يھُودا ھانَ اُوئي رِي بوئارِي تمر
38
اُوئون ڏِنون ۾ يھُودا آپرَي ڀايون ݾون ڌار ھوئي عدُلام شھر ۾ ھيرا نون رَي مِنک ڪڍي جائي ريوَڻ لاگو۔ ‏2 يھُودا اوٿ ڪنعان مُلڪ ۾ ھيڪ ڇوڪرِي ڏيٺِي، جڪَي رَي ٻاپ رو نون سُوع ھتو۔ پَڇي يھُودا اُوئي ݾون بيئان ڪري اُوئي ڪڍي گيو۔ ‏3 او اُميد ݾون ھوئِي ھانَ اُوئي نَي ڏيڪرو جايو ھانَ يھُودا اُوئي رو نون عير راکيو۔ ‏4 او ڀڙي اُميد ݾون ھوئِي ھانَ اُوئي نَي ٻيجو ڏيڪرو جايو، تو اُوئي رِي ما اُوئي ڇوڪرَي رو نون اونان راکيو۔ ‏5 پَڇي او ڪزيب شھر ۾ جائي ريوَڻ لاگا، اوٿ اُوئي رو تيجو ڏيڪرو جايو ھانَ اُوئي، اُوئي رو نون سيلا راکيو۔
‏6 جڏي يھُودا رو موڀِي ڏيڪرو عير موٽو ھويو، تو اُوئي آپرَي ڏيڪرَي رو بيئان ڪرايو۔ يھُودا رِي بوئارِي رو نون تمر ھتو۔
‏7 يھُودا رَي موٽَي ڏيڪرَي را ڪوم تموم گھڻا خراب ھتا، جڪو پرميشوَر نَي پسند ڪونھي ھتا، اِيئي رَي ڪري پرميشوَر اُوئي نَي ماري ڇوڙيو۔
‏8 اِيئي تي يھُودا آپرَي ٻيجَي ڏيڪرَي اونان نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپڻِي ريت تي آپرِي باڀِي ݾون بيئان ڪري ڏيوَر رو فرض پُورو ڪر، تو ٿارَي موٽَي ڀائي رَي نون را اولاد ھووَي۔“ ‏9 اونان بيئان ݾون پَڇي، آپرِي باڀِي ڪڍي جاوتو، پڻ اُوئي رِي مرضِي ڪونھي ھتِي ڪہ اُوئي رَي ڀائي رَي نون اولاد ھووَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي آپرِي لُگائِي نَي اُميد ݾون ھوئڻ ڪونھي ڏينِي، ڪيونڪہ اونان نَي خبر ھتِي ڪہ او اولاد مھارَي ڀائي رَي نون را ھوشَي۔
‏10 پڻ اونان رو او ڪوم تموم گھڻو خراب ھتو، جڪو پرميشوَر نَي ڀلو ڪونھي لاگو۔ اِيئي رَي ڪري پرميشوَر اُوئي نَي ڀِي ماري ڇوڙيو۔ ‏11 يھُودا ٻيئون ڏيڪرون رِي موت رَي ڪري تموم گھڻو ٻيئاجو، اِيئي رَي ڪري اُوئي ݾوچو ڪہ ڪيٿ سيلا ڀِي مھارَي ڏيڪرون آݪِي ڪار مري نِي جاوَي۔ تو اُوئي آپرِي بوئارِي تمر نَي ڪھيو ڪہ، ”جترِي توڻي ٿارو ڏيڪرو سيلا موٽو نِي ھووَي، اُترِي توڻي تُو آپرَي مائيتري جا۔“ پَڇي تمر جائي آپرَي ما ٻاپ رَي گھري ريوَڻ لاگِي۔
‏12 ڪئينڪہ ݾالون ݾون پَڇي، اِيئون ھويو ڪہ يھُودا رِي لُگائِي جڪو سُوع رِي ڏيڪرِي ھتِي، مري گئِي۔ جڏي اُوئي را ڏُک را ڏِن پُورا ھويا، تو يھُودا عدُلام شھر ۾ جائي ريوَڻ آݪَي آپرَي دوست ھيرا ڀيڙو تِمناتا شھر ڏيݾا آپرَي رڍون رِي اُون ڪترڻ آݪون ڪڍي گيو۔ ‏13 ڪَي جائي تمر نَي ݾُڻايو ڪہ، ”ٿارو ݾُݾرو آپرَي رڍون رِي اُون ڪترڻ رَي ݾارُو تِمناتا شھر ڏيݾا جاوَي پڙيو۔“ ‏14 جڏي تمر اَي ݾُڻيو، تو اُوئي آپرا رونڏٻير آݪا گاڀا اُتاري ݾُٺا گاڀا پيريا ھانَ چادر اوڍي آپرو مونڏو ھانَ آپنَي ڍڪيو۔ پَڇي او عينيم گون رَي موٽَي در تي جائي ٻيݾي رئِي، جڪو تِمناتا شھر رَي مارگ تي ھتو۔ تمر اَي اِيئي رَي ڪري ڪيئو، ڪيونڪہ اُوئي نَي خبر ھتِي ڪہ سيلا جوان ھويو رو، تو ڀِي اُوئي رو بيئان مھَي ݾون ڪونھي ڪراوتا۔
‏15 جڏي يھُودا اوٿ ݾون لنگھيو، تو اُوئي ڏيٺو ڪہ اَي تو ڪو ڀُونڏِي لُگائِي ھَي، ڪيونڪہ تمر رو مونڏو ڀُونڏِي لُگائِي آݪِي ڪار ڍڪيوڙو ھتو۔ ‏16 اِيئي رَي ڪري او پاڇو بَݪيو ھانَ اُوئي ڪڍي آيو ھانَ اُوئي نَي اَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ اَي اُوئي رِي بوئارِي ھَي۔ يھُودا اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”مھنَي خُوش ڪرڻ رو ڪِي لئِي؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”تُو ڪِي ڏئِي؟“ ‏17 يھُودا ڪھيو ڪہ، ”ھُون آپرَي ڌڻ ۾ ٻڪرِي رو ھيڪ ڦݪ ٿَي ڪڍي ميلين۔“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”جترِي توڻي تُو ٻڪرِي رو ڦݪيو ميلَي، اُترِي توڻي ٿنَي مھَي ڪڍي ڪئين اَڏوڻَي راکڻو پڙشَي۔“ ‏18 يھُودا ڪھيو ڪہ، ”ٿنَي ڪِي کپَي؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ٿارو ڏورِي ݾُوڌو ٺَپو ھانَ گيڏِي جڪو ٿارَي ھاٿ ۾ ھَي، او مھنَي اَڏوڻَي ۾ کپَي۔“ اُوئي او شيون اُوئي نَي ڏينَي ھانَ او ھيڪَي ٻيجَي ڀيڙا ݾُوتا ھانَ او اُميد ݾون ھوئِي۔ ‏19 پَڇي او اوٿ ݾون بُئِي گئِي ھانَ اُوئي چادر ھانَ ݾُٺا گاڀا اُتاري رونڏٻير آݪا گاڀا پيريا۔
‏20 پَڇي يھُودا عدُلام شھر آݪَي دوست رَي ھاٿون ٻڪرِي رو ڦݪ ميليو ڪہ اُوئي لُگائِي ڪڍي آپرَي اَڏوڻَي راکيوڙَي شيون پاڇَي لي آوَي، پڻ او لُگائِي ھاٿي ڪونھي آئِي۔ ‏21 تو اُوئي اوٿ رَي مِنکون ݾون پُوڇو ڪہ، ”او ڀُونڏِي لُگائِي جڪو عينيم گون رَي در تي ٻيݾتِي، او ڪيٿ ھَي؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ايٿ تو ڪو ڀِي اھڙِي لُگائِي ڪونھي ھَي۔“
‏22 پَڇي يھُودا رو دوست پاڇو آيو ھانَ ݾُڻايو ڪہ، ”او لُگائِي تو اوٿ ھائِي ڪونھي ھانَ اوٿ را مِنک ڪيتا ڪہ، ’ايٿ تو ڪو ڀِي اھڙِي لُگائِي ڪونھي ھَي۔‘“ ‏23 يھُودا ڪھيو ڪہ، ”شيون جاوَي اُونڏوڙِي کڏ ۾، مھَي تو ٻڪرِي رو ڦݪ ميليو ھتو۔ پڻ او ٿنَي ڪونھي لاڌِي۔ ھمَي تُو اُوئي رو نون ڀِي نِي لئي، ڪيونڪہ جي مِنکون نَي خبر پڙِي، تو اِيئي ۾ آپڻِي بدنومي ھوشَي۔“
‏24 اندازن تينون مھيڻون ݾون پَڇي، يھُودا نَي ڪَي اَي ݾُڻايو ڪہ، ”ٿارِي بوئارِي تمر ڪَي ݾون زنا ڪرايو ھَي ھانَ ھمَي او اُميد ݾون ھَي۔“ اَي بات ݾُڻي يھُودا ڪھيو ڪہ، ”اُوئي نَي ݾجون آگھي لائي ٻاݪي ڇوڙو۔“
‏25 جڏي اُوئي نَي ٻاھر ڪاڍتا پڙيا، تو اُوئي ڇيڪائِي ڪري آپرَي ݾُݾرَي رَي اَڏوڻَي راکيوڙَي شيون ھانَ اَي نياپو ڏي ميليو ڪہ، ”جڪَي رَي اَي شيون ھَي، اُوئي رو ٻاݪ مھارَي پيٽ ۾ ھَي۔ اِيئي رَي ڪري تُو اَي اوݪک ڪہ اَي ڏورِي ݾُوڌو ٺَپو ھانَ گيڏِي ڪيرا ھَي؟“
‏26 اِيئي تي يھُودا او شيون اوݪکئي ھانَ منيو ڪہ، ”اَي ݾجو ڪئين اُوئي آپرو حق ليوَڻ رَي ݾارُو ڪيئو ھَي۔ ڏوھ تو مھارو ھَي، ڪيونڪہ مھَي اُوئي رو حق ڪونھي ڏينو ھانَ آپرَي واعدَي تي آپرَي ڏيڪرَي سيلا رو بيئان اُوئي ݾون ڪونھي ڪرايو۔“ اِيئي نمُونَي يھُودا ڀڙي ڪڏي ڀِي تمر ڪڍي ڪونھي گيو۔
‏27 جڏي تمر رَي ٻاݪ ھوئڻ رو ٽيم آيو، تو خبر پڙِي ڪہ اُوئي رَي پيٽ ۾ ٻي ٻاݪيا ھَي۔ ‏28 جڏي او ٻاݪ جِڻڻ لاگِي، تو ھيڪَي ٻاݪ رو ھاٿ ٻاھر آيو، تو دائِي اُوئي رو ھاٿ جھالي اُوئي ۾ ڏورو ٻونڌيو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”پيل اَي جايو ھَي۔“ ‏29 پڻ اُوئي ٻاݪ آپرو ھاٿ پاڇو ڇِڪي ليئو، تو اترَي ۾ اُوئي رو ڀائي جايو۔ اَي ڏيکي دائِي ڪھيو ڪہ، ”تُو ڪيڪر ڇيڪو آيو؟“ اِيئي رَي ڪري اُوئي رو نون فارص راکيو، جڪَي رو مطلب ھَي، ”ڇيڪو آوڻ۔“ ‏30 پَڇي اُوئي رو ڀائي جايو، جڪَي رَي ھاٿ ۾ راتو ڏورو ٻاڌوڙو ھتو ھانَ اُوئي رو نون زارح راکيو، جڪَي رو مطلب ھَي، ”چمڪيلو۔“