يعقُوب رو ناݾي جاوڻ
31
جڏي يعقُوب ݾُڻيو ڪہ لابن را ڏيڪرا اَي ڪَي پڙيا ڪہ، ”يعقُوب ڪڍي جڪو ڪئين مال ملڪيت ھَي، او ݾجو مھورَي ٻاپ ݾون ليئو ھَي ھانَ اُوئي ݾون او مالدار ھويو ھَي۔“ 2 يعقُوب اَي ڀِي ڏيٺو ڪہ ھمَي اُوئي رَي ݾُݾرَي لابن رو سلُوڪ پيلڪَي جھڙو ݾُٺو ڪونھي۔ 3 اِيئي تي پرميشوَر، يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو پاڇو آپرَي ٻاپ ڏاڏون رَي مُلڪ ۾ آپرَي عزيزون ڪڍي جا ھانَ ھُون ٿَي ڀيڙو رئين۔“4 پَڇي يعقُوب آپرَي لُگايون راخل ھانَ ليھا نَي اُوئي ميدون ۾ اَڻائَي، جيٿ او مال چارتو۔ 5 يعقُوب اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون جوئُون پڙيو ڪہ ٿونرَي اَبا رو سلُوڪ مھَي ݾون ݾُٺو ڪونھي، پڻ ايشوَر، جڪَي نَي مھارا ٻاپ ڏاڏا منتا، او مھَي ڀيڙو ھَي۔ 6 ٿونَي خبر ھَي ڪہ مھَي پُورَي من ݾون ٿونرَي اَبا ڪڍي ڪوم ڪيئو۔ 7 پڻ ٿونرَي اَبا مھَي ݾون دگا ڪِي ھانَ ڏَݾ گُھمرا مھارِي مزُورِي بدلائِي۔ پَڇي ڀِي ايشوَر مھنَي بچايو ڪہ او مھنَي نُقصون نِي ڏَي۔ 8 جڏي ٿونرَي اَبا اَي ڪھيو ڪہ، ’جڪو ڀِي رڍون ٻڪرَي چِٽڪٻرا ڦݪ ڏَي، تو او ڦݪ مھنَي مزُورِي ۾ ڏيشَي۔‘ پَڇي رڍون ٻڪرَي چِٽڪٻرا ڦݪ ڏيوَڻ لاگَي ھانَ جڏي اُوئي ڪھيو ڪہ، ’پَٽون آݪا ڦݪ ٿنَي مزُورِي ۾ ملشَي۔‘ تو رڍون ٻڪرَي پَٽون آݪا ڦݪ ڏيوَڻ لاگَي۔ 9 اِيئي نمُونَي ايشوَر ٿونرَي ٻاپ رَي مال ݾون تموم گھڻو مال مھنَي ڏينو۔ 10 جڏي ٻڪريون رَي لگ رو ٽيم آيو، تو مھنَي ݾپنو لاڌو ڪہ پَٽون آݪا ھانَ چِٽڪٻرا ٻڪرا، ٻڪريون تي لگ ڪرڻ لاگا۔ 11 ايشوَر رَي فريشتَي ݾپنَي ۾ مھنَي ڪھيو ڪہ، ’اي يعقُوب۔‘ مھَي ڪھيو ڪہ، ’جِي مالڪ۔‘ 12 اِيئي تي اُوئي ڪھيو ڪہ، ’ايشوَر ڪَي ھَي ڪہ آپرَي اونکيون ݾون جو، ݾجائِي پَٽون آݪا ھانَ چِٽڪٻرا ٻڪرا، ٻڪريون ݾون لگ ڪرَي پڙيا، تو مھَي اَي ھوئڻ ڏينو، ڪيونڪہ مھنَي خبر ھَي ڪہ لابن ٿَي ݾون دوکو ڪيئو ھَي۔ 13 ھُون اوج ايشوَر ھون، جڪَي ٿنَي بيت ايل جگھا تي درشن ڏينو ھتو ھانَ جيٿ ٿَي ھيڪ پٿر يادگيرِي رَي ݾارُو ݾِڌو اُڀو ڪري اُوئي ماٿَي تيل ڍوڙيو ھتو ھانَ مھارَي ݾارُو باݾ باݾِي ھتِي۔ ھمَي اِيئي مُلڪ ݾون جاوڻ رِي تياري ڪر ھانَ آپرَي وطن پاڇو جا۔‘“ 14 اِيئي تي راخل ھانَ ليھا يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”ھمَي مھورَي اَبا رِي وِراثت ۾ مھورَي ݾارُو ڪئين ڪونھي بچو۔ 15 او مھونَي ڌاريا ݾمجَھي ھَي، ڪيونڪہ اُوئي مھونَي بيچَي ھانَ مھورِي ڪمائِي ڀِي کائي گيو۔ 16 اِيئي رَي ڪري ھمَي ايشوَر مھورَي اَبا رو ڌن کوݾي مھونَي ھانَ مھورَي اولاد نَي ڏينو ھَي۔ ھمَي جون ايشوَر ٿنَي ڪھيو ھَي، تُو اِيئوج ڪر۔“
17 پَڇي يعقُوب جاوڻ رِي تياري ڪِي ھانَ آپرَي لُگايون ھانَ ٻاݪون نَي اُونٺون تي ٻيݾاڙيا۔ 18 پَڇي او آپرو ݾجو مال ھانَ ݾجو سيمون، جڪو اُوئي فدان ارام رَي علائقَي ۾ ڀيڙو ڪيئو ھتو، آپ ڀيڙو لي بَئير ھويو ڪہ ڪنعان مُلڪ ۾ آپرَي ٻاپ اضحاق ڪڍي پاڇو جاوَي۔ 19 راخل جاوتَي بِݪا آپرَي ٻاپ رَي ڏيوتائون رَي مُورتَي چورِي ڪري آپ ڀيڙَي ليئَي، ڪيونڪہ اُوئي ٽيم لابن آپرَي رڍون رِي اُون ڪترڻ گيو ھتو۔ 20 اِيئي نمُونَي يعقُوب آپرَي ݾُݾرَي لابن ارامي نَي ݾُڻاوڻ بِنا، اوٿ ݾون لِڪي ناٺو۔ 21 او آپرو ݾجو ڪئين لي فرات دريا پار ڪري جِلعاد جبل رَي علائقَي ڏيݾا ناݾي گيو۔
22 لابن نَي تيجَي ڏِن خبر پڙِي ڪہ يعقُوب تو ناݾي گيو رو۔ 23 اِيئي تي لابن آپرا عزيز ڀيڙا ڪري يعقُوب رو لارو ڪيئو ھانَ ݾاتون ڏِنون ݾون پَڇي، جِلعاد رَي جابلُو علائقَي ۾ يعقُوب رَي نيڙو پُگو۔ 24 اُوئيج رات ايشوَر، لابن ارامي نَي ݾپنَي ۾ ڪھيو ڪہ، ”خبردار، جي ٿَي يعقُوب نَي ڪئين ڪھيو، تو۔“
25 پَڇي لابن يعقُوب ڪڍي گيو۔ يعقُوب آپرو تنٻُو جِلعاد رَي جبل رَي علائقَي ۾ لگايو ھتو، اِيئي رَي ڪري لابن ھانَ اُوئي رَي عزيزون ڀِي اوٿج آپرا تنٻُو لگايا۔ 26 پَڇي لابن، يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿَي اِيئون ڪيئون ڪيئو ھانَ مھنَي دوکو ڏينو؟ تُو تو مھارَي ڏيڪريون نَي اِيئون لي آيو ھَي، جھڙو ڪو جنگ ݾون پَڇي قيديون نَي لايا جاوَي ھَي۔ 27 ٿنَي لِڪي ناݾڻ ھانَ مھنَي دوکو ڏيوَڻ رِي ڪھڙِي ضرُورت ھتِي؟ تُو گھٽ ۾ گھٽ مھنَي ݾُڻائُون تو، تو ھُون گيت گائي ڍول بجݪائي موٽِي خُوشِي ڪري ٿنَي بَئير ڪرون تو۔ 28 ٿَي اَي موٽِي بي وقوفي آݪو ڪوم ڪيئو ھَي، ٿَي مھنَي آپرَي ڏيڪريون ھانَ اُوئون رَي ٻاݪون ݾون مِلڻ ڀِي ڪونھي ڏينو ڪہ ھُون اُوئون نَي ميٺکَي ڏي بَئير ڪرون تو۔ 29 ٿنَي تو خبر ھَي ڪہ ھُون ٿنَي ڪو ڀِي نُقصون ڏي ݾگھتو، پڻ ايشوَر، جڪَي نَي تُو ھانَ ٿارو اَبا منَي ھَي، اُوئي رات رو ݾپنَي ۾ مھنَي خبردار ڪيئو ڪہ ھُون ٿنَي ڪئين نِي ڪونھ۔ 30 جي ھمَي تُو جاوَي پڙيو، تو ڪو بات ڪونھي، ڪيونڪہ اَي تو ٿارَي من رِي مرضِي ھتِي ڪہ تُو آپرَي اَبا رَي گھري پاڇو جاوَي، پڻ تُو مھارَي ڏيوتائون رَي مُورتَي ڪيئون چورِي ڪري لي آيو ھَي؟“ 31 يعقُوب آپرَي ݾُݾرَي لابن نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھُون اِيئي رَي ڪري لِڪي آيو، ڪيونڪہ مھنَي ٻِي ھتو ڪہ متان تُو آپرَي ڏيڪرَي مھَي ڀيڙَي آوڻ ݾون پالَي۔ 32 ھمَي اِيئي ݾجَي عزيزون رَي رُوبرو تُو آپ تلاشِي لَي ھانَ جڪو ڪئين ٿارو ھَي، اوݪک ھانَ لي جا۔ جي ٿارَي ڏيوتا رَي مُورتَي ڪَي ڪڍي نڪرَي، تو تُو ڀلي اُوئي نَي ماري ڇوڙي۔“ يعقُوب نَي اَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ اُوئي رِي لُگائِي راخل آپرَي ٻاپ رَي ڏيوتائون رَي مُورتَي چورِي ڪري لي آئِي ھَي۔ 33 اِيئي تي لابن، يعقُوب ھانَ ٻيئون ٻونھيون ھانَ ليھا رَي تنٻُو ۾ گيو، پڻ اُوئي نَي آپرَي ڏيوتائون رَي مُورتَي ڪونھي لاڌَي۔ پَڇي او ليھا رَي تنٻُو ݾون نڪري راخل رَي تنٻُو ۾ گيو۔ 34 پڻ راخل پيل ݾون مُورتَي اُونٺ رَي کورجنَي ۾ لِڪائي ڇوڙئَي ھانَ آپ اُوئون ماٿَي ٻيݾي رئِي۔ لابن تنٻُو ۾ جوتو رھيو، پڻ اُوئي نَي مُورتَي ڪونھي لاڌَي۔ 35 اِيئي تي راخل آپرَي ٻاپ نَي ڪھيو ڪہ، ”اَبا، تُو اِيئي بات ݾون ناراض نِي ھوئي ڪہ ھُون اُٺي ڪونھي ݾگھتِي، ڪيونڪہ ھُون اِيئون ڏِنون ۾ ݾاجِي ڪونھي ھون۔“ لابن نَي مُورتَي ڪيٿ ڀِي ڪونھي لاڌَي۔
36 اِيئي تي يعقُوب ريݾ ۾ لابن نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارو ڪھڙو ڏوھ ھانَ مھَي ڪھڙو پاپ ڪيئو ھَي، جڪو تُو ناݾتو مھارَي لاري آيو ھَي؟ 37 ٿَي مھارو ݾجو سيمون جويو ھَي۔ ڪِي ڪو اھڙِي شئي لاڌِي، جڪو ٿارَي گھر رِي ھووَي؟ جي ڪو اھڙِي شئي ھَي، تو مھارَي ھانَ ٿارَي عزيزون آگھي راک ڪہ او آپون ٻيئون رو فيصلو ڪرَي۔ 38 ھُون ٿَي ڪڍي پُورا بيݾ ݾال رھيو ھون۔ اترَي ٽيم ۾ نَڪو تو ٿارَي رڍون ٻڪريون را ڪو ڦݪ کِريا ھانَ نَڪو تو مھَي ٿارا گھيٽا کاڌا۔ 39 نَڪو او جِنار ٿَي ڪڍي لي آيو، جڪون نَي جھنگ رَي جِنارون ماريا ھتا ھانَ اُوئون رو نُقصون ڀِي مھَي ڀريو۔ جڪو جِنار رات جون ڏِن رو چورِي ھويا، اُوئون رو نُقصون ڀِي ٿَي مھَي ݾون ڀرايو۔ 40 مھارو اَي حال ھتو ڪہ ھُون ڏِن رو گرمي ھانَ رات رو ݾِي ۾ مرتو رھيو ھانَ مھارِي اُونگ حروم ھوئِي۔ 41 ھُون بيݾ ݾال ٿارَي گھري رھيو۔ چئوڏَي ݾال ٿارَي ٻيئون ڏيڪريون ݾون بيئان ڪرڻ رَي ݾارُو ھانَ ڇَي ݾال ٿارَي رڍون ٻڪرَي چارڻ رَي ݾارُو ٿارو ڪوم ڪيئو، پَڇي ڀِي ڏَݾ گُھمرا ٿَي مھارِي مزُورِي بدلائِي۔ 42 ايشوَر جڪَي نَي مھارو ڏاڏو اڀراھيم منتو ھانَ جڪَي نَي مھارو پِتا اضحاق ڀِي منَي ھَي، جي او مھَي ڀيڙو نِي ھويو ھووَنت، تو تُو ضرُور مھنَي کالِي ھاٿ ميلون تو۔ پڻ ايشوَر مھارا ڏُک ھانَ مھارِي محنت ڏيٺِي ھانَ ڪالھي راتي ٿنَي ڇينڀي ݾمجھايو۔“
يعقُوب ھانَ لابن رو وچن
43 پَڇي لابن يعقُوب نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اَي ٻيئي ڏيڪرَي مھارَي ھَي ھانَ اُوئون را ٻاݪ جڪو مھارا ڏوترا ھانَ ڏوترَي ھَي، او ڀِي مھارا ھَي ھانَ اَي رڍون ٻڪرَي ڀِي مھارَي ھَي، اترِي توڻي ڪہ تُو جڪو ڪئين ڏيکَي پڙيو، اَي ݾجو مھارو ھَي۔ تو ھُون آج آپرَي ڏيڪريون جون اِيئون رَي اولاد نَي ڪيئون نُقصون ڏئين؟ 44 ھمَي آپي ٻيئي آپت ۾ وچن ڪرون، جڪو آپڻَي بِچ ۾ گواھ ھوشَي۔“ 45 پَڇي يعقُوب ھيڪ پٿر کڻيو ھانَ اُوئي نَي ٿونڀَي آݪِي ڪار اُڀو ڪيئو۔ 46 يعقُوب آپرَي عزيزون نَي ڪھيو ڪہ، ”ايٿ ڪئين پٿر ڀيڙا ڪرو۔“ اُوئون پٿر ڀيڙا ڪري ڍِگ ٺاھيو ھانَ ݾجون ڀيڙا ھوئي پٿرون ڪڍي ٻاٽِي کاڌِي۔ 47 لابن آپرِي ٻولِي ۾ اُوئي ڍِگ رو نون ”يجر شاھدُوٿا“ راکيو ھانَ يعقُوب ڀِي آپرِي ٻولِي ۾ اُوئي رو نون ”جِلعاد“ راکيو۔ (يجر شاھدُوٿا ھانَ جِلعاد رو مطلب ھَي، ”گواھِي رو ڍِگ۔“) 48 لابن يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”اَي ڍِگ آج ݾون مھارَي ھانَ ٿارَي بِچ ۾ گواھ ھووَي۔“ اِيئي رَي ڪري اُوئي رو نون جِلعاد راکيو۔ 49 لابن يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”جڏي آپي ھيڪَي ٻيجَي ݾون ڌار ھوئون، تو پرميشوَر آپون ٻيئون نَي جوتو رَي۔“ اِيئي رَي ڪري اُوئي جگھا رو نون مِصفا ڀِي راکيو۔ (مِصفا رو مطلب ھَي، ”جوئڻ رِي جگھا۔“) 50 لابن اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”جي تُو مھارَي ڏيڪريون نَي ڏُک ڏئِي ھانَ اُوئون ݾون ٽاݪ ٻيجَي لُگائَي راکِي، تو ياد راکي ڪہ ڪو اِنسون نا، پڻ ايشوَر مھارَي ھانَ ٿارَي بِچ ۾ گواھ ھَي۔ 51 اَي پٿر آݪا ڍِگ جو، اَي يادگيرِي آݪو پٿر ڀِي جو، جڪو مھَي ٿارَي ھانَ آپڻَي بِچ ۾ اُڀو ڪيئو ھَي۔ 52 اَي ڍِگ ھانَ اُڀو ڪيئوڙو پٿر گواھ ھَي ڪہ، نَڪو ھُون ٿنَي نُقصون ڏيوَڻ رَي ݾارُو اِيئي ڍِگ ھانَ پٿر ݾون اُوئي پاݾَي آئُون ھانَ نَڪو تُو مھنَي نُقصون ڏيوَڻ رَي ݾارُو اِيئي پاݾَي آئِي۔ 53 او ايشوَر جڪَي نَي اڀراھيم منتو ھانَ او ايشوَر جڪَي نَي نحُور ھانَ اُوئي را ٻاپ ڏاڏا منتا، آپڻَي بِچ ۾ اِنصاف ڪرَي۔“ اِيئي تي يعقُوب اُوئي ايشوَر رو ݾونݾ ليئو، جڪَي نَي اُوئي رو ٻاپ اضحاق منتو۔