ݾارون رِي موت
23
ݾارون ھيڪ ݾئو ستاوِي ݾال توڻي جيتِي رئِي۔ 2 اُوئي ڪنعان مُلڪ رَي قريت اربع شھر، يعني حبرُون شھر رَي نيڙو دم ڏينو۔ اڀراھيم اُوئي رِي موت تي ڏُک ڪيئو ھانَ رُونو۔ 3 پَڇي اڀراھيم آپرِي لُگائِي رَي لاش ݾون اُٺي شھر ڏيݾا حِتي قوم ڪڍي گيو ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، 4 ”ھُون ٿون ڪڍي پرديسي ھون، مھنَي مُڪوم رَي ݾارُو ڪئين زمين بيچو ڪہ ھُون آپرِي لُگائِي نَي ٻُوري ݾگھون۔“ 5 اُوئون اڀراھيم نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، 6 ”مالڪ، مھورِي بات ݾُڻو۔ ٿي تو ھيڪ موٽا ݾردار ھو۔ مھورَي مُڪومون ۾ جڪو ڀِي ݾجون ݾون ݾُٺِي جگھا ھووَي، اوٿ آپرِي لُگائِي ٻُورو۔ مھون ۾ ڪو ڀِي ڪونھي پالَي۔“7 اِيئي تي اڀراھيم اُٺيو ھانَ حِتي قوم آݪون نَي نِمي اُوئون را ٿورا منيا۔ 8 پَڇي اڀراھيم اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٿونرِي اَي مرضِي ھَي ڪہ ھُون آپرِي لُگائِي نَي ايٿ ٻُورون، تو مھربونِي ڪري صُحر رَي ڏيڪرَي عقرُون نَي مھارِي پارت ڪرو، 9 ڪہ او آپرِي مڪفيلا آݪِي چُر، جڪو اُوئي رِي ٻنِي رَي ڇيڙَي ۾ ھَي، او مھنَي ݾجون رَي رُوبرو مول ڏَي۔ ھُون تو پُورِي رقم ڏئين ڪہ او چُر مھارِي ملڪيت ھووَي ھانَ گھٽ ۾ گھٽ ٿونرَي مُلڪ ۾ مھورِي آپرِي مُڪوم رِي جگھا تو ھووَي۔“ 10 اُوئي ٽيم عقرُون ڀِي اوٿ آپرِي قوم رَي مِنکون ڀيڙو شھر رَي در ڪڍي ٻيٺو ھتو۔ اُوئي ݾجون رَي رُوبرو اڀراھيم نَي ڪھيو ڪہ، 11 ”سائين، مھارِي بات ݾُڻ، مول رِي ڪو ڀِي بات ڪونھي، ھُون مُکت ۾ نِي رُگو چُر، پڻ او ٻنِي ڀِي اِيئي پنچائيت رَي رُوبرو ڏيئون ھون۔ جا ھانَ آپرِي لُگائِي رو لاش اُوئي چُر ۾ ٻُور۔“
12 اِيئي تي اڀراھيم ڀڙي اُوئون مِنکون آگھي نِمي اُوئون را ٿورا منيا۔ 13 پَڇي مِنکون رَي رُوبرو عقرُون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارِي مِنٿ ݾُڻ، ھُون ٿنَي اِيئي رو پُورو مول ڏيئون ھون۔ او مھَي ݾون لَي، تو پَڇي ھُون آپرِي لُگائِي رو لاش ٻُورين۔“
14 عقرُون اڀراھيم نَي ڪھيو ڪہ، 15 ”مھارا مالڪ ݾُڻ، اِيئي زمين رو مول تو رُگو چار ݾئو چوندِي را ݾِڪا ھَي، پڻ آپڻَي بِچ ۾ مول رِي ڪو ڀِي بات ڪونھي۔ اِيئي رَي ڪري جا ھانَ آپرِي لُگائِي نَي ٻُور۔“ 16 اڀراھيم عقرُون رِي بات منِي ھانَ اُوئي مِنکون رَي رُوبرو عقرُون نَي چار ݾئو چوندِي را ݾِڪا اُوئي وزن رَي حِساب ݾون تولي ڏينا، جڪو اُوئي ٽيم رو رواج ھتو۔
17 اِيئي نمُونَي عقرُون رِي او ٻنِي ھانَ مڪفيلا نون رِي چُر، جڪو ممري نون رِي جگھا رَي اُوگوڻَي پاݾَي ھتِي ھانَ ݾجائِي بَڻ جڪو اُوئي ٻنِي ۾ ھتا، 18 او ݾجائِي اڀراھيم رِي ملڪيت ھويا۔ حِتي قوم را مِنک، جڪو شھر رَي در ڪڍي ٻيٺا ھتا، اِيئي ݾجِي بات را گواھ ھويا۔ 19 پَڇي اڀراھيم آپرِي لُگائِي ݾارون نَي مڪفيلا رِي چُر ۾ ٻُورِي، جڪو ڪنعان مُلڪ ۾ ممري رَي اُوگوڻَي پاݾَي ھانَ حبرُون شھر رَي نيڙو ھَي۔ 20 اِيئي نمُونَي او ٻنِي ھانَ چُر حِتي قوم رَي طرفون مُڪومون رَي ݾارُو اڀراھيم رِي ملڪيت ھوئِي۔