28
پَڇي اضحاق آپرَي ڏيڪرَي يعقُوب نَي اَڻايو ھانَ اُوئي نَي آشيرواد ڏي ݾمجھايو ڪہ، ”تُو ايٿ ڪنعان مُلڪ ۾ ڪَي ڀِي ٻيجِي قوم ۾ بيئان نِي ڪري، 2 پڻ فدان ارام رَي علائقَي ۾ آپرَي نونَي بيتو ايل رَي گھري جائي ھانَ اوٿ آپرَي مومَي لابن رَي ڏيڪريون ۾ ڪَي ڀِي ھيڪِي ݾون بيئان ڪري۔ 3 ايشوَر، جڪو قُدرت آݪو ھَي، ٿنَي برڪت ڏَي ھانَ ٿارا اولاد اِترا گھڻا ھووَي ڪہ اُوئون ݾون تموم گھڻَي قبيلون آݪِي ھيڪ موٽِي قوم ٺَي۔ 4 ايشوَر جڪو برڪت ٿارَي ڏاڏَي اڀراھيم نَي ڏينِي ھتِي، اوج برڪت ٿنَي ھانَ ٿارِي پيڙھِي نَي ڀِي ڏَي ڪہ اَي مُلڪ جڪو ايشوَر اڀراھيم نَي ڏينو ھتو ھانَ جڪَي ۾ تُو پرديسي ھَي، ٿارِي ملڪيت ھووَي۔“ 5 پَڇي اضحاق آپرَي ڏيڪرَي يعقُوب نَي بَئير ڪيئو ھانَ او فدان ارام رَي علائقَي ۾ آپرَي مومَي لابن ڪڍي گيو۔ لابن ارامي قوم ݾون ھتو۔ او بيتو ايل رو ڏيڪرو ھتو، عيسُو ھانَ يعقُوب رِي ما ربقا رو ڀائي ڀِي ھتو۔عيسُو رو ٻيجو بيئان ڪرڻ
6 جڏي عيسُو نَي اَي خبر پڙِي ڪہ مھارَي اَبا اضحاق، مھارَي ڀائي يعقُوب نَي آشيرواد ڏي فدان ارام رَي علائقَي ۾ ميليو ھَي ڪہ اوٿ ݾون بيئان ڪرَي ھانَ اُوئي نَي اَي ڀِي ݾمجھايو ڪہ او ڪنعان مُلڪ ۾ ڪَي ڀِي ٻيجِي قوم ۾ بيئان نِي ڪرَي۔ 7 اُوئي نَي اَي ڀِي خبر پڙِي ڪہ يعقُوب آپرَي ما ٻاپ رِي بات مَني فدان ارام رَي علائقَي ڏيݾا گيو ھَي۔ 8 اِيئي بات ݾون عيسُو اَي ݾمجھو ڪہ مھارَي اَبا نَي ڪنعان مُلڪ ۾ ٻيجَي قومون رَي ڇوڪرَي ݾُٺَي ڪونھي لاگتَي۔ 9 اِيئي رَي ڪري عيسُو آپرَي بڏَي اِسماعيل ڪڍي گيو، جڪو اڀراھيم رو ڏيڪرو ھتو۔ عيسُو، اِسماعيل رِي ڏيڪرِي محلت ݾون بيئان ڪيئو ھانَ اُوئي نَي آپرَي گھري لي آيو۔ محلت نبايوت رِي ٻين ھتِي۔
يعقُوب رو ݾپنو
10 يعقُوب بيرسبع علائقَي ݾون حاران شھر ڏيݾا بَئير ھويو۔ 11 بيتَي بيتَي او ھيڪِي جگھا اُڀي رھيو، ڪيونڪہ اوٿ رات پڙِي ھتِي۔ اوٿ او ھيڪ پٿر ݾِروٿيئَي ڏي ݾُوئي رھيو۔ 12 اوٿ اُوئي ݾپنو ڏيٺو ڪہ ڌرتي ݾون آڪاش توڻي ھيڪ چاڙھِي اُڀِي ھَي ھانَ ايشوَر را فريشتا اُوئي چاڙھِي تي چڙھَي ھانَ اُترَي پڙيا۔ 13 پَڇي اُوئي ڏيٺو ڪہ پرميشوَر اُوئي چاڙھِي ماٿَي اُڀو ھَي ھانَ ڪَي پڙيو ڪہ، ”ھُون پرميشوَر، ٿارَي ڏاڏَي اڀراھيم ھانَ ٿارَي اَبا اضحاق رو ايشوَر ھون۔ ھُون اَي زمين، جڪَي تي تُو ݾُوتو ھَي، ٿنَي ھانَ ٿارِي پيڙھِي نَي ڏئين۔ 14 ٿارا اولاد بيݪُو آݪِي ڪار تموم گھڻا ھوشَي، او چارئي پاݾَي پِکڙي جاشَي ھانَ ڌرتي رَي ݾجَي قومون نَي ٿارَي ھانَ ٿارِي پيڙھِي رَي ڪري برڪت ملشَي۔ 15 ڀروسو ڪر، تُو جيٿ ڀِي جائِي، ھُون ٿَي ڀيڙو رئين ھانَ ٿارِي رُکاݪِي راکين۔ ھُون ٿنَي ڀڙي اِيئي مُلڪ ۾ لي آئين۔ گھٻرا نِي، ھُون ھميشا ٿَي ڀيڙو رئين ھانَ ھُون آپرو واعدو ضرُور پُورو ڪرين۔“
16 پَڇي يعقُوب اُونگ ݾون جاگيو ھانَ ݾوچڻ لاگو ڪہ، ”پرميشوَر ضرُور ايٿ ھَي، پڻ مھنَي اِيئي بات رِي خبر ڀِي ڪونھي ھتِي۔ 17 اَي تو خوفناڪ جگھا ھَي۔ اَي ضرُور ايشوَر رو گھر ھانَ آڪاشِي در ھَي۔“
18 پَڇي يعقُوب ݾاڪݪي تارھي اُٺيو ھانَ او پٿر ليئو، جڪو اُوئي آپرَي ݾِروٿيئَي راکيو ھتو، او پٿر يادگيرِي رَي ݾارُو اُوئي ݾِڌو اُڀاڙيو ھانَ اُوئي تي تيل ڍوڙي اُوئي نَي ايشوَر رَي نون رو ڪيئو۔ 19 يعقُوب اُوئي جگھا رو نون بيت ايل راکيو، جڪَي رو مطلب ھَي، ”ايشوَر رو گھر۔“ پڻ پيل اُوئي شھر رو نون لُوز ھتو۔ 20 پَڇي اوٿ يعقُوب ايشوَر ݾون واعدو ڪيئو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”جي تُو مھَي ڀيڙو رئِي ھانَ جڪو پينڏو ھُون ڪرون پڙيو، اِيئي ۾ مھارِي رُکاݪِي راکِي ھانَ مھنَي کاوڻ رَي ݾارُو ٻاٽِي ھانَ پيرڻ رَي ݾارُو گاڀا ڏئِي 21 ھانَ تُو مھنَي مھارَي اَبا رَي گھري ݾاجو ݾُورو پاڇو لائِي، تو پَڇي تُو پرميشوَر مھارو ايشوَر ھوئِي۔ 22 اَي جگھا، جيٿ مھَي اَي پٿر يادگيرِي رَي ݾارُو اُڀو ڪيئو ھَي، ايٿ ٿارو گھر ھوشَي ھانَ جڪو ڪئين تُو مھنَي ڏئِي، اُوئي رو ڏھون حِصو ضرُور ٿنَي ڏيتو رئين۔“