، تو آپون اُوئي رِي ھيڪ ڀِي ڪونھي ݾُڻِي۔ اُوئي رَي ڪري آج آپون تي اَي ڏُک آيو ھَي۔“ 22 اِيئي تي روبن ڪھيو ڪہ، ”مھَي ٿونَي ڪھيو ھتو ڪہ اُوئي ݾون ظُلم نِي ڪرو، پڻ ٿون مھارِي ھيڪ ڀِي ڪونھي ݾُڻِي۔ اِيئي رَي ڪري ھمَي آپون ݾون اُوئي رَي لوئِي رو بدلو ھَي۔“ 23 اُوئون نَي اَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ يُوسف اُوئون رَي باتون ݾمجَھي پڙيو، ڪيونڪہ يُوسف ھانَ اُوئون رَي بِچ ۾ ھيڪ مِنک ترجمون ڪرتو پڙيو۔ 24 اِيئي تي يُوسف ھيکلائي ۾ جائي روئڻ لاگو۔ پَڇي دير ݾون پَڇي، اُوئون ڪڍي پاڇو آيو ھانَ اُوئون ݾون ڪچيرِي ڪِي۔ پَڇي اُوئون رَي رُوبرو شمعُون نَي ٻڌائي ڇوڙيو۔
يُوسف رَي ڀايون رو پاڇو جاوڻ
25 پَڇي يُوسف آپرَي نوڪرون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”اُوئون را ٻورا ڌون ݾون ڀرو ھانَ ھر ھيڪ رَي رُپيون رِي ٿيلِي اُوئي رَي ٻورَي ۾ گھاتيا ھانَ اُوئون رَي سفر ۾ کاوڻ پيئڻ رَي ݾارُو ڪئين ڏيا۔“ پَڇي جون يُوسف حُڪم ڏينو ھتو، نوڪرون اِيئوج ڪيئو۔ 26 پَڇي اُوئون آپرو ڌون گڏون ماٿَي راکيو ھانَ اوٿ ݾون بَئير ھويا۔ 27 سفر ڪرتا جڏي رات پڙِي، تو او ھيڪِي جگھا تي اُڀي رھيا۔ پَڇي اُوئون ۾ ھيڪَي گڏَي نَي ڏوڻا ڏيوَڻ رَي ݾارُو آپرو ٻورو کوليو، تو اُوئي ٻورَي ۾ رُپيون رِي ٿيلِي ڏيٺِي۔ 28 اِيئي تي اُوئي رَڙ ڪري آپرَي ڀايون نَي ݾُڻايو ڪہ، ”اَي جوئو، مھارا رُپيا تو مھارَي ٻورَي ۾ پڙيا ھَي۔ اِيئون لاگَي ھَي ڪہ اُوئون مھارا رُپيا مھنَي پاڇا ڏينا ھَي۔“ اَي ڏيکي او ٻيئاجي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ايشوَر آپون ݾون اَي ڪِي ڪيئو ھَي؟“
29 جڏي او ڪنعان مُلڪ ۾ آپرَي اَبا يعقُوب ڪڍي پُگا، تو اُوئون آپرو ݾجو حال اُوئي نَي ݾُڻايو ھانَ ڪھيو ڪہ، 30 ”مِصر مُلڪ رَي وزير مھون ݾون سختِي ݾون باتون ڪيئَي ھانَ مھون تي آپرَي مُلڪ رو جاچُوسي رو الزوم لگايو۔ 31 مھون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ’مھي ݾاچا ھون ھانَ مھي جاچُوس ڪونھي ھون۔ 32 مھي ٻارھَي ڀائي ھيڪَي ٻاپ را ڏيڪرا ھون۔ مھورو ھيڪ ڀائي گُميجو رو ھانَ نِنيو ڀائي مھورَي اَبا ڪڍي ڪنعان مُلڪ ۾ ھَي۔‘ 33 پڻ اُوئي مُلڪ رَي وزير مھونَي ڪھيو ڪہ، ’ٿي آپرَي ھيڪَي ڀائي نَي ايٿ مھَي ڪڍي ڇوڙي جائو ھانَ باقي ٻيجا آپرَي گھري ڌون لي جائو۔ 34 جڏي ٿي آپرَي نِنئي ڀائي نَي مھَي ڪڍي لي آشو، تو مھنَي خبر پڙشَي ڪہ ٿي ݾاچا ھو ھانَ جاچُوس ڪونھي ھو۔ پَڇي ھُون ٿونرو ڀائي پاڇو ڏئين ھانَ ٿونَي اِيئي مُلڪ ۾ آوڻ جاوڻ رِي موڪل ھوشَي۔‘“
35 پَڇي جڏي او آپرا ٻورا کالِي ڪرڻ لاگا، تو ھر ھيڪ رَي رُپيون رِي ٿيلِي اُوئي رَي ٻورَي ۾ ھتِي۔ رُپيون رَي ٿيلَي ڏيکي، او ھانَ اُوئون رو ٻاپ ٻيئاجڻ لاگا۔ 36 اُوئون رَي ٻاپ يعقُوب اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي مھنَي ڪيئون بي اولاد ڪرتا جائو پڙيا؟ يُوسف تو اَگئي گُميجو رو ھانَ شمعُون ڀِي ڪونھي ھانَ ھمَي بنيامين نَي ڀِي لي جاشو۔ اَي ݾجائِي ڏُک مھارَي ݾارُو ھَي۔“
37 اِيئي تي روبن آپرَي اَبا نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ھُون بنيامين نَي ٿَي ڪڍي پاڇو نِي لي آئُون، تو تُو اِيئي رَي بدلَي مھارا ٻيئي ڏيڪرا ماري ڇوڙي۔ تُو بنيامين نَي مھَي ڀيڙو ميل، تو ھُون اُوئي نَي ٿَي ڪڍي پاڇو لي آئين۔“ 38 يعقُوب ڪھيو ڪہ، ”بنيامين ٿون ڀيڙو ڪونھي ھالَي، ڪيونڪہ اُوئي رو ڀائي يُوسف تو اَگئي مُوئو رو ھانَ ھمَي او ھيکلو رھيو ھَي۔ جي مارگ ۾ اُوئي نَي ڪئين ھويو، تو ھُون اُوئي رَي ڏُک ۾ مري جائين۔“