اضحاق رِي يعقُوب نَي آشيرواد
27
جڏي اضحاق بُوڍو ھويو، تو اُوئي رِي نظر اترِي تو گھٽ ھوئِي ڪہ او جوئي ڪونھي ݾگھتو۔ ھيڪ ڏِن اُوئي آپرَي موٽَي ڏيڪرَي عيسُو نَي اَڻايو ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڏيڪرا۔“ تو اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جِي اَبا۔“ 2 اضحاق ڪھيو ڪہ، ”جو ڏيڪرا، ھُون تو ڏوڪرو ھون ھانَ ڪو ڀِي خبر ڪونھي ڪہ ڪڏي مھارو ݾاݾ نڪرَي۔ 3 اِيئي رَي ڪري تُو آپرو تير ڪموڻ لَي ھانَ جھنگ ۾ جائي شِڪار ڪري لي آ۔ 4 پَڇي مھارَي پسند رو ݾُٺو طعوم تيار ڪر، تو ھُون کائُون ھانَ مرڻ ݾون پيل، ٿنَي دِل ݾون آشيرواد ڏيئون ڪہ ايشوَر رِي برڪت ٿنَي ملَي۔“ 5 پَڇي عيسُو جھنگ ڏيݾا گيو ڪہ شِڪار ڪري آوَي۔ جڏي اضحاق عيسُو ݾون باتون ڪرتو پڙيو، تو ربقا اُوئون رَي ݾجَي باتون ݾُڻتِي پڙِي۔6 پَڇي ربقا آپرَي ڏيڪرَي يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”ڏيڪرا، مھارِي بات ڌھيون ڏي ݾُڻ، مھَي ٿارَي اَبا نَي ٿارَي ڀائي عيسُو نَي اَي ڪيتَي ݾُڻيو ڪہ، 7 ’مھارَي ݾارُو شِڪار ڪري ݾُٺو طعوم تيار ڪر، تو ھُون کائُون ھانَ آپرَي مرڻ ݾون پيل، ٿنَي پرميشوَر آگھي آشيرواد ڏيئون۔‘ 8 ھمَي اي مھارا ڏيڪرا، جون ھُون ٿنَي ڪونھ، تُو اِيئوج ڪر۔ 9 تُو ڇيڪائِي ڪري ڌڻ ݾون ٻڪرِي را ٻي ݾُٺا ڦݪيا مھنَي لائي ڏي، تو ھُون اُوئون رَي موݾ ݾون ٿارَي اَبا رَي ݾارُو پسند رو طعوم تيار ڪرون۔ 10 پَڇي تُو او طعوم آپرَي اَبا ڪڍي لي جائي، تو او کاوَي ھانَ مرڻ ݾون پيل، ٿنَي آشيرواد ڏَي ھانَ ايشوَر رِي برڪت ٿنَي ملَي۔“ 11 اِيئي تي يعقُوب آپرِي ما ربقا نَي ڪھيو ڪہ، ”پڻ اَما، ھيڪ بات ھَي۔ مھارَي ڀائي عيسُو رَي ڏيل تي تموم گھڻا باݪ ھَي، پڻ مھارَي ڏيل تي اِترا باݪ تو ھائِي ڪونھي۔ 12 جي مھارو اَبا مھنَي ھاٿ لگائي جووَي ھانَ اُوئي نَي خبر پڙَي ڪہ ھُون اُوئي نَي دوکو ڏيئون پڙيو، تو او مھنَي آشيرواد نا، پڻ لعنت رِي آشيرواد ڏيشَي۔“ 13 اُوئي رِي ما اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اي مھارا ڏيڪرا، ٿَي تي آوڻ آݪِي لعنت مھَي تي ھووَي۔ تُو رُگو مھارِي بات من ھانَ جائي ٻڪرِي را ٻي ڦݪيا مھنَي لائي ڏي۔“
14 پَڇي يعقُوب گيو ھانَ ٻڪرِي را ڦݪيا لائي آپرِي ما نَي ڏينا ھانَ ربقا ݾُٺو طعوم تيار ڪيئو، جھڙو اضحاق نَي پسند ھتو۔ 15 پَڇي ربقا آپرَي موٽَي ڏيڪرَي عيسُو را ݾُٺا گاڀا جڪو گھر ۾ ھتا، او لي نِنئي ڏيڪرَي يعقُوب نَي پيرڻ رَي ݾارُو ڏينا۔ 16 پَڇي اُوئي ٻڪرِي رَي ڦݪيون رِي کال اُوئي رَي ٻوھيون ھانَ ڪونڌَي تي جيٿ باݪ ڪونھي ھتا، بيڙھي ڇوڙيا۔ 17 پَڇي ربقا موݾ رو ݾاگ ھانَ ٻاٽِي يعقُوب نَي ڏينا۔
18 پَڇي يعقُوب آپرَي اَبا ڪڍي گيو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اَبا۔“ اضحاق پُوڇو ڪہ، ”تُو ڪُڻ ھَي، ڏيڪرا؟“ 19 يعقُوب آپرَي اَبا نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿارو موڀِي عيسُو ھون، جون ٿَي ڪھيو، اِيئوج مھَي ڪيئو ھَي۔ ھمَي تُو اُٺي ٻيݾ، ڪيونڪہ ھُون شِڪار رو موݾ لي آيو ھون۔ تُو کا ھانَ من ݾون مھنَي او آشيرواد ڏي۔“ 20 اضحاق آپرَي ڏيڪرَي ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڏيڪرا، ٿنَي اِترو ڇيڪو شِڪار ڪيڪر مِليو؟“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”پرميشوَر ٿارَي ايشوَر مھارِي مدد ڪِي۔“ 21 اِيئي تي اضحاق يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”ڏيڪرا، ٿوڙيو نيڙو آ، تو ھُون ٿنَي ھاٿ لگائي جوئُون ڪہ تُو ݾاچيلي عيسُو ھَي، جون نا؟“ 22 اِيئي تي يعقُوب آپرَي اَبا رَي نيڙو گيو ھانَ اضحاق اُوئي نَي ھاٿ لگائي جويو ھانَ ݾوچڻ لاگو ڪہ، ”ٻولڻ تو يعقُوب رو ھَي، پڻ ھاٿ تو عيسُو را ھَي۔“ 23 اضحاق يعقُوب نَي ڪونھي اوݪکيو، ڪيونڪہ اُوئي رَي ٻوھيون تي عيسُو آݪِي ڪار باݪ ھتا۔ اِيئي رَي ڪري اضحاق اُوئي نَي آشيرواد ڏيوَڻ رو اِرادو ڪيئو۔ 24 پڻ تو ڀِي اُوئي ڀڙي پُوڇو ڪہ، ”واقعي تُو مھارو ڏيڪرو عيسُو ھَي؟“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھاوي، ھُونج ھون۔“ 25 اِيئي تي اضحاق ڪھيو ڪہ، ”جڪو ٻاٽِي ٿَي شِڪار ڪيئوڙَي موݾ ݾون تيار ڪِي ھَي، او مھَي ڪڍي لي آ، تو ھُون کائُون ھانَ ٿنَي من ݾون آشيرواد ڏيئون۔“ اِيئي تي يعقُوب ٻاٽِي ھانَ انگُورون رو رس لائي آپرَي اَبا اضحاق نَي ڏينو ھانَ اُوئي کاڌو پيئو۔ 26 پَڇي اضحاق آپرَي ڏيڪرَي يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”ڏيڪرا، نيڙو آ، ھانَ مھنَي ٻاٿ گھاتي ميٺکِي ڏي۔“ 27 يعقُوب نيڙو گيو ھانَ آپرَي اَبا نَي ٻاٿ گھاتِي ھانَ اُوئي نَي ميٺکِي ڏينِي، تو اضحاق نَي اُوئي رَي گاڀون ݾون ݾُرِي باݾنا آئِي۔ اِيئي تي اُوئي اَي ڪئي آشيرواد ڏينِي ڪہ،
”مھارَي ڏيڪرَي رِي خُوشبو، اُوئي ٻنِي رِي خُوشبو جھڙِي ھَي،
جڪَي نَي پرميشوَر برڪت ڏينِي ھووَي۔
28 ايشوَر ٿنَي آڪاش رِي ماڪ،
ݾاوِي ٻنِي، تموم گھڻو ڌون
ھانَ انگُورون رو رس ڏَي۔
29 ايشوَر ڪرَي ڪہ قومون ٿارِي شيوا ڪرَي
ھانَ قبيلا ٿَي آگھي جُھڪَي۔
تُو آپرَي ڀايون رو ݾردار ھووَي
ھانَ او ٿَي آگھي جُھڪَي۔
جڪو ٿنَي پِٽشَي، اُوئون تي لعنت ھووَي
ھانَ جڪو ٿنَي آشيرواد ڏَي، اُوئي نَي برڪت ملشَي۔“
عيسُو رِي آشيرواد رَي ݾارُو مِنٿ
30 اضحاق ݾون آشيرواد ليوَڻ ݾون پَڇي، يعقُوب ٻاھر نڪرتو پڙيو، تو اُوئي رو ڀائي عيسُو شِڪار ڪري پاڇو آيو۔ 31 اُوئي ڀِي ݾُٺو طعوم تيار ڪيئو ھانَ آپرَي اَبا ڪڍي لي آيو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اَبا، اُٺي ٻيݾ ھانَ مھارَي ڪيئوڙَي شِڪار رو موݾ کا ھانَ مھنَي من ݾون آشيرواد ڏي۔“ 32 اضحاق پُوڇو ڪہ، ”تُو ڪُڻ ھَي؟“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھُون ٿارو موٽو ڏيڪرو عيسُو ھون۔“ 33 اَي ݾُڻي اضحاق ٻِي ۾ تموم گھڻو ڏڪڻ لاگو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”تو پَڇي او ڪُڻ ھتو، جڪَي ٿارَي آوڻ ݾون پيل، مھنَي شِڪار رو موݾ کݪائي آشيرواد لي گيو؟ ھمَي تو ايشوَر رِي خاص برڪت اُوئي نَي ملتِي ريشَي۔“ 34 جڏي عيسُو آپرَي اَبا رِي بات ݾُڻِي، تو اُوئي نَي تموم گھڻو ڏُک ھويو ھانَ او زور ݾون رڙَي ڪري آپرَي اَبا نَي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اَبا، مھنَي ڀِي آشيرواد ڏي۔“ 35 اِيئي تي اضحاق ڪھيو ڪہ، ”جڪو آشيرواد ھُون ٿنَي ڏيوَڻ آݪو ھتو، او تو ٿارو ڀائي دوکَي ݾون لي گيو ھَي۔“ 36 اِيئي تي عيسُو ڪھيو ڪہ، ”يعقُوب رَي نون رو مطلب دوکو ڏيوَڻ آݪو ھَي۔ جو، اُوئي مھنَي ڀڙي دوکو ڏينو ھَي۔ اُوئي مھَي ݾون موڀِي ھوئڻ رو حق، پيل ݾون ليئو رو ھانَ ھمَي او مھارِي آشيرواد ڀِي لي گيو۔ ڪِي ھمَي ٿَي ڪڍي مھارَي ݾارُو ڪو ڀِي آشيرواد ڪونھي؟“ 37 اضحاق يعقُوب نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، مھَي اُوئي نَي ٿارو ݾردار چُونڊيو ھَي ھانَ اُوئي را ݾجائِي ڀائي اُوئي رِي شيوا ڪرشَي۔ مھَي آشيرواد ڏينِي ھَي ڪہ ايشوَر ڌون ھانَ انگُورون رو رس اُوئي نَي ڏَي۔ ڏيڪرا، ھمَي ھُون ٿنَي ڪھڙِي آشيرواد ڏيئون؟“ 38 اِيئي تي عيسُو آپرَي اَبا نَي ڪھيو ڪہ، ”اَبا، ڪِي ٿَي ڪڍي رُگو اَئيج آشيرواد ھتِي؟ مھنَي ڀِي آشيرواد ڏي۔“ پَڇي عيسُو زور ݾون روئڻ لاگو۔ 39 اِيئي تي اُوئي رَي اَبا اضحاق اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،
”آباد ٻنِي ھانَ آڪاش رِي ماڪ تو ٿنَي ڪونھي ملَي۔
40 پڻ تُو آپرِي تلوار رَي وسيلَي زندگِي گُذارِي۔
تُو آپرَي ڀائي رِي شيوا ڪرِي،
پڻ جڏي تُو تنگ ھوئِي،
تو تُو آپرَي ڀائي ݾون جِند ڇوڙائي آزاد ھوئي جائِي۔“
عيسُو رِي يعقُوب ݾون نفرت
41 پَڇي عيسُو يعقُوب ݾون نفرت ڪرڻ لاگو، ڪيونڪہ اُوئون رَي ٻاپ اضحاق آپرَي نِنئي ڏيڪرَي يعقُوب نَي آشيرواد ڏينِي ھتِي۔ عيسُو آپرَي من ۾ ڪھيو ڪہ، ”اَبا رَي مرڻ رو ٽيم تو نيڙو ھَي۔ اُوئي ݾون پَڇي ھُون آپرَي ڀائي يعقُوب نَي ماري ڇوڙين۔“
42 جڏي ربقا نَي آپرَي موٽَي ڏيڪرَي عيسُو رَي بارَي ۾ خبر پڙِي، تو اُوئي آپرَي نِنئي ڏيڪرَي يعقُوب نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”جو ڏيڪرا، ٿارو ڀائي عيسُو اِيئي تاݪ ۾ ھَي ڪہ او آپرو بدلو ليوَڻ رَي ݾارُو ٿنَي ماري ڇوڙَي۔ 43 اِيئي رَي ڪري ڏيڪرا، تُو مھارِي بات ݾُڻ۔ اُٺِي ڇيڪائِي ڪر ھانَ حاران شھر ۾ مھارَي ڀائي لابن ڪڍي ناݾي جا۔ 44 جترِي توڻي ٿارَي ڀائي رِي ريݾ اُترَي نِي، تُو اوٿج رئي۔ 45 جڏي ٿارَي ڀائي رِي ريݾ گھٽ ھووَي ھانَ جڪو ڪئين ٿَي اُوئي ݾون ڪيئو ھَي، او بات پونتري نِي، تو پَڇي ھُون ٿنَي اوٿ ݾون پاڇو اَڻائين رو۔ ھُون ڪيئون ھيڪَي ڏِن ۾ ٿون ٻيئون ڏيڪرون نَي گُمائُون؟“
يعقُوب رو آپرَي مومَي لابن ڏيݾا جاوڻ
46 پَڇي ربقا آپرَي ڌڻِي اضحاق نَي ڪھيو ڪہ، ”عيسُو رَي لُگائَي جڪو حِتي قوم رَي ھَي، اِيئون ٻيجِي قوم رَي ڇوڪريون رَي ڪري ھُون آپرِي زندگِي ݾون بيزار ھون۔ جي يعقُوب ڀِي اِيئي مُلڪ رِي حِتي قوم رِي ڪَي ڇوڪرِي ݾون بيئان ڪرَي، تو اِيئي ݾون ڀلو ھَي ڪہ ھُون مري جائُون۔“